Home / ويندي ويندي / ڏاچي جا ڏهه توڏي جا تيرهن
above article banner

ڏاچي جا ڏهه توڏي جا تيرهن

پاڪستان ۾ هونئن ئي بوگس ووٽر، بوگس بيلٽ پيپر، بوگس بيلٽ باڪس ۽ بوگس اليڪشن جو رواج ملڪ ٺهڻ کان اڳ ئي مروج ٿي چڪو هو- ڪسر رهيل هئي بوگس آدمشماريءَ جي، جيڪا هاڻ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ ڀائي لوگن پاران ڪاٺ جي بئچ کي به هڪ نمبر الاٽ ڪري، کيس گهر شماري ۽ ٻئي مرحلي ۾ مردم شماري ۾ شامل ڪرڻ جون سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن- جي کين اڃا هفتو سوا ڇڏيو ويو ته ڪراچي جي آبادي چين کان ٿوري گهٽ ڪري بيهاري ڏيکاريندا- سنڌي ظاهر آ ته ارب سوا جي آبادي واري قوم هجڻ جي دعويٰ آڏو پير جهلي بيهي نه ٿا سگهن- سرڪار ۾ ته حال ڪونهي، ڏسون قوم پرست ڇا ٿا ڪن؟

خير، قوم پرستن جي ڳالهه تي ياد آيو ته اسان جي “مِني مائو” جي “پاءُ پٽ” پاران جنرل گياپ ۽ سن زو جي آرٽ آف وار جي سبقن کي ايترو ته رٽي ياد ڪيو ويو آهي جو هاڻ کانئن داءُ جو ڪو موقعو نه ٿو گسي- “مني مائو” اتحادن جي سياست ۾ اتحادين کي ايترو ته رت ڪيو ويو جو چوٿين دنيا جي ڏاهي دانهن ڪئي هئي ته اهو اتحاد بدنصيب هوندو جنهن ۾ “مني مائو” شامل هوندو، پر “پاءُ پٽ” پاران پيءُ جي جنگي فن کي ڪمال اوج تي پهچائيندي تازي آدمشماري ۾ پنهنجي اتحادين جا ڏند کٽا ڪندي اڪيلي سر جيڪي احتجاج ۽ هڙتال جا سڏ ڏنا آهن تنهن چڱن ڀلن کي جدوجهد جو فن وري پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي- ان کي چئبو آهي وقتائتو ڌڪ- مخالف سمجهي ٿو ته Census جي معاملي تي سڄي قوم متحد آهي پر “پاءُ پٽ” جو مقصد چٽو آهي- هروڀرو ڪريڊٽ سڄي قوم ڏي ڇو وڃي- قوم ته سست، نالائق ۽ ستل آهي. جدوجهد جو ڪريڊٽ انهن ڏي وڃي جيڪي جاڳيل ۽ متحرڪ آهن. ان ڪري جاتي کان جيڪب آباد تائين جيڪو سنڌي جاڳيل آهي، تنهن کي شابس ملڻ کپي. ظاهر آ ته في الحال ٿورا سنڌي جاڳيل آهن ان ڪري سندن احتجاج ۾ چنگچي يا ڇڪي ڇڪي شهزور جيترا ماڻهو اچن ٿا، جيڪي ئي سنڌ جا حقيقي جوڌا آهن. اسان جو اڳواڻ ان عمل کي پاڻ تي دشمن کلائڻ ۽ ماڻهو منجهائڻ جي عمل بجاءِ اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ سمجهي ٿو. کيس اڪيلي سر جدوجهد ڪري ثابت ڪرڻو آهي ته حق سچ جي لڙائي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ناهي ڪبي. جذبا ۽ حوصلا ڏسبا آهن. سندن ذهن سان سوچجي ته کٽڻ هارائڻ ٽڪي جي ڳالهه لڳي ٿي. هونئن به کين کٽڻ جو ڪورٽن ۾ ئي تجربو ڪونهي ته هتي ڪهڙو آسرو رکن؟

ان ڪري اوهان ڀل ڪهڙي به راءِ رکو، هي جنگجو اڳواڻ هيانوَ هارڻ وارن مان ناهن. ڀل سڀ قوم پرست پارٽيون گڏيل احتجاج، گڏيل جدوجهد جا پلان ٺاهينديون، پڌرو ڪنديون وتن پر هي همراهه اهو ثابت ڪري پوءِ ئيجدوجهد مان هٿ ڪڍندو ته بوگس آدمشماري جهڙو پيچيده ٽيڪنيڪل سوال رڳو هو ۽ سندس محدود پوئلڳ ئي سمجهي سگهيا ان ڪري سندن احتجاج ۾ سنڌ جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي باشعور شامل ٿيا. هونئن به ويڙهه ۾ عدد نه پر حوصلو ڏسبو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو