Home / افيئر / !آسٽريليا ۾ بيروزگاري- پرڏيهي واپس موٽڻ لڳا
above article banner

!آسٽريليا ۾ بيروزگاري- پرڏيهي واپس موٽڻ لڳا

آسٽريليا ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ نوڪرين جي کوٽ سبب ٻاهرين ملڪن مان لڏي آسٽريليا اچي مستقل رهائش اختيار ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ واپس موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب ڪجهه سال اڳ تائين ايشيا ۽ يورپ مان آسٽريليا ۾ آباد ٿيندڙ شهري هاڻي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس موٽڻ تي مجبور آهن. آسٽريليا دنيا لاءِ پرسڪون ۽ پرامن ملڪ رهيو آهي. جتي هنرمند ۽ غير هنرمند ماڻهو دنيا جي مختلف ملڪن مان انڪري اچي هتي رهندا هئا، جو هتي روزگار سولائي سان ملي ويندو هو. کاڌخوراڪ جون شيون سستيون هيون ۽ رهائش لاءِ گهر سولائيءَ سان ملي ويندا هئا. فلاحي رياست هجڻ سبب شهرين کي تعليم، صحت ۽ روزگار جون زبردست سهولتون حاصل هيون. پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي. مهانگائي ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته روزگار به هاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو