Home / پروفائيل / !احمد مجتبيٰ راشدي: سنڌ جي سڄڻ جو وڇوڙو
above article banner

!احمد مجتبيٰ راشدي: سنڌ جي سڄڻ جو وڇوڙو

21 اپريل 2011ع تي کپرو موري سانگهڙ وٽ قومي تحريڪ جي ٽن ڪارڪنن سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نادر بگٽي جي شهادت ۽ نور الله تنيو جي زخمي ٿيڻ (جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو) جي اندوهناڪ صدمي ۾ سڄي سنڌي قوم ورتل هئي ته 22 اپريل تي ايس ايم ايس مليو ته “جيئي سنڌ جو سينيئر اڳواڻ ۽ دانشور سيد احمد مجتبيٰ شاهه راشدي سانگهڙ جي شهيدن جو صدمو نه سهندي گذاري ويو.” اها خبر وڄ وانگر ڪڙڪي ۽ جيئي سنڌ جا ڪارڪن سوڳ مٿان سوڳ واري ڪيفيت ۾ هليا ويا.

سائين احمد مجتبيٰ شاهه راشدي 1938ع ڌاري پير ڳوٺ جي راشدي خاندان ۾ اک کولي. هو پير پاڳاري جو سئوٽ هو. پنهنجي چاچي شهيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه جي ڦاهي چڙهڻ وارو واقعو کيس ياد ته نه هو، پر پاڻي ٻڌائيندو هو ته :“ان واقعي وقت هلندڙ رياستي آپريشن ڪري سندس خاندان کي لڏي سکر وسائڻو پيو، جتي پاڻ تعليم حاصل ڪيائون ۽ سندن شعور جي سفر جي شروعات ٿي.”

ساڃاهه وند خانداني پسمنظر ڪري پاڻ سکر ۾ دوستيءَ جو هٿ وڌايائون. سياسي طور تي علامه عنايت الله مشرقي جي خاڪسار تحريڪ سندن پهرين سياسي جماعت هئي. ان دوران هو سنڌي ادبي سنگت جو پڻ ميمبر بڻيو ۽ سکر جي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقي ۾ رڪن الدين قاسمي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ ٻين سان سندن صحبت رهي. انهيءَ صحبت ڪري ئي فلسفي جو اڀياس شروع ڪيائون. مارڪس، هيگل، ڊارون، ارسطو، سقراط، بقراط کان ٿيندي سائين جي ايم سيد تائين دنيا جي سڀني مکيه فلسفن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيائين. ان ڪري تاريخي ماديت ۽ جدلياتي ماديت تي کيس ڀرپور عبور حاصل ٿيو. ان سان گڏوگڏ پاڻ “نفسيات” جو به گهرائي سان مطالعو ڪيائين.

انهيءَ مطالعي، مشاهدي ۽ عالماڻي صحبت ڪري هو گادي نشين خاندان هئڻ باوجود طبقاتي جدوجهد جو قائل ٿيو ۽ پورهيت طبقي جي ڪردار ۽ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي حقيقي نظريو سمجهيائين. ڪائنات جي ارتقا جي باري ۾ سندن نظريو ماديت وارو رهيو جيڪو آخر تائين رهيو.

سندس شخصيت ۾ نکار، پختگي، هم آهنگي ۽ قومي جذبو تڏهن پروان چڙهيو جڏهن سائين جي ايم سيد کي پڙهيائين ۽ ان بعد ساڻن 1980ع ڌاري سن ۾ ملاقات ڪيائين. هو جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. پارٽي کانئس فلسفي ۽ نفسيات تي مختلف هنڌن تي ليڪچر پروگرام ڪرائيندي هئي. ان سان گڏ هن اخبارن ۾ فلسفي ۽ نفسيات تي مضمون لکڻ پڻ شروع ڪيا.

جيئي سنڌ محاذ ۾ سندس عبدالواحد آريسر سان اختلاف ٿي پيا. هو تنطيم اندر حاڪميت جو مخالف ۽ ڀرپور جمهوري اصول رکندڙ هو. جنهن ڪري هن پنهنجن اصولن جي اتي پاسداري نه ڏسي پنهنجو ڌار “جيئي سنڌ محاذ” ٺاهيو، جنهن جو پاڻ صدر ۽ سرفراز ميمڻ سيڪريٽري ٿيو ۽ سڄي سنڌ اندر مضبوط تنظيم سازي ڪيائين.

1990ع ڌاري جڏهن جيئي سنڌ تحريڪ جو وجود عمل ۾ آيو ته هن جيئي سنڌ محاذ کي ان ۾ ضم ڪيو۽ پاڻ ان جي جيئمسٽ انقلابي ڪائونسل جو ميمبر، نظرياتي شعبي جو چيئرمين ۽ جيئمسٽ انقلابي ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو.

1995ع ۾ سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ انقلابي تنظيم جي انضمام جي نتيجي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ وجود ۾ آيو ته هو به ان ۾ شامل ٿي ويو، جنهن ۾ اڳتي هلي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين طور پڻ ڪم ڪيائين. احمد مجتبيٰ شاهه راشدي سان منهنجي شناسائي 1989ع ڌاري ٿي، پهرين ملاقات ۾ مون کي متاثر ڪيائين. ڇا ته سندن ڳالهائڻ جو مدبرانه انداز هو. هڪ هڪ لفظ ڌار ڌار، پرمغز ۽ پرمعنيٰ. ڳالهائڻ جو ڌيمو لهجو ۽ مختصر ڳالهه ٻولهه سندن انداز گفتگو هو. سندن اهو ڏانءُ علم دوست ۽ قومي ڪارڪنن کي موهي وجهندو هو. فلسفي تي کين وڏو عبور حاصل هو. ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي هئي ته پاڻ سڄي دنيا جي فلسفن کي هڪ هڪ ڪري بيان ڪندو ۽ ڀيٽيندو هو. هڪ ڀيرو آصف بالاديءَ جي جاءِ تي ڄامشوري ۾ ڪچهري ٿي. اتي احمد مجتبيٰ شاهه راشدي واهڙ وهائي ڇڏيا. آصف بالادي، حجت عباسي ۽ آئون حاضرين ۾ هئاسين.صبح ٿي ويو. پرهه ڦٽي پر سائين مجتبيٰ شاهه جو علم نه کٽو. سندن سمجهاڻيون ٻڌي نيڻن مان ننڊ ئي کڄي ويئي ۽ ٿڪ ئي لهي ويا. گهڻا دانشور ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڪنجو س طبيعت ۽ مختصر دسترخوان طور مشهور هوندا آهن. پر هو ان جي بلڪل ابتڙ هو. سندس اوطاق پير ڳوٺ ۾ اسان جيئمسٽ انقلابي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي گڏجاڻيون اٽينڊ ڪيون، پر سنڌ جي روايتي مهمان نوازي سندن گُڻ رهي. مهمان کي عمدا طعام، چانهن ۽ هنڌ بسترو ڏيڻ سندن مهمانداري اصول رهيا، جنهن مان سندن قومي ڪارڪنن سان محبت عيان آهي.

تنظيمي گڏجاڻين جي صدارت ڪندي گهڻو ڪري خاموش رهندو هو ۽ وچ ۾ مداخلت نه ڪندو هو. هر راءِ کي نهايت سنجيدگيءَ سان ٻڌندو هو ۽ آخر ۾ صدارتي راءِ نهايت جامع، مختصر ۽ سحرانگيز ڏيندا هئا. راءِ سان گڏ سندن وزنائتي راءِ اڪثر ڪري قبول ڪئي ويندي هئي.

سندن تقرير جو انداز نهايت نرالو هوندو هو. هو لفاظي نه ڪندا هئا. سندن تقرير گهڻو ڪري 10 منٽن تي مشتمل هوندي هئي. انهن 10 منٽن ۾ هو شاهڪار فلسفياڻا تجزيا پيش ڪندو هو ۽ سامعين کي نوان گس ۽ نيون راهون ڏيندو هو. نظرياتي طور تي هو ماديت پسند ۽ سيڪيولر هو، پر روحانيت پسنديءَ جي به هو ڪڏهن مخالفت نه ڪندا ئا. هن ڪارڪنن کي ڪڏهن به مذهبي مخالفت ۾ نه وڌو. هو پنهنجا نظرياتي خيال صرف انهن دوستن اڳيان پيش ڪندو هو، جيڪي ان سطح جا هوندا هئا.

سائين جي ايم سيد کي هو رڳو سياسي اڳواڻ، رهبر ئي نه پر فلاسافر پڻ سمجهندو هو. جي ايم ازم کي معروضي حالتن سان ملائي تجزيا پيش ڪرڻ سندن خاصو هو. احمد مجتبيٰ شاهه راشدي عملي جدوجهد ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو. 1983ع کان 1986ع تائين جيل ڪاٽيائين. ان کان سواءِ جسقم جي مرڻ گهڙيءَ تائين واري بک هڙتال، مختلف ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ سندن مکيه ڪردار رهندو آيو. هو بزرگ عمريءَ ۽ ضعيفيءَ کي نه ڏسندي گرم توڙي سرد موسم ۾ سڄي سنڌ جا دورا ڪندو هو. ڪارڪنن سان ڪچهري ۽ تاريخي ۽ جدلياتي ماديت کي ڳالهه ٻولهه وسيلي سمجهائيندو هو ۽ معروضي حالتن مطابق سنڌ جي آزاديءَ جي ضرورت کي ثابت ڪندو هو. ان ڪري قومي تحريڪ اندر پڙهيل لکيل ڪارڪن هميشه سندن چئوگرد پيا ڦرندا هئا.

جڏهن به سنڌ جي سياسي وايومنڊل ۾ ڪا هلچل ۽ چرپر ٿيندي هئي، ته پاڻ ان صورتحال تي فلسفياڻي انداز ۾ تبصرو ڪرڻ ۽ لائين ڏيڻ لاءِ اخبارن ۾ مضمون لکندو هو. پاڻ پنهنجي مضمون کي سهيڙي ٻن ڪتابن “خدا، انسان ۽ جبلت” ۽ “تخيل ۽ ڪائنات” نالي سان ڇپرايائون. جڏهن ته سندن هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب مواد ڪافي پيو آهي، جنهن جي ڇپجڻ جي سخت ضرورت آهي.

احمد مجتبيٰ شاهه راشدي جي وڇوڙي بعد سن جي قومي تحريڪ ۾ هڪ انتهائي اعليٰ پائي جي فلاسافر، مدبر ۽ قومي رهنما جو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن تي قومي تحريڪ جا ڪارڪن سوڳوار آهن ۽ اهو خال ڀرجڻ ڄڻ ته ناممڪن نظر اچي رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو