Home / افيئر / !بوگس گهرشماري: سنڌ جي عوام طرفان رد
above article banner

!بوگس گهرشماري: سنڌ جي عوام طرفان رد

آدمشماري جي اخلاقي ضابطي ۾ اهو چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهي ته آدمشماري عملو ساڳئي علائقي جو هوندو، ان جي ساک پت سٺي هوندي ۽ اهو صاف ڪردار وارو پڙهيل ڳڙهيل ۽ عوامي نفسيات کان واقف هوندو، پر اها ڳالهه حڪومت ڪيتري هينئين سان هنڊائي، سڀ ڪجهه اکين آڏو آهي. سرڪاري سطح تي شڪايتن جي الزامن جا پڙاڏا ته ٻڌا ويا، پر انهن جو سدباب ڪيترو ٿيو، ان سوال جي جواب جي اڻهوند جي ردعمل ۾ سنڌ جي قومپرستن کي مجبوريءَ ۾ 30 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪرڻي پئي. ان هڙتال ۾ وڏي پئماني تي عوامي دلچسپي ۽شرڪت ڏٺي وئي، جنهن مان سنڌ جي عوام جي سياسي سجاڳي جي شدت محسوس ڪري سگهجي ٿي، سنڌ جو سينسز ڪمشنر نور محمد لغاري بوگس گهر شماري بابت سنڌ جي خدشن، اعتراضن ۽ تحفظات بابت وفاق کي آگاهي ڏيڻ جو چوي ٿو، پر سوال اهو آهي ته جنهن جو پنهنجو ڪراچي صدر ٽائون وارو گهر ڳڻپ کان رهجي ويو هجي ۽ جيڪو پنهنجي علائقي جي فليٽن ۾ رهندڙ سوين خاندانن جي ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جي دانهن ڪوڪ ڪندو آيو هجي، ان پاران گهرشماري ۾ بيشمار بيقاعدگين جي ردعمل ۾ ٿيل سنڌ ۾ عام هڙتال واري روئيداد مٿين تائين رسائڻ جو ڪهڙو کڙتيل نڪري سگهي ٿو؟ هڪ اهڙي دور يا ماهول ۾ جڏهن پ پ سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري تاج حيدر چئي رهيو هجي ته سنڌ جي مختلف شهري علائقن ۾ هڪ مخصوص ڌر جي هٿياربندن جي دٻاءَ هيٺ گهر شماري ٿي آهي ۽ جيڪڏهن انهن بي قاعدگين جو نوٽيس وٺي ڪو ازالو نه ٿو ڪيو وڃي ته اها مشق فضول ٿابت ٿيندي. اهڙي پس منظر ۾ جڏهن حڪمران پارٽي خود اهو اعتراف ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ گهر شماري جي حوالي سان شڪايتون مليون آهن ته ان صورتحال ۾ ڪيتري تسلي جوڳي صاف شفاف ۽ غيرجانبدار رڪارڊ جي توقع رکي سگهجي ٿي؟ حقيقت اها آهي ته سنڌ جي بقا ۽ وجود جي سلامتيءَ واري هن اهم موڙ تي ڪو به وزير، مشير يا چونڊيل نمائندو پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به طرح سان پنهنجي ڪارڪردگي جي ادائگي جي حوالي سان ڪو به آئيڊيل مثال قائم نه ڪري سگهي آهي، پر ان جي اُبتڙ ان سڄي مرحلي ۾ چونڊيل نمائندا ۽ حڪمران اوپرا ئي ڏٺا ويا آهن. چونڊن جي ڏينهن ۾ اسان جا ڀوتار ڪيترا متحرڪ هوندا آهن، ڪيترو پيسو خرچ ڪندا آهن، ڪيترا ايجنٽ ويهاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سندن مفاد هوندو آهي، پر سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي مفاد کي ڪنهن نانءُ ليکي ۾ نه آڻينڙن کان ڪير حساب ڪتاب وٺندو؟

سڄي سنڌ ۾ اسان جا قومپرست اڳواڻ شهرن ۾ فقط پريس ڪانفرنسون ڪندا رهيا، شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس به ٿيا، همراهن ڪيمپون به هنيون ته ڪاميٽيون به جوڙيون، پر اهي ٻهراڙين تائين پنهنجي ڪارڪنن جي معرفت عام ماڻهوءَ تائين نه ته درست معلومات نه وري رهنمائي پيش ڪري سگهيا. ٻهراڙي جو اٻوجهه ۽ عام ماڻهو گهربل سطح تي گهرشماريءَ ۾ حصو ئي نه وٺي سگهيو. شهر ۾ پڻ ڪي محلا ڪاميٽيون ڪو نه جوڙيون جيڪي گهر ڳڻپ واري عمل کي مانيٽر ڪن ها يا ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي ڏين ها.

ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين 57 هزار چورس ڪلوميٽرن تائين پکڙيل سنڌ جي ايراضيءَ ۾ قومپرست قيادت جي اُٿل پٿل ۾ ڪٿي به اهو گهربل انداز نظر نه آيو ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين آبادين ڏانهن هنن قرب، محبت ۽ پنهنجائپ جو هٿ ڪهڙي طور طريقي سان ۽ ڪيئن وڌايو هجي. جيڪڏهن ان حوالي سان سنڌ جي قوم پرست ڌرين گهربل هوم ورڪ ڪيو هجي ها ته ڪيترن ئي لساني ۽ گروهي وڪڙ ۾ ڦاٿل ۽ يرغمال ماڻهن کي پنهنجي طرف مائل ڪري سگهجي ها. 30 اپريل واري هڙتال ۾ ڪراچي جي لساني ڌر جيڪا سنڌ دوستيءَ جي دعويٰ ڪندي آئي آهي، تنهن هڙتال جي حمايت فارملٽي طور تي به نه ڪئي ۽ اهو ثابت ڪيو ته اها سنڌ پرست نه پر موقعي پرست لساني جماعت آهي. اها قومپرست ڪارڪنن جي شهادت تي سڄي سنڌ جي سوڳ ۾ شريڪ نه ٿي ٿئي، باقي جي ان جو ڪو هڪڙو ماڻهو قتل ٿئي ٿو ته هڙتال ۽ سوڳ ٿي ٿو وڃي. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف پختون آبادي جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ اهميت کان نه رڳو قومپرست قيادت ڪن لاٽار ڪيو پئي اچي ، پر انهن سان ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيل آهي، ان سان ائين ٻٽ آهي، ڄڻ رت جا رشتا هجن، پر سوال اهو آهي ته ڇا اها ڌر واقعي به سنڌ جي سڄڻ آهي؟ اسان هڪ ڌر جي مخالفت ۾ جنهن ٻي ڌر سان دوستي ڪئي آهي، ان جي ڪهڙي ضمانت آهي ته اها اڳتي هلي اسان جي قومي وجود لاءِ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار ثابت نه ٿيندي. قومپرست سياسي ڌريون متحده ۽ اردو آبادي کي ساڳي شئي تسليم ڪري ۽ اردو آبادي ۾ گهربل ڪم نه ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪيترو نقصان ڏنو آهي، اها خبر ته اکين کلڻ تي پوندي، پر هن وقت جون هوائون جيڪي احوال ڪري رهيون آهن، انهن ۾ ڪٿي به ڪا خير جي خبر نظر نه ٿي اچي. گهر شماريءَ وارن ڏهاڙن ۾ ئي اهو انڪشاف ٿيو ته گذريل ستن سالن ۾ نادرا سنڌ ۾ تيرنهن لک غيرسنڌين کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن. پوءِ ڇا اهي رد ٿيا؟ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 70 لک ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿيا، اها ڪلڪيوليشن خود سرڪار جي آهي. سوال اهو آهي ته سرڪار يا سڄاڻ ڌريون اهو ٻڌائي سگهنديون ته بي گهر ٿيل ڪيتري آبادي پنهنجي گهر ٿيل ڪيتري آبادي پنهنجي گهرن طرف موٽي آهي يا اڃا ڪيترا ماڻهو ان ساڳي دربدريءَ واري عالم ۾ آهن؟ ٿر ۽ ڪاڇي جي ڪيترن علائقن ۾ عملو ناهي پهتو. جبلن، ٻيلن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ آباد ماڻهن ۾ سرڪار جي اک ئي نه ٿي ٻڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن علائقن ۾ رهندڙ آبادي ڪڏهن ڪنهن ڳڻپ ۾ ئي ناهي آئي.

ذوالفقار علي ڀٽو وزارت اعظميٰ وارن ڏينهن ۾ تڏهن سنڌ جي بلديات جي وزير مرحوم ڄام صادق علي کي پاڻ وٽ گهرائي چيو هو ته آدمشماري واري جو سنڌ ۾ توکي انچارج ان اميد سان ڪجي ٿو ته تون اکيون کولي رکندين ۽ سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندين.

ٻئي طرف سيد جلال محمود شاهه ۽ بشير خان قريشي سميت تقريبن سڀني قومپرست اڳواڻن جو پڻ پختونن ڏانهن لچڪدار رويو رهيو آهي. ڪراچي اندر متحده ۽ اي اين پي ڏانهن به سنڌ جي قومپرست قيادت جي نرم روش رڪارڊ تي آهي. اها صورتحال سنڌ جي شعور آڏو سوال ٿي پئدا ڪري ته باقي برمين، بنگالين ۽ سواتين سميت افغانين توڙي ٻين ڌارين ماڻهن ڏانهن نرم روئي ۾ قومپرستن کي ڏينهن ئي ڪهڙا لڳندا.

آدمشماريءَ جي بنياد تي چونڊ تڪ وڌبا ۽ گهٽبا آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون وڌنديون آهن، سرڪاري نوڪرين، ترقياتي رٿائن ۽ ناڻي جي ورڇ سميت اهم معاملا اُڪلائبا آهن. سنڌ ۾ سياست جي نالي ۾ جيڪا ماڻهن سان تعدي ٿيندي آئي آهي، ان عوام جو سياست تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته معاملو ووٽ ڏيڻ جو هجي يا آدمشماريءَ ۾ پاڻ ڳڻائڻ جو عوامي سطح تي هڪ قسم جي مايوسيءَ واري ڪيفيت ڏسڻ ۾ اچي ۽ جيڪڏهن ماڻهو انهن سرگرمين ۾ حصو وٺندا به آهن ته انتهائي بيزاري ۽ بي دليءَ سان.

هن ملڪ ۾ آخري ڀيرو آدمشماري 1998ع ۾ نواز شريف حڪومت ۾ ٿي هئي. گورنر ڪانفرنس ۾ سڀ صوبا آدمشماريءَ جي انگن اکرن تي متفق هئا، پر مسلم ليگ جو چوڻ هو ته اها آدمشماري ان صورت ۾ قبول ڪري سگهجي ٿي ته ملازمن جي ڪوٽا ۽ اين ايف سي ايوارڊ سان اها مشروط نه هوندي، پر ان ڳالهه تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو راضي نه ٿي هئي ۽ مسلم ليگ ته هاڻ به آدمشماري واري قومپرستن جي تحفظاتن تي سنڌ ۾ ساڻن گڏ آهي. اسان جي قومپرست قيادت ڏانهن هٿ وڌائي مسلم ليگ ن دشمن جي دشمن سان دوستي ته ڪئي آهي، پر دشمن جي دشمن ۾ ايتري دانشمندي ته هئڻ گهرجي ته اهو دلبري جي دڳ تي هلندڙ حلقي جي نيت کي ته نگاهه ۾ رکي؟ اهو ته ڏسي ته ن ليگ جو نينهن پ پ سنڌ جي ڪنهن به قومپرست تنظيم يا ڪنهن ٻي ڌر هن وقت تائين سنڌ ۾ ٿيل گهر شماري بابت پنهنجي طور تي ڪا اهڙي تحقيقي سروي نه ڪئي آهي، جنهن بابت تصديق سان امڪاني نتيجن جي تصوير ڏسي سگهجي ۽ نه ئي آدمشماري جي پهرين مرحلي کان اڳ پنهنجي طور تي محلي ۽ يو سي سطح تي ڪا جائز رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي، جنهن جي بنياد تي امڪاني ردوبدل کي للڪاري سگهجي. هن وقت جيڪي ذريعن وٽان خبرون چارون ملي رهيون آهن تن ۾ سنڌ جي قمست داءَ تي لڳل ٻڌائي وئي آهي. جيڪڏهن اهڙا ڪي نتيجا ڏيکاريا وڃن ٿا ته تاريخ سنڌ کي ڪهڙي اسٽيج تي ڪهڙي صورتحال ۾ بيهاريندي؟ سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي جيڪا بي پرواهي واري نفسيات آهي، تنهن هيل تائين هن ديس جا ڪيترائي لاهه ڪڍيا آهن، پر جيڪڏهن هاڻ ڪو امڪاني خطري جو گهنڊ وڄي ٿو ته ان کان ڪيئن بچجي؟ ڇا ان سوال تي ڪنهن غور به ڪيو آهي! سنڌ جي قومپرست ڌرين پاران رد ڪيل گهر شماري سرڪار وٽ ڪنهن سنجيده ايجنڊا طور به ڏٺي ويندي يا نه؟ ڇا هي انگ اکر دفن ٿي ويندا يا ڪا ڌوڏيندڙ حقيقت ٻڌائيندا؟

 

 

 



below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو