Home / افيئر / !ڀَنڀرڪي جي آس
above article banner

!ڀَنڀرڪي جي آس

 

اوهان سان اڄوڪي ويچار وَنڊَ شايد سلسليوار نه رهي سگهي. اڳواٽ هٿ ٻَڌَ. مون پارن جيتامڙن جي هن معاشري ۾ وٿُ آهي ئي ڪيتري! پئسي ڏوڪڙ جي بنياد تي ڪٿ ڪبي ته ڪنهن سُڃي ڍانڍ جي ڳالهه ۾ وزن ڪهڙو ٿو هجي. ڪردار ۽ گڏيل سماجي ڏاهپ تي اثر ڇڏڻ جو معاملو سامهون رکجي تڏهن پڻ ڄاڙي باز واندن کي ليکي به ته ڪير؟ عام معاشرتي زندگيءَ ۾ غوطو کائي منڍي ٻاهر ڪندا ته مٺ واريءَ سان ڀريل. عقل جا املهه موتي پلئه پوڻ سولو ڪونهي. پياري ديس جي دلبر ماڻهن کي هونئن به اهڙا مڻيا کپن ڇو ٿا. جن کي اڪابر ٿو ڪوٺجي سي ته سدائين مونجهارا پئدا ڪرڻ وارا ارواح ئي سمجهيا ويا. ٻاهرئين دروازي تي فالتو شخص ويٺل هجي. گهڙيءَ گهڙيءَ ڪڙو کڙڪائيندو رهي. مطلب اوهان جي ننڊ ڦٽائڻ هجيس. پنهنجي پرَ گهر ڌڻين کي سُجاڳ رکڻ جي ڪرت ۾ رڌل. ان انسان تي چڙ نه ايندي ته ٻيو ڇا؟ معصوميت جي نڙي گهُٽي پاڻ هن سوسائٽي کي خالي ڪري چڪا آهيون. روشن مثال ۽ اتساهه ڏياريندڙ قصا کڻبا به ته تبليغ جي ٺَرَڪَ پوري ڪرڻ لاءِ. چڱين ڳالهين تي عمل فقط ٻين ڪاڻ نصيحت طور سانڍبو. خود زماني جي ڪُک ۾ چڪُ وجهي پورو رتُ چوسبو. دامن اڳتي وڌائي جڳ کي نينڍ ڏبي ته منجهس ڪوئي داغ لڀي سگهن ٿا ته ڳولهين. سيني تي پکڙيل وارن ۾ بوءِ ته هونئن به مردانگيءَ جي علامت ڄاتي وڃي ٿي. اُرهه زورائي، مڙس ماڻهوءَ جو شان. ڏاڍو سو گابو. طاقت واري کي سلام!

ويهين صديءَ اسان کي ڇا ڏنو- تنهن تي گذريل پندرنهن ورهين کان بحث هلي رهيو آهي. سياسي ۽ سماجي علمن جا ماهر اتهاس مان انيڪ حوالا چونڊي لوڪ کي ڊگها خطبا ڏئي چڪا آهن ۽ اڃا اهو سلسلو ختم نه ٿيو آهي. حياتيءَ جي هر شعبي ۾ ترقي پهريائين اچي ٿي- سندن چوڻ آهي. اوتري شدت سان تباهيءَ کي پڻ ڳڻڻو پوندو. ٻه وڏيون جنگيون. ائٽم بم. زلزلا. ٻوڏون. حادثا. بيماريون. ڏُڪار. بک. سُجاڳي- هنن جي خيال ۾ ٽيون اهم عنوان آهي. ايئن اهڙي جدول لقائن سان ٽُٻٽار آهي. گلوبل وليج يا خلق جي هڪٻئي تائين پهچ جا اچرج ۾ وجهندڙ وسيلا ۽ انهن جي رفتار پڻ حاصلات ۾ اچن ٿا. هڪ سئو سال اڳ جي شهري ۽ هاڻوڪي منش ۾ تفاوت سندس ڇيد ڪرڻ جي اهليت جي بنياد تي به ڪيو پيو وڃي. هينئر وٽس معلومات جي اڻاٺ ناهي. ڇنڊڇاڻ جي طور طريقن ۾ ڀرپور مهارت رکي ٿو. مامرا سامهون آڻيوس ۽ هو ونڊ ڪٽ شروع ڪري پاڇي توهان آڏو رکندو. قبولڻ کان انڪاري آهيو تڏهن به ان اختيار جي تحفظ جو وچن توهان جي پُٺي ٺپي رهيو هوندو. آجپو- پوءِ کڻي نسبتي- چوٿين پنجين نمبر تي ملندو. لفظ نسبتي رڳو آجپي لاءِ ان ڪري ٿو لکجي ته ڪنهن ٻئي اهڃاڻ جي ڀيٽ ۾ ڇوٽڪاري جو ڦل هيلتائين پبلڪ ويچاريءَ جي ڀاڱي ۾ نه آيو آهي. سائبر دنيا ۾ وسندڙ شهري ڏهاڙي وڌيڪ جڪڙبا ٿا وڃن. کين هڪليندڙ ڌنار به وقت سان ٻِٽُ، مڪاريءَ ۾ مهارت حاصل ڪندا پيا وڃن.

گڏيل طور نهارجي ته ويهين صديءَ انسان کي سندس انفراديت موٽائي ڏني. پراچين زماني ۾ هُن سندي ذات، اجتماعي زندگي اختيار ڪرڻ مهل، قربان ڪري ڪٽنب، سماج ۽ رياست کي جنم ڏنو. وِچين دور ۾ هُو اڪيلو (يا فرد) ڪڏهن نه رهيو. سدائين مٿس سوشل مَتَا لاڳو ٿيل. قائدن ۽ رواجن ۾ جڪڙيل. اڪثريت روبرو ڪنڌ نمائي بيٺل. گذري ويل هڪ سئو ورهيه برابر خون جون نديون وهائيندي لنگهيا پر انهن توهان، مون ۽ ٻين سڀني کي “پَاڻُ” موٽائي ڏنو. سگهاري اَنا. آءٌ، تون، اُهي…. انيڪ اسم ضمير، سوسائٽي ۾ ڪنڌ مٿي کڻڻ لڳا. فرد، اهم ٿيڻ لڳو. ڪڙم ۽ رياست ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيا. ڌرتيءَ تي ڳاڻيٽي کان ٻاهر جاگرافيائي تبديليون آيون. عوام سُک خاطر سوويت يونين جوڙي ۽ ڪنُ ڇنندي محسوس ڪري اُن کي ٽوڙي ڇڏيو. صديون پراڻي عثماني سلطنت پَٽ پئي. سامراج جي وڏي پئماني تي تڏا ويڙهه ٿي. ايشيا ۽ آفريقا، باکون ڦٽڻ جي نئين آشا جو ٻج ڇاتيءَ ۾ لهندي پاتو. نڪور سماجي معاهدن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا.

ايندڙ سمئه پنهنجي گرڀ ۾ ڇا رکي ويٺو آهي؟ رڳو ايڪويهين صديءَ جي ڳالهه ڪجي ته ڏهاڪو سال، اڳ ئي گهاري چُڪا آهيون. نائن اليون جو ڪارو ٽِڪو دنيا جي نراڙ تي آهي. واقعي ۾ ٿيل تباهي ۽ تنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي ڇتَ ڪُتائي. مڇريل واگههُ ايشيا ۾ ڪاهي آيو. لکين معصوم انسان ماري وڌائين. الاهي ملڪ بارود جي بوءِ ڀريل آهن. سي آءِ اي، فيل مست لڳي جڳ کي لتاڙي رهي آهي. پاڻ پارين رياستن جا ابابيل کانئس ڀاڙو وٺي مٿان ڪٿان آسمان مان پنهنجي پرڳڻي جي ئي خلق تي پٿريون وسائي رهيا آهن. تازي هوا ۾ ڪنهن حد تائين ساهه کڻڻ جي آسيس ماڻيندڙ انسانذات، مشروط ڇوٽڪاري بابت ويچاري رهي آهي. ڏاها سندس روبرو آجپو پر نسبتيءَ جي اصطلاح کنيو بيٺا آهن. آدرش پائڻ جي تمنا اڃا خواهش ئي آهي. گهَٽَ ۽ گهيڙَ نهايت پابنديءَ سان بند ڪيل آهن. ڌرتيءَ تي لوڪ، هڪ ڌڻ مثل ڪيڏي مهل هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن ڌڪيو پيو وڃي.

ننڍڙي راءِ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪا رياست پنهنجي خلاف ڪروڌ سان منهن ڏيندي. کيس قائم رکڻ وارا ادارا زد ۾ هوندا. هيلتائين شهرين تي ڪيل هُنن جا ڪلور سوال هيٺ ايندا. عربن وانگر باقي جهان به چِپيون مهٽيندو اُٿندو. تحرير، پرل، تيان من…. اهي ۽ ٻيا کوڙ چئوسول وڄي اُٿندا. پبلڪ، قومي سلامتيءَ جي ڪُڌي نالي ۾ جاري خوف جي راڄ مخالف، سگهاري دَروهه جي رنگ ۾ رڱجي ويندي. ممڪن آهي ته اهو لقاءُ ڏسڻ لاءِ گهڻو انتظار ڪرڻو پوي. پَرَ، وقت جو پنهنجو بَرُ آهي. ڪنهن نه ڪنهن گهڙيءَ ايئن اوس ٿيڻو آهي. پاڻ جيئرا هجئون يا نه. ڊپ، ڊاءَ ۽ خوف مان آجو ٿيڻ هن صديءَ جي پهرين وڏي حاصلات هوندي. مون جهڙي جيتامڙي کي ڪجهه اهڙيءَ ريت سمجهه اچي رهي آهي. ماڻهو رياستي ادارن جي گرڙ پکيءَ جي ڳچيءَ هٿ وجهندا. آزاد ملڪ جن کي سڏيو ٿو وڃي جيئن آمريڪا، انگلينڊ، فرانس تن جا رهواسي پاڻ بغاءَ لاءِ سنڀري رهيا آهن. نيويارڪ واسي نائن اليون جي حوالي کان انوکا سوال پُڇي رهيا آهن. سڀ کان اول ڊڪ چينيءَ کي ڳولهي رهيا آهن. آمريڪا سرڪار جي جنوني پرڏيهي پاليسي جي نتيجي ۾ سڄي معاشري جي نيڪ نامي داوَ تي لڳائڻ لاءِ تيار نه آهن. وغيره. ڌرتيءَ تي ساهه کڻندڙ ارواح هڪ نئين ڪٽنب جي شڪل وٺي رهيا آهن. هڪٻئي جو درد محسوس ڪرڻ جي شروعات آهي. چئي نه ٿو سگهجي ته اها ايڪانيت زمين تي ڇانيل ڊگهي رات جي ڪيترو جلد پڄاڻي آهي. معلوم ناهي ڇو پوءِ به ڀنڀرڪي جي آس مَنَ مان نه ٿي وڃي.

ان صورتحال ڏانهن اسان جي ماڻهوءَ جو ردعمل ڇا هوندو؟ سنڌ جي نوجوان ٽهي ڪڏهن ڪرُ موڙيندي ۽ مٿان پٿريون وسائيندڙ ابابيل سندس اک ۾ هوندا- اُميد آهي ته گهڻي دير نه لڳندي. پوءِ به، اسان جو پنڌ ڊگهو ۽ اڻانگو آهي- نه وسارڻ کپي. سڌو سنئون نوجوان سان مخاطب ٿجي ته کيس ڇا چئجي؟ اهو ئي ته اتحاد ۽ ايڪو ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهن. تعليم ۽ فقط تعليم ئي هن کي رستي جو سونهون ڪندي. کين ئي اڳتي وڌي خلق جي رهبري ڪرڻي پوندي. مون جهڙا کوڙ ڇٽل ڪارتوس، ٽڙئون ٽڙئون پيا ڪن. هُن کي پنهنجي دل جي ٻڌڻي پوندي، ساڻيهه سان لگن هڪ مانجهاندي منزل تائين پڄائي ئي ويندس- ويساهه رکي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو