Home / افيئر / !جاگيرداريءَ تي سياست
above article banner

!جاگيرداريءَ تي سياست

پاڪستان ۾ لفظ جاگيرداريت متعلق مختلف وصفون ۽ وضاحتون استعمال ٿينديون آهن، جن جو نچوڙ اهو هوندو آهي ته زمين (سا به گهڻو ڪري زرعي ملڪيت) رکندڙ ماڻهو جاگيردار آهن، پوءِ انهيءَ وصف جي پيش نظر ملڪ جو هر ٻيو ماڻهو جنهن مهل جاگيرداراڻي، وڏيرڪي ۽ چوڌراڻي نظام جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو دراصل اهو ٿو چوڻ گهري ته ماڻهن کان زمينون ڦريون وڃن.

هر ٻيو ماڻهو ملڪ ۾ موجود سمورن سماجي، معاشي ۽ سياسي بحرانن جو سبب ان جاگيرداراڻي نظام کي قرار ڏيندي سڀني کان زمينون کسڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

ٻهراڙيءَ ۽ زرعي سماج جي پسمنظر کان واقفيت رکندڙ ان ڳالهه جي حمايت ڪندي اڃا اڳڀرو ٿي چون ٿا ته جاگيرداريت جو لاڳاپو رڳو زمين سان ناهي، پر انهن پيداواري ذريعن ۽ وسيلن سان به آهي، جيڪي چند استحصالي هٿن ۾ آهن ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪندڙ سموريون ڌريون فيوڊل آهن. انهن پيداواري ذريعن ۽ وسيلن جي جيڪڏهن شهر جو ڪو پڙهيو، لکيو، آڪسفورڊ مان ڊگري وٺي آيل استحصالي سرمائيدار هجي، سياسي اقتدار کي غيرآئيني، غيرقانوني ۽ غيراخلاقي طرح سان قبضو ڪندڙ ڪو آمر هجي، آمريتن ۽ مارشل لا کي ٽيڪو ڏيندڙ هڪ ايڪڙ زمين نه رکندڙ شهري سياستدان هجن، غاصباڻي نظام کي حمايت ڪندڙ سول سوسائٽي هجي يا ميڊيا، سول توڻي ملٽري بيورو ڪريسي يا انسانيت جو عوام دوست سان چونڊجي آيل جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ سياسي جماعتن جي آمراڻا طور ًحڪمراني هجي، اهو سڀ حقيقت ۾ فيوڊلزم آهي.

قبل مسيح جي دنيا پوءِ عيسوي سن، رومن امپائر يورپ جي اٺين صديءَ کان وٺي سورهين صديءَ جي ابتدائي ڏهاڪن تائين دنيا ۾ پيداواري ذريعا، وسيلا، طاقت ۽ اختيارن جو گهڻو لاڳاپو زمين سان هو، تنهنڪري بادشاهه ۽ چرچ زمين جي ورهاست جي ذريعي ماڻهن مٿان حڪمراني ڪندا هئا. هو پنهنجي استحصال لاءِ حڪمرانيءَ کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ پنهنجن بادشاهن جي مختلف علائقن ۾ مختلف فوجي اڳواڻنßچمچن ۽ وفادار وڏيرن کي زمين ڏيئي دراصل عوام تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهيندا هئا.

ان دور ۾ سرمائيداراڻو نظام هو نه ڪو ٻيو معاشي ۽ سياسي سسٽم. تنهنڪري زمين تي هر سياسي استحصال لاءِ استعمال ڪيو هو ۽ ايئن زمين سياسي طاقت جو سڀ کان اهم مهرو ٿي اڀريو جيڪو اڄ به آهي.

يورپ جي فرينڪٽس بادشاهن تي شاهه ڪتابن جا لکندڙ يورپي مفڪر Francois Louis Gamshof تي سڀ کان پهرين فرينچ ٻوليءَ ۾ لفظ فيوڊلزم(جاگيرداريت) تي تفصيلي بحث ڪيو، جنهن جو چوڻ هو ته جاگيرداريت بنيادي طور هڪ اهڙي سماجي، معاشي ۽ سياسي نظام جو نالو آهي، جنهن ۾ بادشاهه پنهنجي فوجي، مذهبي، سياسي ۽ سماجي مشيرن ۽ وفادارن سان گڏجي حڪمراني ڪندو آهي ۽ ان لاءِ هو زمين جي ورهاست کي سياسي طاقت جو اهم هٿيار سمجهندو آهي.

ان کان پوءِ يورپ ۾ جيئن ئي صنعتي، سائنسي ۽ ٻيا انقلاب شروع ٿيا ۽ ڦيٿو ۽ انجڻ ايجاد ٿيا ته دنيا زرعي سماج مان اڇل ڏيئي صنعتي سماج ۾ تبديليءَ ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ پوءِ اهڙي وڏيءَ تبديليءَ کي يورپ جي ڪيترن ئي سياسي مفڪرن، سماجي سائنسدانن، معاشي ماهرن ۽ دانشورن هڪ مثبت تبديلي قرار ڏنو ۽ خيال ڪيو ته اٺين صديءَ کان سورهين صديءَ تائين بدترين غلامي ۽ چرچ ۽ بادشاهه جي زبردست انتهاپسند نظام ۾ پيڙهجندڙ عوام کي صنعتي انقلاب ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو ملندو.

آدم سمٿ کان وٺي گيري بالڊي جهڙن مفڪرن ان تي لکيو. هوڏانهن سياست ۽ طاقت جي محور تي گهري اک رکندڙ ڪارل مارڪس چيو ته فيوڊلزم هڪ اهڙي صورتحال جو نالو آهي، جنهن کي اڳيان هلي، صنعتي انقلاب کان پوءِ به سرمائيداري نظام ۾ تبديل ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن سياسي نظريا واضح نه هوندا ته سرمائيداراڻو نظام به اوترو ئي عوام دشمن، جابراڻو، غاصباڻو ۽ استحصالي هوندو، جهڙو جاگيرداراڻا نظام. پوءِ پوري دنيا ڏٺو ته زمين تي قبضي ڪرڻ وارين استحصالي قوتن ۽ زرعي فيوڊلز جي هٿن مان نڪرندڙ سرمائيداراڻي فيوڊلزم جي قبضي ۾ اچي ويا.

يورپ ۾ جاڳرتا جي عظيم تحريڪ ”نشاط ثانيه“ کان پوءِ ماڻهو هجت پرست زرعي غلاميءَ مان نڪري جديد سرمائيداراڻي غلاميءَ ۾ ڦاسجڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته ڪال مارڪس چواڻي ته پيداواري ذريعا جيستائين فردن بدران رياست جي انتظام ۽ اختيار هيٺ نه هوندا، تيستائين فيوڊلزم مختلف شڪلين ۾ هلندو رهندو.

روسي انقلاب کان پوءِ فلاحي رياست جي تصور دنيا ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙيو ۽ پيداواري نظامن ۽ وسيلن تي رياست ۽ پوءِ عوام جي اختيار تي بحث هليا، پر روس جي ٽٽڻ کان پوءِ ۽ سرد جنگ جي خاتمي جي نتيجي ۾ سرمائيداراڻو نظام وڌيڪ جارحيت سان نمودار ٿيو، جنهن کي اسين اڄ ڪلهه نيو لبرل ازم يا نيو ڪيپيٽلزم چئون ٿا.

ننڍي کنڊ ۾ استعماري قوتن زمينون ورهائي، هڪ عوام دشمن اشرافيا پيدا ڪري پوري خطي تي قبضو به ڪيو ۽ سوين سال اقتدار به هٿن ۾ رکيو. ان وقت به استحصال جو وڏي ۾ وڏو پيداواري ذريعو زرعي زمين هئي، جنهن مان دولت حاصل ٿيندي هئي. انگريز سامراج خطي ۾ شورشن جي خاتمي، آزاديءَ جي جنگ کي ڪچلڻ، باغين کي مارڻ، سماجي ۽ سياسي تحريڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ رياستي زمين اهڙن طاقتور ماڻهن ۾ ورهائي، جيڪي سياستدان به هئا ته راجا به هئا ۽ انهيءَ سان گڏ مذهبي اڳواڻ ۽ فوجي جرنيل به هئا.

ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي کان پوءِ جيئن جيئن اقتدار يا پاور تي ڪنٽرول جا ذريعا مٽجڻ لڳا ته ننڍي کنڊ ۾ اهي نوان معاملا پنهنجو رنگ ڏيکارڻ لڳا. زمين جي قبضي کان سواءِ به اهڙا ٻيا ميدان اڀرڻ لڳا جن جي ذريعي اقتدار يا طاقت تي قبضو ايئن ئي ممڪن هو، جيئن زمين جي ڪنٽرول وسيلي ٿي پئي سگهيو. ان ۾ مذهبي طاقت سرفهرست هئي ۽ سامراج، فرقيواريت، لسانيت ۽ نسل پرستي جي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو.

ٻن مهاڀاري جنگين کان پوءِ فوج جو رياستن جي فيصلاسازيءَ تي ڪنٽرول وڌڻ لڳو ۽ پوءِ فو ج به سياسي اقتدار ۾ حصيداريءَ جي دعوا ڪرڻ لڳي. اڳيان هلي جديد رياست جي انتظامڪاريءَ جي نتيجي ۾ فوجي ۽ سول نوڪر شاهي اقتدار ۾ حصيداريءَ لاءِ هڪ نئين جاگيرداري روپ ۾ اڀري اڳيان آئي. ايئن ملوڪيتي نظام ۽ جديد نوڪرشاهيءَ جو نئون ٽڪساٽ شروع ٿيو. آزاديءَ جي تحريڪ مهل اڄوڪو پاڪستان مڪمل طور تي هڪ زرعي ۽ پوئتي پيل سماج هو. زمين جاگيردارن، خانن، وڏيرن، نوابن ۽ چوڌرين جي حوالي هئي. انگريز سامراج ۾ اڀريل طبقاتي تضاد عروج تي هو. مسلم ليگ جي سموري هندستان ۾ ويٺل قيادت جاگيردار هئي. هندستان جي شهرن ۾ اڀرندڙ مسلمان سرمائيدار ۽ مرڪنٽائيل ڪلاس کي هندو سيٺ هٿ پير هڻڻ نه ٿي ڏنو ۽ نتيجي ۾ هڪ اهڙيءَ رياست جو خواب ڏٺو ويو، جتي هڪ نئين هڪ هٽيءَ سان ڪاروهنوار هلائجي.

ان ڏس ۾ هندو مسلمان فرقيواراڻي تعصب کي هڪ وڏي سائنسي منصوبابنديءَ سان هٿي ڏيئي ملڪ کي مذهبي بنيادن تي حاصل ڪيو ويو هو. ملڪ حاصل ٿيندي ئي لسانيت، مذهب ۽ فرقيواريت کي مستقل هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، يو پي سي پي مان آيل انگريزن جي سول بيوروڪريسيءَ ۾ ڪم ڪندڙ شاطر لڏي، نئين ٺهيل ملڪ ۾ ڪمزور سياسي ڪلچر کي ڏسي جرنيلن، مذهبي اڳواڻن ۽ وڏيرن سان سازباز ڪري ملڪ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ايئن ملڪ ۾ هڪ نئين فيوڊل ڪلاس جنم ورتو.

جڏهن ته رڳو 0 1 سالن اندر ڪيترائي آئين ٺهيا ۽ ختم ڪيا ويا. ڏهاڪو کن وزيراعظّم گهر ڀيڙا ٿيا. وقت سان گڏ علائقائي۽ بين الااقوامي سياست جي پيش نظر خطي ۾ ٻن عالمي طاقتن وچ ۾ وڌندڙ سرد جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي دفاعي اهميت وڌي ۽ ايئن ضياءُ الحق کان مشرف تائين اهڙا آمر ملڪ مٿان نازل ٿيا، جن هر شيءِ کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ نسل پرستي، دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي، ڪلاشنڪوف ۽ هيروئين ڪلچر کي هٿي ڏيئي، هڪ نئون رجعت پرست فيوڊل ڪلاس پيدا ڪيو ويو.

زرعي پيداواري ذريعن وسيلي سياسي طاقت استعمال ڪرڻ جي مدمقابل نوان شهري صنعتڪار، ڊرگ بيرن ۽ مذهبي طاقتون اڀاري هڪ نئون جاگيرداراڻو نظام پيدا ڪيو ويو. ايستائين جو عوامي طاقت رکندڙ ملڪ جا ٻئي اهم قومي اڳواڻ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف به ان نئين جاگيرداراڻي نظام ۽ طاقت اڳيان بيوس ڏٺا ويا.

جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ اهو نئون جاگيرداراڻو ڪلاس وڌيڪ طاقتور ٿيو، جنهن ۾ گهڻو ڪري اهڙيون قوتون شامل هيون، جن کي هڪ ايڪڙ زرعي زمين به ورثي ۾ ناهي آئي،انهن ۾ فوجي جرنيل، صحافي، سياستدان، سرمائيدار، دهشتگرد، مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا شامل آهن. هاڻ اها ڳالهه واضح طور سمجهڻ جوڳي آهي ته جيستائين پيداوار زرعي زمين سان لاڳاپيل هئا ۽ سياسي طاقت جو سڌو سنئون لاڳاپو زمين سان هو، تيستائين ته استحصال ۽ جبر جا ذميوار جاگيردار هئا ۽ پوءِ جڏهن پيداواري ذريعا جبر جا وسيلا مٽجي ويا ته پوءِ انهن استحصال قوتن جي فهرست ۾ اهي نيون طاقتون به اچي وڃن ٿيون، جن ۾ جديد سياسي اصطلاح ۾ نوآبادياتي استحصالي نظام يعني نيوفيوڊل ۽ امپريلزم چٽو ٿي وڃي ٿو. پاڪستان اڄ به هڪ پٺتي پيل ٻهراڙين ۽ زرعي نظام تي هلندڙ سماج آهي. جنهن ۾ زمين رکندڙ وڏيري، جاگيردار يا چوڌرين جو اختيار ٻين طاقتن جي نسبت اضافي آهي، تنهن هوندي به هاڻ انهيءَ وڏيري کي ڪنهن ايجنسي جو ڪو آفيسر، ڊي پي او ۽ ڊي سي او ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري هاڻ انهن گڏجي هڪ نئون نظام جوڙيو آهي، جنهن ۾ هنن جا ساٿاري مذهبي اڳواڻ، صحافي ۽ ٻيون ڌريون به آهن، تنهنڪري اڄ هڪ فيوڊلزم جي وصف کي اڄوڪين موقعي حالتن ۽ زميني حقيقتن جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي.

پيداواري وسيلن ۽ طاقتن جي توازن کي سمجهڻ گهرجي، سنڌ جي جاگيردار سنڌي سماج جي اوسر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ان کي ضرور نندڻ گهرجي، پر گڏوگڏ اهو به سمجهجي ته هاڻ ان کي طاقت جا سرچشما ميسر آهن. سندس وڏيرو يا جاگيردار ڳوٺ ۾ اسڪول ته بند ڪرائي سگهي ٿو، سرڪاري ڊسپينسريءَ کي اوطاق ۽ وٿاڻ ۾ ته تبديل ڪرائي سگهي ٿو، اهو ٿاڻي، داروغي ۽ آبپاشي ۽ روينيو عملدار تي قبضو ڪري سگهي ٿو، پر اهو هاڻ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن کيس نوڪر شاهي، سگهارن ادارن ۽ ٻين نئين اڀريل فيوڊل ڪلاس جي پٺڀرائي حاصل هجي. تنهنڪري فيوڊلزم جي وصف کي وسيع معنيٰ ۾ سمجهڻ ۽ ان خلاف جدوجهد شروع ڪرڻ جي گهرج آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو