Home / شوبز / !ايلزبيٿ هرلي شين وارن پويان ڀارت اچي نڪتي
above article banner

!ايلزبيٿ هرلي شين وارن پويان ڀارت اچي نڪتي

ادڪاره شلپا شيٺي بي سُري اداڪاري ۽ سادي مهانڊي سبب فلمن ۾ ته ڪو خاص نالو ڪمائي نه سگهي، پر بگ باس ۾ پنهنجين حرڪتن توڙي ڪرڪيٽ ۾ ٽنگ اڙائڻ ڪري ميڊيا کي پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. شلپا شيٺي ڀارت ۾ هلندڙ آءِ پي ايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ هن ڀيري به پنهنجي ٽيم “راجسٿان رائلز” لاٿي آهي، جنهن جو ڪپتان آسٽريلوي اسپنر شين وارن آهي. برطانوي اداڪاره ايلزبيٿ هرلي اڄڪلهه ڀارت ۾ لٿل آهي، جنهن پنهنجي پراڻي دوست شين وارن سان ملڻ لاءِ ڀارت جا پنڌ ڪيا آهن. شلپا شيٺي جيڪا شين وارن جي ٽيم جي مالڪڻ آهي، تنهن مهل ڏسندي ايلزبيٿ هرلي جي دعوت جهلي آهي. ايلزبيٿ هرلي شين وارن سان ملڻ بعد لنڊن رواني ٿي وئي آهي ۽ 17 مئي تي ٿيندڙ راجسٿان رائلز جو اهم ميچ ڏسڻ واسطي ٻيهر ڀارت موٽندي ۽ ان ئي ڏينهن شلپا شيٺي سندس دعوت رکي آهي. ايلزبيٿ به سوچيندي هوندي ته هوءَ ملڻ هڪڙن سان آئي ۽ دعوتون ٽيان پيا ڪن. بهرحال ايلزبيٿ جهڙي نامياري اداڪاره کي ويجهو ٿيڻ لاءِ شلپا شيٺي وٽ هي بهترين موقعو آهي، ٿي سگهي ٿو اها دعوت کيس ڪم اچي وئي وڃي ۽ ايلزبيٿ شلپا مان خوش ٿي هالي ووڊ ۾ ڪو رول ڏياري وجهي!!! ٻڌايو وڃي ٿو ته ڀارت ياترا دوران ايلزبيٿ هرلي شين وارن سان ڪافي وقت گڏ گذاريو. بينگلور ۾ پڻ مئچ لاءِ پريڪٽس کان اڳ شين وارن ايلزبيٿ سان گڏ گهمڻ نڪري ويو، جتي ٻنهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏ گذاريا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو