Home / سياسي افيئر / !ڀٽو ڪيس: سياسي ڪارڊ ۽ عدليه
above article banner

!ڀٽو ڪيس: سياسي ڪارڊ ۽ عدليه

عوام جي عدالت کي سڀ کان وڏي عدالت تسليم ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ جي جيالا حڪمرانن پاران شهيد ڀٽي جو ٽي ڏهاڪا پراڻو قتل ڪيس وري عدليه جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ وارو فيصلو دانشمندي آهي يا سياسي چالبازي، ان عام سوال جو جواب اچو ته ڪوئي تلاش گمشده جهڙو اشتهار لکي ڳولهيون! اشتهار لکي جواب ڳولهڻ ان ڪري ضروري آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ريفرنس داخل ڪندڙ حڪمران سڌو جواب ڏيڻ بجاءِ ماضيءَ جي قصن وارين اونداهين گهٽين ۾ پيل دليل ڳولهي اچڻ جو ڏس ڏين ٿا. سٺي حڪمراني نه ڏئي سگهندڙ حڪمران پنهنجي حڪومتي ۽ سياسي بقا جي جنگ ۾ مصروف آهن، ان حقيقت تي ڪو به شڪ نه آهي. پر تباهيءَ جي ور چڙهيل معيشت جا سور سهندڙ عوام کي شهيد ڀٽي جي بيگناهيءَ جو عدالتي سرٽيفڪيٽ ڪهڙو سک ڏيندو؟ هي اهو بنيادي سوال آهي، جيڪو پڇڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. ڪٽوتي ڪرڻ کانپوءِ مليل ترقياتي بجيٽ کي خرچ نه ڪري سگهندڙ حڪومت ٿر ڪول رٿا جو پلان جوڙي نه سگهي آهي، ”ڳڀو، ڪپڙو ۽ گهر“ بينرن تي لکڻ لاءِ وقف ٿي رهجي ويا آهن، ان خراب ڪارڪردگيءَ جي هوندي شايد ته وري به لاشن جي سياست ئي سندن سياسي مستقبل کي بچائي سگهي ٿي. پهريان ته صرف هڪ لاش هو هاڻي کين ووٽ وٺڻ لاءِ ٻن لاشن جو مضبوط سهارو ملي پيو آهي. پهريون عوامي ۽ چونڊيل وزيراعظم اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪي پيو، ڊڪٽيٽر پاران سندس زندگيءَ ۽ اقتدار تي هنيل راتاهي بابت اڄوڪو نسل به چوي ٿو ته سراسر ناجائز هو. تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ضياءُالحق هاڻي به ذوالفقار ڀٽي سامهون نِوِڙيو بيٺو آهي، تاريخ پنهنجو فيصلو عوام جي واتان دهرائيندي رهي آهي ته ذوالفقار ڀٽو کي ججن ذريعي ناجائز انداز سان قتل ڪرايو ويو. هر ڀيري پيپلزپارٽيءَ جي حمايت ۾ ووٽ جي پرچيءَ تي لڳندڙ هر ٺپي جي گونج مان تنهن وقت جي عدالت ۽ آمريت ڀٽو جي اڳيان شڪست کائيندي رهي آهي ته پوءِ بابر اعواڻ کي پنهنجا گناهه بخشائڻ ۽ احمد رضا قصوريءَ کي پنهنجا ڪوڙا داستان دهرائڻ جو موقعو ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي آهي؟

صدرمملڪت ۽ پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداريءَ پاران سپريم ڪورٽ کي اماڻيل ريفرنس کي اگر موجوده سياسي صورتحال کان ڌار ڪري بحث هيٺ آڻبو ته پوءِ شايد ريفرنس داخل ڪرڻ جي مقصد کي سمجهڻ مشڪل ٿي پوي. اهو دليل محض چشڪو وٺڻ لاءِ بهتر آهي ته ”اسان تاريخ درست ڪرائڻ چاهيون ٿا“ پر شهيد ڀٽي جي حوالي سان عوام جي تاريخ ته پهريان ئي ٺيڪ آهي ته پوءِ ملڪي سطح جي اهڙي ڪهڙي سياسي رمز آهي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ جي رڪارڊ کي ٺيڪ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن معاملي ۾ پنجاب جو قانون وارو وزير راڻا ثناءُ الله شايد درست پيو چوي ته ” پيپلزپارٽيءَ وارا ريفرنس داخل ڪري ڍونگ رچائي رهيا آهن“. جڏهن اڃا ريفرنس داخل ڪرڻ وارو فيصلو بحث هيٺ هو تڏهن ئي ڪنهن قانوني ماهر چيو هو ته اگر ريفرنس آئين جي آرٽيڪل 186 تحت داخل ڪيو ويندو ته پوءِ عدالت صرف راءِ ڏئي سگهندي ته ذوالفقار علي ڀٽي جو قتل صحيح هو يا غلط. پر اگر پيپلزپارٽي قيادت چاهي ٿي ته غلط فيصلو ڪندڙن کي سزا به ملي ته ان لاءِ کين آرٽيڪل 184 ۽ ٻين لاڳاپيل آرٽيڪلز تحت ريفرنس داخل ڪرڻو پوندو. منجهائيندڙ صورتحال اها آهي ته وزارت ڇڏرائي آصف زرداريءَ پاران سپريم ڪورٽ جي پِڙَ تي لاٿل بابر اعواڻ ريفرنس جي سماعت دوران جيڪي دليل ڏنا انهن جي آڌار عدالت کي اهو بار بار چوڻو پيو آهي ته صدر ريفرنس داخل ڪرڻ جا سبب واضح ڪري. هڪ موقعي تي ته عدالت اهو به چيو ته ريفرنس جي ٻولي اهڙي لکي وئي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته ريفرنس صدر نه پر ڪنهن ڊرافٽس مين لکيو آهي. عدالت جي ڪارروائي جو ويجهڙائيءَ کان جائزو وٺندڙ سمجهن ٿا ته عدالت جو اهو سوال بنيادي نوعيت جو آهي. جنهن آرٽيڪل مطابق ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي ان آرٽيڪل تحت عدالت صرف اهو چئي سگهندي ته شهيد ڀٽو کي ڦاسيءَ جي سزا ”درست“ يا ”غلط“ هئي. پر صدر جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت سامهون جيڪي دليل ڏنا آهن ان منجهان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته صدر چاهي ٿو ته شهيد ڀٽو کي سزا ڏيندڙ ان وقت جي ججن، وعده معاف گواهن ۽ فوجي جنتا کي ڀٽو جي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي کين علامتي سزا به ڏني وڃي. اهي ڳالهيون ان سوال کي وڌيڪ نمايان ڪن ٿيون جنهن سوال تحت عام ماڻهو اهو سمجهڻ چاهي ٿو ته ريفرنس داخل ڪرڻ جا ڪهڙا فائدا حاصل ٿيندا ۽ حڪومت اگر ريفرنس داخل ڪرڻ وارن آرٽيڪلز جي مقصد کي طئي ڪرڻ ۽ دليل پيش ڪرڻ جي نوعيت ۾ ئي تضاد پيدا ڪرڻ چاهي ٿي ته ڇا ان جو مقصد صرف اهو آهي ته عدالت جي ڪردار تي سوال اڀاري ريفرنس جي آڙ ۾ وقت کي اينگهائجي!!

جن ججن ذوالفقار علي ڀٽو کي سزا ٻڌائي هئي انهن مان صرف هڪ جسٽس (ر) نسيم حسن شاهه زنده آهي جڏهن ته جنهن شخص جي ڪري شهيد ڀٽو مٿان قتل ڪيس داخل ٿيو اهو احمد رضا قصوري به پنهنجورهجي ويل ذاتي بغض ۽ ڪينو نئين صورتحال مطابق ٻاهر ڪڍڻ لاءِ موجود آهي. مختصر سياسي تاريخ مان ئي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به پيپلزپارٽيءَ جي خيرخواهه ناهي رهي، پنهنجي ”لفظي“ آزاديءَ کانپوءِ موجوده عدليه جو رويو هڪ حد تائين پيپلزپارٽيءَ سان غيرجانبدارانه نه آهي. پر ايئن چوڻ ڪنهن به ريت مناسب نه ٿيندو ته اڄ جي عدليه ۽ ضياءُالحق جي عدالتن ۾ ڪوئي فرق نه آهي. ان ڪري ئي شهيد ڀٽي جي عدالتي قتل متعلق ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ موجوده سپريم ڪورٽ پاران غيرمحسوساتي انداز سان پيپلزپارٽي قيادت کي اهو اشارو ڏنو پيو وڃي ته اگر توهان شهيد ڀٽي جي بيگناهيءَ سان گڏ ماضيءَ جي ڊڪٽيٽر، ججن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ساٿارين کي سزا ڏيارڻ چاهيو پيا ته ريفرنس لاڳاپيل آرٽيڪلز مطابق داخل ڪيو. اسلام آباد جا تجزئي نگار سمجهن ٿا ته عدالت شهيد ڀٽي جو ڪيس تفصيلي انداز سان ٻڌي عدليه جي تاريخ درست ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. توڙي جي هن وقت جي ”ڳجهي جنتا“ چاهي ٿي ته هي ڪيس کولي پيپلزپارٽي صرف سياست ڪري رهي آهي ۽ طاقتور ڌرجي ڪردار کي خراب ڪرڻ چاهي ٿي. ”ڳجهي جنتا“ چاهي ٿي ته ريفرنس جي جيڪا به ڪارروائي ٿئي ان جي آخر ۾ فيصلو اهو اچي ته شهيد ڀٽي جي قتل پٺيان سڄي جو سڄو ڪردار آمريڪا جو هيو. پاڪستاني حڪمرانن اهو ڪم ملڪي بقا تحت ڪيو پر کين ايئن ڪرڻ نه گهرجي ها ان ڪري سندن ڪردار گهٽ سازش وارو آهي. اهڙو پيغام وڏي ميڊيا جي ڪجهه پروگرامن مان ٻڌي سگهجي ٿو!

ريمنڊ ڊيوس ڪيس کانپوءِ جيڪا صورتحال اسلام آباد ۽ واشنگٽن وچ ۾ اڀري آئي، ان صورتحال جو فائدو وٺندي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ ڊرون حملن خلاف انتهائي سخت بيان ڏنو. پاڪستان ۽ آمريڪا جا فوجي لاڳاپا تقريبن ختم ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيا آهن. اهڙي معاملي جي نزاڪت ئي هئي جو صدر آصف زرداريءَ کي آرمي چيف سان هڪجهڙائي ڏيکارڻ لاءِ آمريڪا خلاف سخت بيان ڏيڻو پيو جنهن ۾ هن آمريڪي قيادت تي سخت اعتراض ظاهر ڪيا. هاڻي ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي ته ”ملڪ جي مالڪ“ ڌرين تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ٻين پاڪيٽ پارٽين کي ڊرون حملن خلاف عوامي قسم جو احتجاج ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. حڪومت اهڙي احتجاج تي نه لٺبازي ڪري سگهندي نه ئي احتجاج ڪندڙن کي جيل ڀيڙو ڪرڻ جو اخلاقي جواز موجود آهي. نتيجي ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي مفاد پهريان ۽ ان جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي_ آمريڪا لاڳاپا بعد ۾ متاثر ٿيندا. اها آمريڪا جي روِش رهي آهي ته جيڪو به سندن مفادن جي نگهباني نه ڪري سگهندو آمريڪا ان جو ساٿ يا ته نه ڏيندو آهي ۽ اگر ڏئي رهيو هوندو آهي ته ان سان سهڪار ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ”موجوده جنتا“ ته ڪيترا ئي مهينا پهريان آصف زرداري کي صدارتي عهدي تان هٽي وڃڻ جو چئي چڪي آهي پر اهي آمريڪي آهن جن سندس واهر ڪئي. هاڻي اين آر او ڪيس به فيصله ڪن مرحلي ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، پي پي مخالف سياسي پارٽيون، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي گورننس جي شعبي ۾ حڪومتي ناڪاميءَ جي پراڻي پڪي راڳ کي ڳائيندي اهو مطالبو ڪرڻ لڳيون آهن ته هاڻي هن حڪومت مان جند آجي ڪرائي وڃي. گهڻي ڀاڱي ان صورتحال جو اندازو ڪري آصف علي زرداريءَ پاران شهيد ڀٽو جي قتل ڪيس متعلق ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ته جيئن ان ريفرنس جي بهاني حڪومت جو عارضي جيئندان وٺي سگهجي. ايندڙ مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن جو بار بار ورجائجندڙ قصو هتي به ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو. پيپلزپارٽي قيادت پنهنجي طويل پارلياماني ۽ سياسي اثر و رسوخ لاءِ انهن چونڊڻ ۾ هر قيمت تي ڪاميابي ماڻڻ چاهي ٿي. ان ڪري ئي ”ڳجهي جنتا“ به چوي ٿي ته شهيد ڀٽو وارو ريفرنس سياسي چالبازي آهي ته ڇو ته ان ريفرنس جي فيصلي کان اڳ اگر حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي عوامي همدردي وٺڻ جي قابل ٿي ويندي ۽ کين نئين سياسي حياتي ملي پوندي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته فيصلا ڪندڙ ڌرين لاءِ هي ريفرنس نه ڳهڻ جهڙو آهي نه ٿوڪارڻ جهڙو. ”جنتا“ جي اهڙي مجبوريءَ جو ئي فائدو وٺڻ لاءِ پيپلزپارٽي ڄاڻي واڻي ريفرنس جي ٻولي، دليلن ۽ مقصدن جي بهاني وقت اينگهائڻ چاهي ٿي.

ان دليل جي مخالفت ڪندڙ چون ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته عدالت پيپلزپارٽيءَ سان ٻِٽُ ٿيل آهي يا عدالت ٻين ڌرين کي ناراض ڪري پيپلزپارٽيءَ کي سندن دل گهريو وقت ڏيندي رهندي؟ ان اعتراض جو جواب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽيءَ سان سهڪار نه پئي ڪري پر عدالت مٿان پيپلزپارٽي پاران هميشه اعتراض ڪيا ويا آهن ان ڪري اگر عدالت جلديءَ ۾ ريفرنس خارج ڪندي يا ان تي تڪڙ ۾ پنهنجي پسند جو ڪو به فيصلو ڏيندي ته ان صورت ۾ به فائدو پيپلزپارٽيءَ کي ئي ٿيندو. جڏهن ته پ پ کان سواءِ سڀ ڌريون اهو چاهن ٿيون ان ڏس ۾ پيپلزپارٽيءَ کي اهڙو موقعو نه ڏجي جنهن جي نتيجي ۾ کين مستقبل جي سياست ۾ وڏو فائدو ٿئي. فيصلو اهڙو ئي ٿيندو جو جيالا زوردار تقريرون ڪن ته ”شهيد ڀٽو کي ٽن ڏهاڪن بعد بيگناهه ثابت ڪري تاريخ درست ڪرائي عوام کي فتح ڏياري ڇڏي سون ۽ آمريت واري سوچ کي شڪست نصيب ٿي آهي، حق کي ڪڏهن به شڪست ناهي ملندي وغيره وغيره“ جڏهن ته ساڳي ريت عدليه ۽ عدليه جي آزاديءَ جا دعويدار به هوڪا هڻندا وتندا ته ”موجوده عدليه جهڙي آزاد ۽ آمريت مخالف عدليه تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن نه هئي ۽ نه ٿي سگهندي وغيره وغيره“ سو ٻنهي ڌرين لاءِ صورتحال هڪجيتري ڪاميابي حاصل ڪرڻ واري هوندي. پر اهڙي نتيجي حاصل ڪرڻ ۾ وقت ضرور لڳندو. جنهن جو فائدو پيپلزپارٽيءَ کي ئي ٿيندو. پر اهو فائدو اڳتي هلي ڳرو ٿي سگهي ٿو.

شهيد ڀٽو جي ڪيس متعلق تاريخي فيصلو (پيپلزپارٽيءَ جي موقف مطابق) اچڻ کانپوءِ اين آر او ۽ ٻين اهڙن ڪيسن تي سخت فيصلا اچي سگهن ٿا جيڪي وري پيپلزپارٽي قيادت جي نڙيءَ ۾ اٽڪيل آهن جن کي جيالا ليڊر نه ڳهي سگهن ٿا نه ٿوڪاري سگهن ٿا. اهڙي صورتحال اگر پيدا ٿي ته پيپلزپارٽيءَ وارا عدالت تي ڪهڙي منهن سان تنقيد ڪري سگهندا، ڇو ته شهيد ڀٽي ڪيس ۾ ته هو عدالتي فيصلي کي عوام جي ۽ حق جي فتح قرار ڏيندا پر اهڙي ڪنهن به فيصلي کي جيڪو حڪومت جي منشا خلاف هوندو ان کي ڪيئن تنقيد جو نشانو بڻائي سگهندا؟ اگر بڻائيندا ته مٿن الزام لڳندو ته هو عدالتون ۽ سندن فيصلا پنهنجي پسند وارا ڏسڻ چاهن ٿا. اها صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان 80 سيڪڙو آهن. باقي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته صدارتي ريفرنس متعلق سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ڪيترن مهينن ۾ ۽ ان کانپوءِ اين آر او بابت فيصلو ڪڏهن ٻڌائيندي. ڪٿ اها ٿي بيهي ته اها صورتحال ايندڙ مارچ کا شايد ته پهريان سامهون اچي. هن هيڏي ساري بحث جو حاصل مطلب اهو ئي آهي ته عوام کي شهيد ڀٽي جي بيگناهيءَ جو سرٽيفڪيٽ گهرج ۾ نه آهي جيڪي به ماڻهو ملڪ جي ان عظيم جمهوري اڳواڻ سان پيار ڪن ٿا يا سندس شخصيت ۽ نظرئي جي بهتر پهلوئن کان واقف آهن اهي ته ڪنهن وضاحت جا محتاج ناهن سندن دلين ۾ ڀٽو بيگناهه طور زنده آهي. حڪمرانن ريفرنس سياسي ۽ حڪومتي مجبورين تحت پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ داخل ڪيو آهي. اڄوڪا حڪمران ووٽ شهيدن جي نالي تي وٺن ٿا، حڪومت شهيدن جا قاتل پڪڙڻ جو آسرو ڏئي ڪن ٿا ۽ هن ڀيري ته حڪومت بچائڻ لاءِ به شهيدن جو سهارو وٺي رهيا آهن. ڪنهن جيالي دوست جو چوڻ آهي ته حڪومت کي اگر عوام جي طاقت ۾ يقين هجي ها ته حڪومت بچائڻ لاءِ چالبازين جو سهارو وٺڻ بجاءِ جوانمرديءءَ سان فيصلا ڪري وري عوام جي مدد سان اقتدار ۾ وڃڻ جي راهه وٺي ها، صرف سينيٽ ۾ طاقت وٺڻ جي لالچ ۾ ايئن مينڊيٽ کي مذاق نه بڻائي ها.

مذاق ته اڃان تڏهن ٿيندي جڏهن چوڌري ظهور الاهيءَ جو پٽ ۽ مسلم ليگ (ق) جا ٻيا ايم اين اي هن حڪومت ۾ وزير طور حلف کڻندا ۽ جيالا ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جمهوريت جي مضبوطيءَ جي دعويٰ ڪندا. مفاهمت جي نالي ۾ حڪومت بچائڻ واري بزدلي جو بار کڻي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي ۽ ان ئي مفاهمت جي گهوڙي تي چڙهي اهي ماڻهو عوامي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا جن کي بي بيءَ شهادت کان اڳ پنهنجو ممڪنه قاتل قرار ڏنو هو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته مشاهد حسين ۽ فيصل صالح حيات جيالن کان نفرت ڪن ٿا پر جيالا حڪمران سندن ساٿ ۽ سهڪار جا گهرجائو آهن. جنهن به چيو هو صحيح چيو هو ته سياست جي سيني ۾ دل ناهي ٿيندي. ان جملي چوڻ واري کي کپي ها ته غيرت جو سياست سان به رشتو جوڙي وڃي ها! ٽي سو سال اڳ گيليلو کي ڪليسا خدا جي ڳُجهن ۾ هٿ وجهڻ جي خطا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي. ڪليسا جي ان فيصلي تي پوپ پال ٻئين ڳوڙهي ويچار کانپوءِ صرف ايترو فيصلو ڏنو ته ڪليسا جو فيصلو درست نه هو. گيليلو جي شخصيت اڳيان پوپ پال جو اعتراف انتهائي ننڍڙو آهي. ساڳيءَ ريت موت جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ به آڻ نه مڃيندڙ شهيد ڀٽو اڳيان (جنهن چيو ته مان تاريخ ۾ هميشه زنده رهندس) اڄ جا انصاف ڏيندڙ ۽ انصاف گهرندڙ فرد معمولي ڳالهه ۾ الجهيل آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو