Home / ڪور افيئر / !هائر ايجوڪيشن ڪميشن- مالِ غنيمت
above article banner

!هائر ايجوڪيشن ڪميشن- مالِ غنيمت

صوبائي خودمختياري سنڌ ۽ بلوچستان جو پراڻو مطالبو رهيو آهي. جنهن جو واعدو 1973ع جي آئين ۾ ڪيو ويو هو، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو ۽ ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق جي ڪاري دور جي نتيجي ۾ اهو معاملو مسلسل 37 سال ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي ڪري پوئتي ٿيندو رهيو، ڇاڪاڻ ته صوبائي خودمختياري جي نتيجي ۾ بيروزگار ٿيندڙ قوتن هميشه ان عمل جي مخالفت ڪئي ۽ اها مخالفت اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي.

اهي قوتون اڄ به 18 آئيني ترميم جي منظوري کان وٺي ان تي مڪمل عمل ڪرائڻ واري عمل جي رستا روڪ ڪري رهيون آهن، جنهن جا مثال ته تمام گهڻا موجود آهن، ان جو تازو مثال هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي صوبن ڏانهن منتقلي جي ڀرپور نموني مخالفت آهي، اڳ مخالفت صرف وفاقي بيوروڪريسي جي ڪميٽي رومن جي گڏجاڻين ۽ لاهور کان اسلام آباد واري پٽي جي سياسي پنڊتن جي ڊرائنگ رومز ۾ ٿيندي هئي، پر هن ڀيري اها مخالفت تمام گهڻي منظم طريقي سان ٿي رهي آهي ۽ اهڙو ڪو به فورم ناهي جتي اوهان کي هائير ايجوڪيش جي منتقلي جي مخالفت نظر نه اچي.

5 اپريل تي وفاقي ڪابينا طرفان وفاق جي تعليم، ثقافت، سوشل ويلفيئر ۽ اسپيشل ايجوڪيشن، ٽوئرزم ۽ لائيو اسٽاڪ جڏهن ته ان جي جڳهه تي صحت واري وزارت جو نالو کنيو پئي ويو ۽ ان حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي صحت کاتن جي عملدارن جون تمام گهڻيون گڏجاڻيون به ٿيون هيون، پر ان جي به مخالفت تمام گهڻي ٿي هئي، جنهن ڪري منظوري کان ڪجهه ڏينهن اڳ صحت واري وزارت کي ڊراپ ڪري لائيو اسٽاڪ رکيو ويو. وزارتن جي صوبن ڏانهن منتقلي جي منظوري ڏني وئي ته مخالفت جي فيڪٽرين جي پراڊڪشن وڌي وئي. ۽ سڀ کان پهريان پنجاب جي شاگردن کي اڳتي آندو ويو، جيڪي پاس ڪري پرڏيهي اسڪالرشپز جي انتظار ۾ ويٺل هئا، کين ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن HEC صوبن ڏانهن منتقل ٿي وئي ته پوءِ اوهان کي اسڪالرشپز نه ملنديون، ڇاڪاڻ ته اوهان کي هميشه ٻئي صوبن جي ڪوٽا وارو حق ماري نوازيو ويندو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن صوبن پنهنجون HECs ٺاهي ورتيون ته پوءِ اوهان کي ملندڙ “مالِ غنيمت” وارو حصو نه ملي سگهندو.

هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر جاويد لغاري ۽ سندس ٽيم چيو ته ٻارهين ڪلاس کان مٿي واري اعليٰ تعليم فيڊرل ليجسليٽيو لسٽ نمبر 2 تي آهي، سو ان ڪري HEC جي صوبن ڏانهن منتقلي جو ته سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي.

ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي سينيئر وزير پير مظهرالحق جي ذاتي رهائشگاهه تي گڏجاڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ته ڊاڪٽر جاويد لعاري پير مظهر سان اٽڪي پيو هو، سندس چوڻ هو ته HEC صوبن ڏانهن منتقل نٿي ڪري سگهجي. سو ان جي منتقلي جي حوالي سان ڳالهائڻ فضول آهي. جنهن تي پير مظهر وراڻيو ته وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي چڪي آهي، سو هاڻي HEC جو آئيني طور تي وفاق وٽ رهڻ جو جواز ڪو به نه آهي.

بهرحال آخر تائين ڊاڪٽر جاويد لعاري HECجي منتقلي جي کليل مخالفت ڪندو رهيو. سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم تي عملدرآمد واري ڪميشن جي سربراهه سينيٽر ميان رضا رباني تعليم کاتي جي صوبن ڏانهن منتقلي واري مامري تي اسان سان هڪ به گڏجاڻي نه ڪئي آهي، جيڪا کيس ڪرڻ گهرجي ها. HECڪو هوا ۾ بيٺل ادارو ناهي، جيڪو ٽڪرا ڪري صوبن ۾ ورهايو ويندو. ڊاڪٽر جاويد لعاري جي وڃڻ کانپوءِ پير مظهر “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر جاويد لغاري کي سندس بيروزگار ٿيڻ جو خوف ورائي ويو آهي، تڏهن پيو ايتريون خبرون ڪري.

بهرحال ڪجهه ڏينهن اندر هڪ رويو پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ فائيل ٿي ۽ فاضل عدالت HEC کي ايندڙ قانونسازي تائين ڪم جاري رکڻ جو حڪم ٻڌايو، جنهن جي نتيجي ۾ صوبائي خودمختياري جي نتيجي ۾ بيروزگار ٿيندڙ قوتن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ انهن ساڳين قوتن اها به خبر ميڊيا ۾ ڏني ته HEC جي منتقلي سان يو ايس ايڊ HEC کي ملندڙ اربين رپين جا فنڊز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهنجي پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن وڏي واڪي ترديد ڪري ڇڏي. ان سان گڏوگڏ ملڪ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جو اجلاس گهرائي مامرو وزيراعظم آڏو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.باوجود انهن سڀني مامرن جي ميان رضا رباني HEC جو نالو مٽائي رکي به ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان مٿين سطح تي ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ تعليم کاتي جي سينيئر وزير پير مظهرالحق سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي گڏجاڻي به ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ کين HEC جي منتقلي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ سندن خدشا به دور ڪيا ويا آهن.

ايڇ اي سي جي منتقلي جي مخالف قوتن نه رڳو ايترو پر انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائيٽس رات جي پيٽ ۾ ٺاهي ڇڏيون آهن، جن کي Defending HEC Devolution ۽ ٻيا به ڪجهه ان سان ملندڙ جلندڙ رايا رکيا ويا آهن. جڏهن ته جڳ مشهور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بوڪ تي به اها مشينري تمام گهڻي سرگرم ٿي وئي آهي.

اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جي تعريف ۾ جڳ مشهور اسڪالرز جي جملن کي به ان تي رکيو ويو آهي. جنهن لاءِ اسلام آباد مان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار ڪروڙن جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي هئي. مالِ غنيمت جي چڱي حصي کان محرومي ۽ بيروزگاري جي ڊپ ۾ ڦاٿل قوتن HEC جي منتقلي جي مخالفت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.

ڪهاڻي جو اصل رخ

صوبن ڏانهن منتقلي بابت ايڇ اي سي جي هيڏي وڏي مخالفت جو سڀ کان اهم ڪارڻ اسڪالرشپس به آهن. 10623 اسڪالرشپز مان سنڌ صوبن کي صرف 891 اسڪالرشپس-بس…!!! ان کان سواءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اسلام آباد ۾ I سيڪٽر ۾ واقع هيڊ آفيس ۾ سنڌي آفيسرز ۽ ملازمن جو تعداد به نه هئڻ برابر آهي، اهڙي طرح بلوچ آفيسرن ۽ ملازمن جو تعداد به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ٿورا گهڻا آهن ته وري به خيبر پختونخواهه جا آفيس ۽ ملازم باقي ته سڀ جا سڀ پنجاب صوبي جا همراهه HEC جي ڪاري اڇي جا مالڪ لڳا پيا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي واري آفيس ۾ به سنڌي اوهان کي اٽي ۾ لوڻ برابر ملندا.

اسلام آباد ۾ HEC ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي “افيئر” کي ٻڌايو ته اسان هنن جي اک ۾ ڪنڊو آهيون، ٻيا ڇا به ڪندا وتن پرواهه ناهي پر منهنجي ننڍڙي به غلطي کي وڌائي وڻ ڪن ٿا ۽ ايئن ٿيندو آهي ته نوڪري اڄ ٿي وڃي سڀاڻي ٿي وڃي. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي فنڊز ۽ اربين روپين جي بجيٽ به هڪ اهم ڪارڻ آهي، جنهن جو گهڻو حصو وڏي صوبي جي ماڻهن جي کيسن کي گرم ڪري ٿو. بهرحال منتقلي مخالف قوتن صوبائي حڪومت جي نااهلي کي مخالفت جو بنياد بڻايو آهي. جنهن سلسلي ۾ پير مظهرالحق جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر جاويد لغاري آخر ۾ طنزيه طور چيو هو ته صوبا اسان کي HEC کان بهتر نه ته تڏهن به اهڙو ادارو ٺاهي ڏيکارين ۽ هلائي ڏيکارين مان پهريون ماڻهو هوندس جيڪو HEC جي صوبن ڏانهن منتقلي جي حمايت ڪندس. ان ڳالهه جي تعليم واري سيڪريٽري ناهيد شاهه وراڻي “افيئر” سان ڳالهائيندي ڪجهه هيئن ڏني ته جيڪڏهن اسان 260 ڪاليج ۽ 50 هزار اسڪول هلائي سگهون ٿا ته ڇا 13 سرڪاري يونيورسٽيون نه ٿا هلائي سگهون. سندس چوڻ هو ته ادارا هلائڻ لاءِ صرف اسان کي اعليٰ تعليم يافته ماڻهو گهرجن جيڪي اسان وٽ آهن ۽ سنڌ جي HEC ٺاهي ۽ هلائي ڏيکارينداسين.

ليکڪ پي پي آءِ ۾ اسٽاف رپوٽر طور ڪم ڪري ٿو ۽ هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

yasirbabbar@gmail.com

سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن: اڻپوري تياري!

جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته جيئن ئي 18هين ترميم پارليامينٽ مان منظور ٿي هئي ۽ ان سان ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو ٿي چڪو هو ته سنڌ صوبي ڏانهن منتقل ٿيندڙ کاتن جي اعليٰ اختيارين کي تنهن ڏينهن کان وٺي ئي انهن منتقل ٿيندڙ وفاقي وزارتن جي کاتن جي وصولي لاءِ هوم ورڪ ڪرڻ گهرجي ها، پر اسان وٽ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ رهي آهي. جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي تعليم کاتي ٻين اسمن سان گڏوگڏ هائير ايجوڪيشن ڪميشن واري آئيٽم جي وصولي ۽ ان جي جاري رهڻ واري حوالي سان تياري ڪا نه ڪئي آهي.

جنهن جي ئي بنياد تي ڪجهه ڏينهن اڳ تعليم واري سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق جي ڪلفٽن ۾ واقع بنگلي تي پيرمظهر سان گڏجاڻي کانپوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سنڌي سربراهه ڊاڪٽر جاويد لغاري (جيڪو ان کان اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ZABIST جو سربراهه پڻ رهي چڪو آهي) صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهي لفظ چيا هئا ته جڏهن صوبن بشمول سنڌ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جهڙي باڊي ٺاهي ڏيکاري ته پوءِ آءٌ ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي بابت حمايت ڪندس. ڊاڪٽر جاويد لغاري جي ان جملي جي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ اهليت بابت تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

ان حوالي سان جڏهن تعليم کاتي جي سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق کان سي ايم هائوس ۾ وائيس چانسلرز جي گڏجاڻي کانپوءِ “افيئر” طرفان جاويد لعاري جي ڳالهه واري پسمنظر ۾ اهو سوال ڪيو ويو ته فرض ڪريو وفاق کان ايڇ اي سي صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿي ته سنڌ جي تعليم کاتي جي ان سموري هائير ايجوڪيشن ڪميشن واري سسٽم کي جاري رکڻ لاءِ ڪهڙي تياري آهي؟ جنهن جي جواب ۾ پير مظهر وراڻيو ته ها اسان تياري ڪري رهيا آهيون. اسان جي کاتي جي سيڪريٽري ناهيد شاهه دراني ڪم ڪري رهي آهي. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پيرزاده قاسم ان ئي موقعي تي “افيئر” سان ڳالهائيندي چيوته اسان ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي جي خلاف ناهيون، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون خودمختيار ادارا آهن، ايڇ اي سي صرف اسان کي وفاقي حڪومت کان فنڊ وقت سر ڏياري ٿي ۽ اسڪالرشپز ۾ مدد ڪري ٿي سو جيڪڏهن ايڇ اي سي صوبن ڏانهن منتقل ٿي وڃي ته اسان تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، پر اسان لاءِ اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جا فنڊز ڪنهن به قيمت تي نه رڪجڻ گهرجن.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فنڊز رڪجي ويا ته پوءِ سنڌ جون سموريون يونيورسٽيون ويهي وينديون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پگهارون ڏيڻ جا پئسا به نه هوندا.پيرزاده قاسم صديقي اهو به چيو ته مون کي حيرت آهي ته سنڌ حڪومت اسان کي ته اعتماد ۾ وٺي رهي آهي پر هن پاڻ ته سنڌ جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙڻ جي سلسلي ۾ اڃا تائين ڪجهه به نه ڪيو آهي.

سرڪاري ادارن ۾ هڪ فائيل جي ٻي ٽيبل تائين منتقلي جتي ڏينهن ۽ مهينن جي راند آهي، اتي هيڏو وڏو ادارو چند ڏينهن ۾ قائم ڪرڻ انتهائي قابل ماڻهو ڀرتي ڪرڻ ۽ هن سڄي سسٽم کي هلائڻ انتهائي ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. جنهن جي پريشاني نه رڳو سنڌ بيسڊ سرڪاري يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ استادن کي آهي، پر سنڌ صوبي ۾ سوين انهن شاگردن کي به آهي جيڪي GRE ٽيسٽ پاس ڪري پرڏيهي اسڪالرشپن جي انتظار ۾ ويٺل آهن. پر سنڌجي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ناهيد شاهه دراني وري ڏاڍي پراميد نظر اچي رهي آهي.

“افيئر” سان تغلق هائوس (سنڌ سيڪريٽريٽ) ۾ واقع سندس آفيس ۾ ڳالهائيندي هوءَ چوي ٿي ته اڄ جي هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ادارن ۽ وزارتن جي وفاق کان صوبن ڏانهن منتقلي ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. هوءَ چوي ٿي ته HEC ڪنهن به اداري جو سسٽم هڪ سي ڊي يا يو ايس بي ۾ کڻي ٻئي ڪمپيوٽر ۾ لاهڻو آهي ۽ مامرا پاڻهي جاري و ساري ٿي ويندا.

ناهيد شاهه دراني وڌيڪ چوي ٿي ته اسان سنڌ جي ايڇ اي سي ٺاهڻ لاءِ ڪم تمام تيزيءَ سان شروع ڪري ڇڏيو آهي. سندس چواڻي ته اسان تعليمي ماهرن ۽ ناليوارن ڪاروباري ماڻهن تي مشتمل هڪ “ٽاسڪ فورس” جوڙڻ لاءِ نالن جي لسٽ جلد وڏي وزير کان منظور ڪرائڻ وارا آهيون ۽ اها ئي ٽاسڪ فورس سنڌ ايڇ اي سي جا سمورا مامرا جوڙيندڙ ي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي آفيسن لاءِ سرڪاري عمارتون به ڏسي ڇڏيون آهن، بس انهن جي منظوري رڳو رهيل آهي.

ناهيد شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سنڌ جي HEC جو قانوني ڊرافٽ به تيار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايڇ اي سي جي فنڪشنز جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي ايڇ اي سي ۾ 4 کان 5 ڊويزنون هونديون. جن ۾ فنانس ڊويزن، ايڊمن ڊويزن، اڪيڊمڪ ڊويزن ۽ هڪ ڊويزن اهڙي هوندي جيڪا Standards of Higher Education سان لنڪ اپ هوندي، ڇاڪاڻ ته اسٽينڊرڊ آف هائير ايجوڪيشن فيڊرل ليجسليٽو لسٽ نمبر 2 تي موجود آهي، جيڪا 18هين ترميم جي منظوري سان ختم نه ٿي آهي.

تعليم کاتي جي سيڪريٽري اهو به ٻڌايو ته ممڪنه ٽاسڪ فورس جي لسٽ ۾ ڪو به موجوده وائيس چانسلر نه آهي، جڏهن ته سنڌ جي HEC جي جوڙجڪ کانپوءِ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کان به مدد ورتي ويندي.

آخر ۾ نالي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته سنڌ جي HEC جو نالو اڃا فائنل نه ٿيو آهي. اهو صوبائي يا سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ٿي سگهي ٿو.

ان سڄي صورتحال کانپوءِ ڏسجي ته سنڌ حڪومت ڪيترو جلدي سنڌ جي HEC ٺاهي ٿي؟ ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان سوچيندي سنڌ جي هر تعيلم دوست شخص جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.

 

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو