Home / افيئر / !جرمني: جتي هاڻي هٽلر جو ڪو نالو وٺڻ وارو نه آهي
above article banner

!جرمني: جتي هاڻي هٽلر جو ڪو نالو وٺڻ وارو نه آهي

پاڻ کي ورهين کان اها آس رهي ته يورپ ڏسجي، ان ۾ وري جرمني کي پرکڻ جو به شوق هو ته هٽلر جو جرمني اڄ ڇا ٿو سوچي؟ ۽ جرمن قوم ڪٿي بيٺي آهي؟ ان نيت سان پاڻ به اچي جرمن سهڙياسين. هتي ڪنهن ڊگهي پٽاڙ ۾ پوڻ بدران اصل مقصد جرمني جي تاريخ، جاگرافي ۽ هاڻوڪي سياسي ڪلچر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ آهي، ان ڪري اچو ته پهرين جرمنيءَ جي اندر جهاتي پايون.

جرمني يورپ کنڊ جو وڏو ملڪ آهي، آبادي ۽ ترقياتي لحاظ کان يورپي يونين جي پنجويهه طاقتور ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ۾ ريگيولر پنهنجي فوج رکڻ جي پابندي آهي. هن ملڪ جا 12 صوبا ۽ 82 ملين آبادي آهي. هتي صوبا پنهنجو ڪار وهنوار پاڻ هلائين، پياري پاڪستان وانگر وفاق جي ڪاڻ مڙيو ئي گهٽ ڪڍن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته وفاق وٽ ٽن، چئن کاتن کانسواءِ سڀ ڪجهه صوبن حوالي آهي. هي ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي جيڪي زرعي پئداوار کان وٺي جهاز جي انجڻ تائين پاڻ ٺاهي ٿو ته روانگي واپار به پاڻ ڪري ٿو. جرمني دنيا سان ٻه عظيم جنگيون به جوٽيون پر ان ۾ شڪست ان جو مقدر بڻي. جيتوڻيڪ انهن جنگين کي به لڳ ڀڳ اچي هڪ صدي ٿي آهي، پر اڃا به جرمن قوم نه رڳو ان جا جاني ۽ مالي نقصان جا نه رڳو ڪيتا پئي لوڙي بلڪه جنگي تاوان به ڀريندي پئي اچي.

پهرين جنگ 1914ع کان 1918ع تائين لڳي ۽ ٻي جنگ 1939ع کان 1945ع تائين هلي، جنهن ۾ بادشاهت کان ري پبلڪ جو سفر طئي ڪيو ويو، روسي زارشاهي خلاف بالشويڪ تڏهن 20 ڪروڙ مارڪ خرچ ڪري زارشاهي جو خاتمو آندو. ايئن پوءِ هن 1917ع واري انقلاب کي نه رڳو تسليم ڪيو، پر لينن کي پڻ پناهه ڏني وئي. ڪچهري دوران جرمن تاريخ جي اپٽار ڪندي ورهين کان جرمني ۾ رهندڙ راڻيپور واپسي منور چيما ٻڌائي ٿو ته“رومن بادشاهت دوران جرمني ۾ پورشيا نالي بادشاهت قائم هئي، هن ملڪ جي تهذيب تمام قديم آهي، جرمن ماڻهن جو خيال آهي ته اهي دنيا جي سپر قوم آهن ۽ کين حڪمراني ڪرڻ گهرجي.”

جرمن قوم بابت عام راءِ اها آهي ته اهي مهم جو آهن، انهن نقصان به ڏاڍا برداشت ڪيا آهن، پر تاريخ مان گهٽ پرايو اٿن. باقي اهو ڏسي حيرت ٿي ته جرمن قوم پنهنجي ملڪ کي سنوارڻ ۾ جنون جي حد تائين محبت ڪري ٿي. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن يورپ جي ملڪن ٻاهر ڪالونيون پئي ٺاهيون تڏهن انهن پنهنجي ملڪ کي پئي ٺاهيو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سڄي دنيا ۾ سندن ڪالونيون تمام گهٽ آهن. جرمن واسي پاڻ کي ايرانين ۽ افغانين جو سوٽ سمجهن ٿا، پاڻ کي نج آريا سڏرائڻ تي به فخر اٿن. جڏهن ته انهن ۾ قومپرستي جو ٻج به پراڻو آهي.

جرمني ۾ اتحادي ۽ آمريڪي فوج جون ڇانوڻيون ڏسي سگهجن ٿيون. 1945ع ۾ هي ملڪ بارود جو ڍير بڻجي ويو هو، لاش اجتماعي قبرن ۾ دفنايا ويا هئا. انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿيڻ سبب نئين سر تعمير لاءِ جرمنن ايوب خان کي ليبر فورس موڪلڻ جي آڇ ڪئي هئي، ليڪن هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايوب جي ان اڍنگي انڪار انهن جو ڪجهه به نه بگاڙيو، انهن پنهنجي ملڪ جي اهڙي ته تعمير ڪئي جو اڄ ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن. ساڳي وقت اهو مشاهدو به اکين اڳيان اچي ٿو ته تنهن وقت جنگ سبب تباهه ٿيل ملڪ ڪٿي بيٺو آهي ۽ پاڪستان جا ڪهڙا پير آهن؟

مون کي جرمني ۾ نوجوان نسل سان ملندي اهو شدت سان احساس ٿيو ته هاڻي نوجوان نسل 1945ع واري جنگ کي وساري ويٺو آهي ۽ ڪو به ماڻهو هٽلر جو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ائين لڳو ته جرمن قوم هٽلر جي ڏنل نقصان کي پورو ڪري گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. اهي زراعت ۾ پاڻڀرا آهن ان ڪري ايڪسپورٽ به ڪن ٿا، پنهنجي ملڪ کي غربت مان ڪڍڻ ۽ نئين ملڪ اڏڻ ۾ جرمن عورت جي ڪمال جي محنت آهي. اهو ئي سبب آهي جو جرمن قوم ان کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

هتي مون کي اهو احساس به اندر ئي اندر کائي رهيو آهي ته پاڻ وٽ سنڌ ۾ خاص طور تي باقي ملڪ ۾ عمومي طور تي جيڪا بک، بدحالي، روزگار، تعليم ۽ صحت جي صورتحال آهي، ان کان تنگ ٿي ماڻهو پنهنجي زندگين جو ڏيئو گل ڪريو ٿا ڇڏين، پر هتي خلق کي اهڙي ڪا به پريشاني ڪانهي. هتي تعليم، صحت، روزگار ۽ رهائش رياست جي ذميواري آهي. رياست ئي ماڻهن جي مال ملڪيت ۽ جان جي محافظ آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جو پاڻ وٽ رڳو سکڻو نعرو آهي، باقي اصل حقيقت هتي نظر آئي. ملڪ ۾ فوج نالي ماترباقي پوليس جام آهي. آٽوڀان ڏسڻ وٽان آهي. مواصلات تيز ترين ۽ سٺي آهي. ملڪ اندر هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل جو رواج آهي ۽ عوام سهولت خاطر ٽن ڏينهن ۾ روڊن تي هيوي ٽريفڪ هلڻ تي پابندي هوندي آهي. ٽرڪ ڊرائيور ڪو به ڪيلنر نٿو رکي سگهي. هو صرف اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪندو، وڌيڪ هڪ منٽ هلائڻ سان نه رڳو کيس 70 يورو ڏنڊ ڀرڻو پوي ٿو، بلڪه ڊرائيونگ لائسنس تان به کيس هٿ ڌوئڻا پون ٿا.

جيتوڻيڪ 1945ع ۾ جنگ هارائڻ کانپوءِ جرمني ٻه اڌ ٿي ويو، اوڀر ۽ اولهه جرمني وجود ۾ آيا. گادي واري شهر برلن کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. انهي حد تائين جو 1960ع ۾ شهر کي ديوار ڏني وئي. ياد رهي ته سوويت يونين جي خاتمي جو هڪ سبب ديوار برلن جو ڊهڻ به هو. ايئن ٻه اڌ ٿيل جرمني هڪ ٿي ويو. ان کانپوءِ ماهرن ڪاٿو لڳايو ته ٻنهي حصن کي ترقي وٺرائڻ ۽ برابر ڪرڻ جي مد ۾ 20 ارب يورو خرچ ٿيندا. ليڪن جڳ جهان ڏٺو ته ويهن ورهين جي محنت سان ٻئي حصا هڪجهڙا ٿي ويا. حالانڪه اسٽراڪ برگ جو علائقو فرانس جي قبضي ۾ اچي ويو، جنهن کي جرمني برداشت ڪندو اچي، پر انهن ملڪ کي طاقتور بنائڻ ۽ ٺاهڻ تان تر جيترو به ڌيان ناهي هٽايو.

جرمني ۾ انتظامي طرح چانسلر حڪومت جو سربراهه ٿئي، جيڪو صدر به هوندو آهي ۽ عملي طرح ان جو ڪردار نالي ماتر هوندو آهي، اصل ۾ طاقتور ٻه وڏا اتحاد آهن، جن مان هڪ کي سوشل ڊيموڪريٽ ۽ ٻئي کي ڪرسچن ڊيموڪريٽ چون، هتي پروپورشنل اليڪشني نظام آهي. پناهگير گهڻو تڻو سوشل ڊيموڪريٽ جي پاسي هجن ٿا ڇو ته اهي پناهگيرن لاءِ نرم گوشو رکن ٿا، جرمن 1960ع واري چانسلر کي اڄ به جرمنيءَ جي ترقي جو دماغ سمجهن ٿا.

جرمن ڪنهن به ٻي ٻوُليءَ جي بخار ۾ ورتل ڪونهن، اهي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر تي فخر ڪن ٿا. سڄي ملڪ مان ڪا به انگريزي اخبار ۽ رسالو شايع نٿو ٿئي. باقي اسڪولن ۾ انگريزي سبجيڪٽ طور ضرور پڙهائي وڃي ٿي، پر ڪير به انگريزي ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونهي، هتي ڪجهه انتهاپسند به آهن، پر انهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. 24 لک جي لڳ ڀڳ ترڪ هتي رهن ٿا، باقي اوڀر يورپ جي ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي.

1990ع کانپوءِ جڏهن اوڀر يورپ ۾ ڪامريڊن جي تڏا ويڙهه ٿي ته پهرين پولينڊ ۽ آخر ۾ يوگوسلاويا جنهن کي مارشل ٽيٽو گڏ ڪري ڇهن ملڪن جي رياست ٺاهي، جيڪا سندس لاڏاڻي کانپوءِ ڇهن ملڪن ۾ ورهائجي وئي، سڀ کان خطرناڪ انقلاب رومانيا ۾ آيو، جتي حڪمرانن کي قتل ڪيو ويو، چيڪوسلاوڪيا کي پرامن طريقي سان چيڪ سلاوڪ ۾ ورهايو ويو، اوڀر يورپ ورهايل يورپ کي گڏ ڪري هڪ يورپي يونين ٺاهي وئي ۽ انهن جي يورو نالي ڪرنسي به گڏيل ٺاهي وئي. گڏيل ڪرنسي ۾ رڳو سوئزرلينڊ، برطانيا ۽ آئرلينڊ شامل ناهن، باقي سڄي يورپ جي ڪرنسي يورو ئي آهي.

فرانس يورپي يونين جو ٻيو طاقتور ملڪ آهي، اتي به صدارتي حڪومتي نظام رائج آهي، پر پارلياماني حڪومت به آهي، پارليامينٽ صدارتي حڪم اڳيان ڪمزور آهي. وزيراعظم جا اختيار گهٽ آهن. ٻه پارٽي حڪومتي سسٽم آهي، هڪڙا آهن سوشلسٽ ۽ ٻيا قدامت پسند. يورپ ۾ برطانيا کانسواءِ ريپبلڪن حڪومتون آهن، بادشاهت فقط برطانيا ۾ آهي، پر برطانيا جي راڻي وزيراعظم کان وڌيڪ طاقتور ناهي.

نيوزيلينڊ جي آبادي جو 60 سيڪڙو ماڻهو جرمن نسل سان تعلق رکن ٿا، ڊئوچ ٻولي ڳالهائين ٿا. هي دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو ٻنهي جنگين ۾ شريڪ ڪو نه ٿيو. هتي صدارتي نظام آهي، پر اهو ستن ماڻهن جي ڪائونسل تي ٻڌل آهي ۽ واري واري سان هر ڪنهن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي.

بهرحال جرمن قوم جو اڄ دنيا ۾ بول بالا آهي ۽ انهن هٽلر جي تباهين کي وساري پنهنجي ملڪ جي جيڪا تعمير ڪئي آهي، اها دنيا لاءِ مثالي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو