Home / افيئر / !حسني مبارڪ جي پارٽي ۽ پٽن جا اثاثا ضبط
above article banner

!حسني مبارڪ جي پارٽي ۽ پٽن جا اثاثا ضبط

 

مصر ۾ هڪ عدالت اڳوڻي صدر حسني مبارڪ جي سياسي پارٽي کي ختم ڪرڻ ۽ ان جا سمورا اثاثا منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا سمورا اثاثا، فنڊ ۽ ملڪيت ضبط ڪري حڪومت حوالي ڪيا وڃن.عدالتي حڪم موجب حسني مبارڪ ۽ سندس پٽن جا اثاثا به منجمند ڪيا ويا آهن ۽ سندن ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي به پابندي مڙهي وئي آهي. نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو بنياد 1970ع ۾ مصر جي اڳوڻي صدر انور سادات رکيو هو. عوام جو مطالبو هوته ان پارٽي جنهن جي گذريل ٽيهن ورهين کان ملڪ جي سياست ۽ اقتدار تي هڪ هٽي هئي، ان کي ختم ڪيو وڃي. عدالت جي حڪم مان ظاهر ٿئي ٿو ته مصر جي فوجي حڪومت احتجاج ڪندڙن جا مطالبا جلد پورا ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو فيصلو ملڪ جي اعليٰ ترين انتظامي عدالت ٻڌايو آهي، جنهن خلاف ڪٿي اپيل به نٿي ڪري سگهجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو