Home / افيئر / !احمد شجاع پاشا آمريڪي صدر اوباما کان به طاقتور
above article banner

!احمد شجاع پاشا آمريڪي صدر اوباما کان به طاقتور

مشهور آمريڪي ميگزين “ٽائم” تازو سال جي بااثر ترين 100 شخصيتن جي هڪ فهرست پڌري ڪئي آهي. مذڪوره آمريڪي فهرست جو دلچسپ پهلو اهو آهي ته سڄي دنيا ۾ بااثر سمجهيو ويندڙ آمريڪي صدر اوباما پاڪستان جي ڳجهي اداري جي سربراهه احمد شجاع پاشا کان به گهٽ اثر رکندڙ ڏيکاريو ويو آهي. ڇوته اوباما اثر انداز ٿيڻ جي حوالي سان 86 نمبر تي آهي، جڏهن ته نمبر ون اوائل غنيم نالي اهو نوجوان آهي، جنهن مصر ۾ انٽرنيٽ وسيلي انقلاب جي راهه هموار ڪئي. نائين نمبر تي تحقيقاتي رپورٽن وسيلي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ جوليان اسانج آهي، 17هين نمبر تي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو سربراهه احمد شجاع پاشا آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پاڪستان ۾ اثرانداز ٿيندڙ سڀ کان طاقتور ترين شخص آهي. ان کانسواءِ سال جي ٻين طاقتور ترين شخصيتن ۾ آنگ سان سوچي، مشل اوباما، مقتديٰ الصدر، حسن نصرالله، پرنس وليم ۽ ڪيٽ ميڊلٽن، سيف الاسلام قذافي ۽ ٻيا شامل آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو