Home / ڪور افيئر / آمريڪا-پاڪستان ٽڪراءُ: خطي کي ڪيڏانهن وٺي ويندو؟
above article banner

آمريڪا-پاڪستان ٽڪراءُ: خطي کي ڪيڏانهن وٺي ويندو؟

 

آمريڪي سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت وڪي ليڪس جي ويجهڙ ۾ سامهون آيل رپورٽن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي ڳجهن ادارن وچ ۾ مفاصلو وڌي رهيو آهي. پاڪستان ته منڍ کان ئي آمريڪي انٽيليجنس ادارن جي سرگرمين جو مرڪز رهيو آهي. سرد جنگ دوران آمريڪي سي آءِ اي هن خطي ۾ پنهنجو پاڻ کي منظم ڪيو، جڏهن ته 1958ع واري مارشل لا ۾ به سي آءِ اي جو اهم ڪردار هو. ايوب خان پنهنجي جيون ڪٿا ۾ تسليم ڪيو آهي ته آمريڪا جي دوري دوران مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان اڳ سندس سي آءِ اي جي تڏهوڪي سربراهه ايلن ڊلس سان ملاقات ٿي هئي. هڪ وقت هو جڏهن ڊلس ڀائر آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا، جان فاسٽر ڊلس سيڪريٽري آف اسٽيٽ هو ۽ سندس ڀاءُ ايلسن ڊلس سي آءِ اي جو سربراهه هو. ايوب خان فوج جي سربراهه جي حيثيت ۾ آمريڪا بهار کي اهو باور ڪرايو هو ته سندس قيادت ۾ فوج آمريڪي مفادن جي تڪميل لاءِ اڳيان اڳيان هوندي. ليڪن ڏهن سالن جي اقتدار کانپوءِ هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. اهو ئي سبب هو جو هن رچرڊ نڪسن کي چيو هو ته “توهان آمريڪي ماڻهن کي استعمال ڪري پوءِ کين پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيندا آهيو.”

1963ع جي چين، ڀارت ۽ 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ايوب خان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياريو هو ته آمريڪا پاڪستان کي استعمال ڪري تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. 1971ع جي پاڪ-ڀارت جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ بنگلاديش جي قيام کانپوءِ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت بابت متوازن پاليسي اختيار ڪئي ۽ پاڪستان وسيلي چين سان رابطا قائم ڪري ماسڪو لاءِ ڏکيائيون پئدا ڪيون.

سرد جنگ جي خطرناڪ ڇڪتاڻ واري سياست 1973ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ ذوالفقار علي ڀٽوجي ڪردار ۽ ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ پ پ جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ جنرل ضياءُ الحق اقتدار تي قابض ٿي ويو. ضياءَ به اها ئي خارجه پاليسي اختيار ڪئي، جيڪا ڀٽو جي دور ۾ هئي. افغانستان جي بحران ان صورتحال کي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو. روسي فوجن جي افغانستان ۾ مداخلت کانپوءِ سڄو خطو اولهه جي انٽيلينس ادارن جو مرڪز بڻجي ويو. افغانستان ۾ روسين خلاف جنگ ۾ آءِ ايس آءِ هڪ طاقتور انٽيليجنس اداري طور سامهون آئي ۽ ان جا آمريڪي سي آءِ اي سان ويجها لاڳاپا قائم ٿيا. واٽرگيٽ اسڪينڊل پڌرو ڪندڙ آمريڪي صهافي باب ووڊورڊز آمريڪي سي آءِ اي جي ريگن دور جي سربراهه عيبي بابت لکيل ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو هو ته سي آءِ اي جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو مرڪز اسلام آباد ۾ آهي، جنرل ضياءُ الحق جي جهاز حادثي کانپوءِ بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ ٻين حڪومتن جي دور ۾ به آمريڪا ۽ پاڪستان جي ايجنسين وچ ۾ تعاون رهيو. پرويز مشرف جي نوَ سالا دور اقتدار ۾ سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ وچ ۾ اهو معاهدو برقرار رهيو، جيڪو 11 سيپٽمبر جي سانحي کانپوءِ آمريڪي ڌمڪي کانپوءِ ڪيو ويو هو. ان وقت صدر بش طرفان پاڪستان آڏو جيڪي نڪتا پيش ڪيا ويا هئا، انهن ۾ آمريڪي سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي هئي. افغانستان ۾ طالبان جي مزاحمت کانپوءِ ٻنهي سگهارن ادارن وچ ۾ بنيادي معلومات تي اتفاق باوجود طريقئه ڪار تي اختلاف موجدو رهيا. افغانسان کانسواءِ ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي جي معاملي ۾ به تڪرار پئدا ٿيا.

بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پ پ جي حڪومت قائم ٿي ته منڍ کان ئي واشنگٽن ۽ اسلام آباد ۾ اختلاف نظر آيا. خاص طور تي ريمنڊ يوس واقعي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي انٽيليجنس ادارن وچ ۾ اختلافن کي هر سطح تي محوسس ڪيو ويو. آمريڪي فوجي قيادت جو خيال آهي ته پاڪستان جا سگهارا ادارا حقاني نيٽ ورڪ جي حمايت ڪن ٿا، پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا افغانستان ۽ قبائلي علائقن اهڙو سشديد آپريسن نه پيا ڪن، جهڙو واشنگٽن جا پاليسي ساز ادارا چاهين ٿا. ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي خلاف ٿي سمجهي، ن ڪرڻ ئي توازن برقرار رکڻ لاءِ چين تي وڌيڪ انحصار ڪرڻجي پاليسي اسلام آباد اختيار ڪندو رهيو آهي.

اهو هڪ کليل راز آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي دفاعي اداري جو ڪنٽرول رهيو آهي. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ان ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي ته سگهارا ادارا حڪومت جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن. خود جيڪي ادارا اڄ ڪلهه سي آءِ اي سان تڪرار ۾ آهي، ان بابت پڻ سياسي اڳواڻن کي تحفظات آهن.

ريمنڊ ڊيوس واقعي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي انٽيليجنس ادارن وچ ۾ رابطو رهيو آهي، چيو وڇي ٿو ته پاڪستان حڪومت آمريڪي سي آءِ اي جي اهلڪارن ۽ ڳجهي مشن تي ڪم ڪندڙن جي انگ ۾ گهٽتائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ سي آءِ اي جي 335 اهلڪارن جي واپسي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي اسپيشل آپريشن فورس ۾ گهٽتائي لاءِ اسلام آباد تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. اهو به چيو پيو وڃي ته ٻنهي ملڪن جي افغانستان بابت اسٽريٽج ترجيحات ۾ هڪجهڙائي نه رهي آهي ۽ هڪٻئي تي الزام مڙهيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ بنيادي مسئلو ڊرون حملن جو به آهي، جنهن جو پاڪستان سخت مخالف آهي، پر واشنگٽن پنهنجي حڪمت عملي طور اهي جاري رکيون پيو اچي. حقيقت ۾ اهو خطرناڪ ڪوئي ٻلي واري رنگ آهي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون هڪٻئي جي ڪمزورين مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. پر معاشي طور مستحڪم نه هجڻ ڪري ۽ سياسي استحڪام نه هجڻ سبب پاڪستان واشنگٽن سان جارحاڻي پاليسي اختيار ڪرڻ کان ٽارو ڪري رهيو آهي.

ويجهڙ ۾ ئي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني طرفان آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان گڏ ڪابل جو دورو به واشنگٽن لاءِ هڪ پيغام ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته اسلام آباد اهو باور ڪرائڻ چاهيندو هجي ته اهو ڪرزئي حڪومت سان گڏجي معاشي، دفاعي ۽ سياسي معاملن تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو.

پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير واشنگٽن ۾ ڳالهين دوران آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڊرون پاليسي تبديل ڪرڻ جي حق ۾ آهي. آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن جو هلندڙ مهيني پاڪسان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان نون امڪانن جو مظهر هوندو. آمريڪي فوج جو سربراهه مائيڪل مولن به اسلام آباد کي دٻاءُ ۾ رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، ان سلسلي ۾ آمريڪي چيف آ اسٽاف جنرل مارٽن ۽ جنرل پيٽرياس جي پاڪستان جي فوجي سربراهن سان ملاقاتن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ رڳو ڊرون حملن بابت تڪرار آهي؟ يا ٻنهي ملڪن جون انٽيليجنس ايجنسيون پاڻ ۾ اٽڪيل آهن؟ ظاهري طرح ايئن لڳي ٿو، ليڪن حقيقتون ڪجهه ٻيون ٿيون ٻڌائين، ٻنهي ملڪن وچ ۾ حڪومتي سطح تي اڄ به رابطا آهن، اصل ۾ ان سڄي ويڙهاند سبب متاثر عام ماڻهو ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هيلتائين هزارين ماڻهو دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو کاڄ بڻيا آهن. ٻنهي سگهارن ادارن جا پنهنجا مفاد آهن، پر عام ماڻهو کي سندن تڪرار سان ڪا به دلچسپي ڪانهي. ڪجهه تجزئي نگار ان راءِ جا به آهن ته سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ تڪرار “نوراڪشتي” آهي ۽ اهي ٻئي ادارا شينهن ۽ ٻڪري گڏ ويهي شڪار ڪر رهيا اهن ۽ گڏوگڏ پنهنجو پنهنجو حصو پڻ کڻي رهيا آهن.

لنڊن جي اخبار ٽائمز موهالي ڪرڪيٽ ڊپلوميشي بابت لکيو هوته “ڀارتي وزيراظم من موهن سنگهه سان پاڪستان جي فوجي سربراهه جا ڪيترائي مهينا اڳ خفيه رابطا ٿيا ئا. ان جي جيتوڻيڪ ترديد ڪئي وئي آهي، پر واقعا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان ۽ ڀارت جا فوجي سربراهه افغانستان جي تناظر ۾ پنهنجي پنهنجي پوزيشن مضوط ڪرڻ ۽ خطي ۾ آمريڪي مفادن جي پيش نظر ڇڪتاڻ باوجود ڳجهيون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن. چيووڃي ٿو ته آءِ ايس آءِ جي سبراهه واشنگٽن ۾ سي آءِ اي سربراهه کي چار مطالبي پيش ڪيا هئا، جن ۾ ڊرون حملن جو خاتمو، شمسي ايئربيس جو معاملو ۽ پاڪستان ۾ جاسوسي سرگرميون محدود ڪرڻ شامل هئا.

اها حقيقت به نه وسارڻ کپي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هميشه آمريڪا جي ساٿاري رهي آهي. ليڪن هن وقت عوامجي روئي کان ڊڄي پاڻ کي آمريڪا مخالف ظاهر ڪري رهي آهي. ان کيڏاڙ ۾ اها ڪيترو ٿي ڪامياب ٿئي ۽ اقتداري ايوانن تي ڪيتري گرفت ضبوط ٿي رکي سگهي، ان جو مدار عوام جي مجموعي روئي ۽ وچ اوڀر جي تبديل ٿيندڙ حالتن تي پڻ آهي.

آءِ ايس آءِ کي دهشتگردي جي فهرست ۾شاملڪرڻ واري وڪي ليڪس جي رپورٽ پراڻي آهي. اصلي مسئلو اهو آهي ته آمريڪا ۽ اولهه جون طاقتون هتان جي فوجي طاقتن ۽ سگهارن ادارن کي استعمال ڪرڻ کانسواءِ تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، جنهن کان جرنيلي ۽ اقتداري سياسي مهرا ڊنل آهن. اهو تڪرار ضرور ڪو نه رخ وٺي سگهي ٿو، ليڪن عوام اهڙن فضول تڪرار ۾ پوڻ بدران آزاد ۽ مخيار ملڪ ۾ عزت سان جيئڻ جو خواهشمند آهي، جيڪو کيس شايد ئي پلئه پوي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو