Home / سياسي افيئر / !ڀٽو جو عدالتي قتل ۽ ميڊيا
above article banner

!ڀٽو جو عدالتي قتل ۽ ميڊيا

 

اڄڪلهه ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس صدارتي ريفرنس موڪلڻ کانپوءِ ٻيهر کلي چڪو آهي. جنهن جي گهٽ اميد ڪئي پئي وئي. پر عدالت عظميٰ ان ريفرنس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي شايد تاريخ جا داغ ڌوئڻ طرف پهتل جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ليڪن 5 اپريل 1979ع تي نام نهاد قومي اخبارن ڀٽو کي ڦاهي اچڻ تي پنهنجي ادارين ۾ ڇا لکيو هو؟ اهو اڄ به تاريخ جو رڪارڊ آهي. اچو ته ان کي ڦلهوريون ۽ ان مان ڪجهه ٽڪرا پڙهون.

روزاني “جنگ” لکيو: پهرين رپورٽ ۾ مقتول جي وارثن ڀٽو کي ان قتل جو ذميوار ڄاڻايو، جاچ کانپوءِ اهو ڪيس قانون موجب هاءِ ڪورٽ ۾ آندو ويو ۽ ٻن مهينن ۽ 10 ڏينهن تائين ڪيس هلڻ کانپوءِ کيس موت جي سزا ڏني وئي، سپريم ڪورٽ ان ڪيس جي ست مهينا شنوائي ڪئي ۽ اڪثريت سان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي اتفاق راءِ سان رِويو پٽيشن رد ڪري ڇڏي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته ان ڪيس جي سلسلي ۾ قانون ۽ انصاف جون سڀ تقاضائون پوريون ڪيون ويون ۽ ڪيس جي سلسلي ۾ ڪا به مداخلت نه ڪئي وئي. ڀٽي کي نه رڳو قانون مطابق سڀ سهولتون مهيا ڪيون ويون بلڪه هن کي روايتن آڌار مان پڻ ڏنو ويو. نه رڳو ڀٽي ۽ سندس وڪيلن عدالت تي اعتماد جو اظهار ڪيو، بلڪه ملڪي توڙي پرڏيهي برک قانوني ماهرن پڻ ان عدالتي ڪيس بابت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کي انصاف تي ٻڌل قرار ڏنو. صدر ضياءَ الحق هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اهو يقين ڏياري چڪو آهي ته قانون جي بالادستي برقرار رکي ويندي ۽ جيڪو به فيصلو عدليه ڏيندي اهو لاڳو ڪيو ويندو ۽ هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته عدليه جي سپرميسي کي پاڪستان ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي. نه وري ان جي قانوني ۽ عدالتي گهرجن ۾ رنڊڪون وجهي سگهي ٿو يا عدليه جي وقار کي ڇيهو رسائي سگهي ٿو.

انهي فيصلي جي اهم ڳالهه اها آهي، خاص طور انهن ماڻهن لاءِ جيڪي لامحدود اختيارن سان ڪنهن عهدي تي براجمان ٿين ٿا ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪنهن شخص کي ماڻهن تي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو ته اهو ان جو هن ئي دنيا ۾ قيامت کان اڳ احتساب به ڪري ٿو. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. اسان هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته هاڻي هن ملڪ ۾ ڪو به فرعون، چنگيز خان يا هٽلر نه بڻجي سگهندو. پاڪستان جو عوام اسلامي توڙي سياسي لحاظ سان سجاڳ ٿي چڪو آهي. هاڻي ڪو به شخص جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي اسلامي ۽ جمهوري اصولن کان هٽي ڪري عوام تي مسلط ڪندو ته اسان جو عوام ۽ بهادر فوج ان جو احتساب ڪندا ۽ عدليه ان کي پنهنجي ڪيل ڏوهه جي سزا ڏيندي. هي هڪ ٽيسٽ ڪيس هو. اسان جي عدليه ۽ صدر ضياءَ الحق ان ٽيسٽ مان بهادريءَ سان پار پيا. انهن ڪا به مصلحت نه ڪئي. انصاف جو بول بالا رکيو ۽ واضح ڪري ڇڏيو ته ڪير ڀلي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، اهو قانون ۽ انصاف کان ڀڄي نٿو سگهي.

روزاني “نواءِ وقت” 5 اپريل 1979ع تي پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو: “ذوالفقار علي ڀٽو کي نيٺ ڦاهي ڏني وئي. اڳوڻي ۽ هٽايل وزيراعظم کي پنهنجي هڪ سياسي مخالف کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪرڻ تي سزا ڏني وئي. سپريم ڪورٽ کيس آيل سزا خلاف داخل ڪيل رِويو پٽيشن پڻ رد ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پ پ سينٽرل ڪميٽي ۽ ڀٽو جي ڀيڻ رحم جي اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هن کي اهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي جيڪو هن ڪيو ئي ناهي. ڀٽوجي ڦاهي تاريخ جو اهم ترين واقعو آهي، جنهن ۾ هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي سزا ڏني وئي آهي، جنهن واقعي ۾ کيس ملوث ڄاڻايو ويو آهي، اهو قتل جو واقعو 1974ع ۾ ان وقت پيش آيو هو جڏهن هو ملڪ جو وزيراعظم هو. پهرين رپورٽ ۾ سندس نالو سازش ڪندڙ طور شامل ڪيو ويو هو، پر ان ڪيس جي سلسلي ۾ جاچ اڌوري رهي ڇاڪاڻ جو سموري قانوني ۽ پوليس مشنري حقيقي ملزم اڳيان بيوس بڻيل هئي ۽ ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن سان پڻ ڪو رابطو نه ڪيو ويو. آخرڪار ڪيس بند ڪيو ويو.

انهي قتل ڪيس جي تحقيقات وري جولاءِ 1977ع ۾ ان وقت شروع ٿي جڏهن کيس وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو. FSF ايڪٽ جي جاچ دوران ڀٽو کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ ان ڪيس جي هڪ سال تائين شنوائي ڪئي. هن کي پنهنجي بچاءُ ۾ چئن ڏينهن تائين سپريم ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي. هن هيٺين ڪورٽ تي اعتماد ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن کيس ڦاهي ڏني وئي ته هو ڪا به شڪايت نه ڪندو. دنيا جي تاريخ جو اهو شاندار مثال آهي ته ڪنهن وزيراعظم رهندڙ شخص تي عام قانون تحت ڪيس هلندو هجي ۽ ملڪ ۾ به مارشل لا ڳو هجي، پوءِ به سموريون قانوني ۽ عدالتي گهرجون پوريون ڪيون ويون.

ملزم کي عدالت ۾ پنهنجي دفاع ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مهيا ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو ڏوهه قبوليو. جڏهن ته سندس کي آيل ڦاهي تي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي ڏک ضرور پهتو، پر ماڻهن جي اڪثريت جو ردعمل مختلف هو. جيتوڻيڪ هي خوشيءَ جو موقعو ناهي، پر ان مان اهو ضرور ثابت ٿي ويو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام غيرجانبدار آهي ۽ سڀني سان برابر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ڀٽو جي ڦاهي به اهڙي ئي سبق جو مظهر آهي.

© Pakistan Today

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو