Home / افيئر / !ڪراچي: قومپرستيءَ جي نئين لهر
above article banner

!ڪراچي: قومپرستيءَ جي نئين لهر

لياري جي ڪڇي لوهار_ واڍا جماعت خاني ۾ گهر شماري جي حوالي سان ٿيل ميڙاڪو سنڌين جو تاريخي ميڙ هو، جنهن بابت شريڪ گهڻن ئي ماڻهن جو خيال هو ته هن کان اڳ ڪڏهن اهڙو ميڙ ٻڌو نه ڏٺو، اهڙو ميڙاڪو واقعي پراڻن ۽ نون سنڌين ۾ قومپرستي جي نئين لهر جي اُڀار جي نشاندهي ڪري رهيو هو، جيڪا مستقبل ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به اڃا زور وٺي سگهي ٿي.

ذڪر هيٺ آيل ميڙاڪي ۾ هڪ ته ڪڇين، گجراتين، ميمڻن ۽ ڪراچي جي ٻين مقامي آبادين سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻيو وري پهريون ڀيرو سنڌي قومپرست پارٽين جي مک قيادت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سميت ان ميڙاڪي ۾ شريڪ هئي.

اهو سلسلو ڪوئي هڪ ڏيڍ مهينو اڳ ان وقت شروع ٿيو جڏهن ڪڇي رابطا ڪائونسل ڪجهه سنڌي صحافين کي چانهه جي ڪپ تي جماعت خاني ۾ گهرايو، انهن ان موقعي تي شڪايتي انداز ۾ چيو ته کين نه رڳوقومپرستن بلڪه سنڌي ماڻهن طرفان به پنهنجو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهي ڪراچيءَ جا قديم سنڌي آهن. اهي پاڻ کي “وساريل سنڌي” چون ٿا. ڪڇي برادري اها پڻ شڪايت ڪئي ته اهي عام چونڊن ۾ هميشه ووٽ پ پ جي اميدوارن کي ڏيندا آهن ليڪن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پ پ کين ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ تيار ئي ناهي هوندي، جنهن ۾ اهي مختلف حڪمرانن طرفان نظرنداز ڪرڻ سسب ورهين کان ڦٿل آهن.

ياد رهي ته ڪڇي ننڍي کنڊ جي آزادي کان اڳ هندو آبادي جو توازن برابر ڪرڻ لاٰءِ ڪراچي آيا هئا، پر پوءِ اهي سر عبدالله هارو ن ۽ سائين جي ايم سيد جي آڇ تي ڪراچي پورٽ جي تعمير ۾ حصو وٺڻ لاءِ هتي آباد ٿيا.تڏهن به انهن مان گهڻائي رازڪي، واڍڪي ۽ لوهارڪي ڪم ۾ ماهر هئا. انهن هن وقت ڪراچي جي تاريخي عمارتن ۽ ڪيترين ئي اهم عمارتن جهڙوڪ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. لوهار_ واڍا جماعت خاني جي نالي جو پسمنظر به سندن ان ڌنڌي سان وابستگي آهي ۽ ان پٺيان ئي جماعت خاني تي اهو نالو پيو.

ڀُٽا وليج ڪياماڙ ي ٽائون ۾ چانهه جي دعوت تي صحافين سان گڏ ڪڇين، گجراتي ميمڻ ۽ ڪراچي جي ٻين قديم رهواسين شرڪت ڪئي. ڀٽا وليج واري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ صحافين کي اها آبادي گهمندي اهو شدت سان احساس ٿيو ته اهي هڪ ماڊرن شهر ويجهو ڄڻ ته موهن جو دڙو جا کنڊر گهمي رهيا هجن. اهو به محسوس ٿيو ته ڪراچي جهڙو وڏو شهر جتي اوور هيڊ برجن، انڊر پاسز ۽ وڏين عمارتن جو هر پاسي هڪ وڏو جهان آباد آهي اتي ڀٽا وليج نالي هڪ ڪُنڊ اهڙي به آهي جتي گهٽيون ايتريون ته سوڙهيون آهن جو ان مان هڪ ئي وقت ٻه ماڻهو نٿا لنگهي سگهن، جتي نه ته اسٽريٽ لائيٽ آهي ۽ نه وري ڍڪيل ناليون.

گڏجاڻي ۾ مختلف برادرين جي اڳواڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو پر سندن لهجو گجراتي گاڏڙ ڪڇي هيو. انهن جو چوڻ هو ته روشنين جي شهر کي اڏڻ ۾ سندن وڏو هٿ آهي پر اڄ اهي پاڻ اونداهه ۾ ٻڏل آهن. ڪڇي برادري جڏهن قومپرست سربراهن ۽ پ پ پ جي اڳواڻن کي پنهنجي وچ ۾ ڏٺو تڏهن انهن جو اتساهه وڌيو ۽ چوڻ لڳا ته هاڻي اهي پاڻ کي وساريل سنڌي نٿا سمجهن.

ان موقعي ته قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه، جسقم چيئرمين بشير قريشي، ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ جي ٻين گروپن جي اڳواڻن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻڻ پ پ جي رفيق انجنيئر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر قادر پٽيل ڳالهائيندي ماضيءَ ۾ قديم سنڌين سان رابطي جي فقدان تي معذرت ڪئي ۽ ڪڇي برادري کي پڪ ڏياري ته اهي اڄ کان ساڻن هر هنڌ گڏ هوندا. ان موقعي تي قوپرستن اهو به اعلان ڪيو ته جيڪڏهن آدمشماري ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ته پوءِ اهو ڪراچي کان تحريڪ جي شروعات ڪندا. اهو مطالبو پڻ ڪيو ته سنڌ ۾ آيل سمورن غير قانوني طور آيل پرڏيهين کي آدمشماري ۾ نه ڳڻيو وڃي ۽ 1954ع کانپوءِ ڀارت توڙي ٻين صوبن مان آيل ماڻهن کي الڳ ڳڻيو وڃي انهن وڌيڪ چيو ته اهي سنڌ ڄاون ۽ 1954ع کان اڳ ڀارت کان آيل اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن ٿا.

ڪراچيءَ ۾ اهو ميڙاڪو مون کي ائين لڳو ڄڻ اهو سنڌي قومپرستيءَ جي اهڃاڻ سائين جي ايم سيد جو نئون جنم هجي.

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو