Home / شوبز / !قطرينا ۽ سلمان هميشه لاءِ ڌار
above article banner

!قطرينا ۽ سلمان هميشه لاءِ ڌار

ڪجهه ڏينهن اڳ سلمان خان ۽ قطرينا ڪيف سندن نئين ايندڙ فلم لاءِ فوٽو شوٽ تي گڏ ٿيا، اها فوٽو شوٽ يش راج بينر هيٺ ڊائريڪٽر ڪبير خان جي ايندڙ فلم لاءِ ڪئي پئي وئي. فلم جي ٽيم فوٽو شوٽ واري خفي مان واندي ٿي ته سلمان خان پنهنجي پراڻي پيار قطرينا ڪيف کي مانجهاندي جي دعوت ڏني، جيڪا قطرينا ڪيف فوري طور قبول ڪري ورتي ۽ سلمان خان کيس ماني کارائڻ پنهنجي گهر وٺي ويو. قطرينا ڪيف جيڪا اڳ ئي سلمان خان جي گهر ڀاتين سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رکي ٿي، تنهن سلمان جي گهر ماني کائڻ بعد سندس گهر ڀاتين سان ڪچهريون ڪيون. سلمان خان ۽ قطرينا ڪيف جي پيار ڪهاڻي هڪ سال اڳ پڄاڻيءَ تي پهتي هئي، جنهن بعد آخري ڀيرو هن وڇڙيل جوڙي کي گذريل فيبروري ۾ هڪ ايوارڊ فنڪشن دوران ڏٺو ويو هو. قطرينا ڪيف کي ويجهو رهندڙ ذريعن جي دعويٰ آهي ته جيتوڻيڪ سلمان ۽ قطرينا هاڻ ڪٿي ڪٿي گڏ نظر اچن ٿا، پر سلمان ۽ قطرينا هڪٻئي جي جيون مان هميشه لاءِ نڪري چڪا آهن، ٻنهي جو گڏجڻ هاڻ ناممڪن آهي. ڪبير خان جي ايندڙ فلم جنهن لاءِ فوٽو شوٽ ڪئي پئي وئي، اها “شير خان” جي ٽائٽل هيٺ تياريءَ هيٺ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو