Home / سياسي افيئر / !نيت بَد، روٽي رد
above article banner

!نيت بَد، روٽي رد

ڪجهه ڏهاڙا پهرين پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ميڊيا طرفان پنجاب ۾ سرائڪي صوبي ٺهڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا ٺهندا ته پوءِ سنڌ ۾ به ڪراچي کي ڇو نه الڳ صوبو ٺاهيو وڃي. ان ڳالهه سنڌي ماڻهن جا پراڻا ڦٽ نئين سر کولي وڌا ۽ اهي سندس اهڙي راءِ خلاف ڀرپور آواز سان هر فورم تي اچي سامهون بيٺا. اهڙي ردعمل کانپوءِ اڳئين ڏينهن تي ڇوٽي ميان سئو ڊگري تان قلابازي کائيندي چيو ته هن ائين نه چيو هو سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. ان دوران ردعمل طور ڪراچيءَ ۾ هڪ سياسي گروپ طرفان مسلم ليگ (ن) جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ هڪ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جي ڪلفٽن ۾ موجود هوٽل ۾ پڻ ڀڃ ڊاهه جو واقعو پيش آيو. ائين پوءِ ان کان اڳئين ڏينهن تي شايد ميان نواز شريف جي خصوصي هدايتن تي مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري احسن اقبال اچي ڪراچي پهتو. هن پريس ڪانفرنس ڪري صوبن واري ڳالهه تي سنڌ جي عوام کي اهو پيغام ڏنو ته اهي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي وحدت خلاف نه آهن ۽ ساڻن هر سطح تي گڏ هوندا.

اهو اشو جيئن ته ميڊيا تي زوردار طريقي سان ڇانيل آهي ۽ تيلي مان ٿنڀ ٺاهڻ جا ماهر اينڪر پرسن ۽ هڪ لساني ڌر جي ونگار وهندڙ صحافين ان بيان کي غنيمت جو موقعو سمجهندي اهو بحث ڇيڙي ڇڏيو ته جيڪڏهن ملڪ جي ٻين صوبن ۾ نوان صوبا ٺهي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ به اهڙي گنجائش موجود آهي. حقيقت اها آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن بابت پ پ حڪومت ڪافي عرصي کان بحث ڪندي پئي آئي، پر ڪن ساڃاهه وندن جو خيال هو ته سنڌ کي ان بحث ۾ پوڻ نه گهرجي، ڇو ته سنڌ تاريخي طور هڪ ملڪ ۽ رياست رهي آهي ۽ اها هڪ تاريخي وحدت آهي. ٻين صوبن جا پنهنجا الڳ مسئلا آهن، انهن کي اهي پاڻ نبيرڻ گهرجن. باقي اسان وٽ موقعي جي تاڙ ۾ ويٺل لساني ڌر جي دل مان ان حوالي سان بغض ۽ ڪينو اڃا به ناهي ويو. ان ڪري ان معاملي کي اينگهائڻ هاٿيءَ کي هندستان ڏيکارڻ برابر آهي.

برابر سنڌ جي سڄڻن هاٿيءَ کي هندستان ڏيکارڻ نه پئي چاهيو، پر پ پ حڪومت پنهنجي مفادن کي مقدم رکندي جڏهن پنجاب وارن جي گهر ۾ پٿر اڇلايو ته انهن به دفاعي هٿيار طور هيڏانهن پٿر اڇلايو ۽ ايئن انهن هاٿيءَ کي هندستان ڏيکارڻ واري راهه ورتي آهي. حالانڪه هي جهيڙو سياسي ڌرين وچ ۾ مفادن جو آهي، عوام جو ان ۾ اچي نه وڃي. ڇو ته سنڌ جي عوام جو اهو مسئلو ڪونهي ته پنجاب ورهائجي يا نه؟ پر سنڌ جي عوام جو مسئلو اهو آهي ته کين حق حاڪميت ملي، سندن سمورن وسلين ۽ روزگار تي پنهنجي مالڪي هجي، جيڪا کين پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي حاصل ناهي. هتي ان ڳالهه جو به اپٽار ڪندا هلون ته سنڌ سان هميشه وڏي صوبي طرفان ڏاڍ جو سلسلو جاري رهيو آهي جيڪو رڪجڻ جونالو ئي نٿو وٺي. ڇو ته پياري پاڪستان ۾ وفاق جي نالي تي عمي طرح پنجاب جي حڪمراني آهي، وسيلن جي ورڇ کان ويندي پاڻي جي ورڇ، ملازمتن، داخلائن، انتظامي عهدن ۽ ٻين معاملن ۾ به جيستائين ڪو انهن جي “آنڪي” نٿو ڀري تيستائين ان لاءِ حاصلات ممڪن ئي ناهي.

هي جيڪو پاڻ ورهين کان اسٽيبلشمينٽ ٻڌندا اچون، اها به عملي طرح وڏي صوبي جي آهي، جيڪا ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ پڻ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام زيادتين سبب ڊگهي عرصي کان احساس محروميءَ جو شڪار آهي، جنهن جو احساس پ پ کانپوءِ ملڪ جي هڪ ٻي وڏي پارٽيءَ کي ڪيترو آهي، ان جو اندازو ميان شهباز شريف جي بيان مان ڪري سگهجي ٿو. لڳي ائين ٿو ته مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ سياست ڪرڻ تان آسرو لاهي ويٺي آهي نه ته ان جي قيادت هرگز اهڙا بيان نه ڏئي ها.” هڪ سينيئر صحافي شهباز شريف جي ڏنل بيان تي تبصرو ڪندي چيو.

سنڌ ياترا تي آيل ليگي اڳواڻ احسن اقبال وضاحتي پريس ڪانفرنس کانپوءِ سمجهيو ته هاڻي “سڀ ٺيڪ ٿي ويو” ۽ ائين هن ڪراچيءَ مان واپسيءَ جا سانباها پئي ڪيا ته مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ محمد اسماعيل راهو کيس سنڌي ميڊيا جي سينيئر دوستن ۽ ساڃاهه وندن سان ملڻ لاءِ ترسائي وڌو، ايئن پوءِ ساڻس ڳچ دوستن جي ڪارائتي گفتگو ٿي. هن مخلتف سوالن جا جواب ڏيندي وراڻيو ته “اسان قطعي طور سنڌ جي ورهاست جا حامي ناهيون. بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو. لساني بنيادن تي نه باقي انتظامي بنيادن تي ورهاست ٿئي ٿي ته ان کي قبول ڪنداسين، پر جيڪڏهن هڪ صوبي ۾ ورهاست ٿيندي ته اهو هڪ مثال ٺهندو ۽ پوءِ ٻين صوبن جي ورهاست کي به کي روڪي نه سگهبو.” مون جڏهن کانئس پڇيو ته توهان شهباز شريف جو دفاع به ڪريو پيا ته لڳ ڀڳ ڳالهه به ساڳي پيا ڪريو ته پوءِ نيت ڪهڙي سمجهجي؟ يا اهو ته توهان جي بقول ته مسلم ليگ (ن) سنڌ جو بابت موقف واضح آهي ۽ اوهان صوبائي خودمختياري جي حمايت به ڪندا رهيا آهيو، پر HEC واري اشو تي توهان سنڌ جي موقف جي مخالفت ٿا ڪريو، ساڳي وقت سنڌ ۾ ٽن قومپرست ڪارڪنن جي شاهدت بابت به توهان جو موقف سامهون نه آيو آهي؟ تنهن تي مون ڏٺو ته هو گهڙي پل لاءِ پريشان ٿي اُتي موجود اسماعيل راهو، ممنون حسين، مخدوم شاهنواز، سليم ضياءَ ۽ زين انصاري ڏانهن ڏسڻ لڳو. ان کانپوءِ هن چيو ته “صوبي جي ڳالهه بابت وضاحت ڪري چڪو آهيان، باقي ٽن قومپرست ڪارڪنن جي بيرحماڻي طريقي سان مارجي وڃڻ جي مون کي خبر ناهي، تنهن هوندي به مسلم ليگ (ن) ان واقعي جي شديد مذمت ڪري ٿي ۽ ان واقعي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ آواز اٿاريو ويندو.” ايئن هن هڪ سوال جي جواب ۾ گهرشماري بابت سنڌي قومپرستن جي خدشن کي درست قرار ڏيندي سندن 30 اپريل واري هڙتال جي به حمايت ڪئي.

هڪ طرف احسن اقبال ۽ اسماعيل راهو سميت مسلم ليگ جا سنڌ سان واڳيل اڳواڻ شهباز شريف طرفان ڪيل فائر کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئا ته ٻئي ڏينهن ساڳي ڏينهن تي چولستان ۾ شهباز شريف هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چئي رهيو هو ته پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا ٺهندا ته سنڌ ۾ به ٺاهڻا پوندا، پنجاب خلاف سازش جا سٺا نتيجا نه نڪرندا، پنجاب جي ورڇ جي خلاف آهيون.” معنيٰ ته سندس پارٽي جي اڳواڻن طرفان بند ٻڌڻ واري ڳالهه وري هڪ ٻي جذباتي تقرير ڌوڙ ڪري ڇڏي. حالانڪه احسن اقبال اسان جي اها ڳالهه نهايت ڌيرج سان ٻڌي ۽ قيادت تائين پهچائڻ جو به واعدو ڪيو ته سرائيڪي صوبي جو مطالبو سندن گهر جو جهيڙو آهي، جنهن کي اهي پاڻ نبيرين، سنڌ جي عوام پنجاب کي ٻه يا ٽي اڌ ڪرڻ جو ڪو به مطالبو ناهي ڪيو. ان ڪري توهان پنهنجي بلا ٻئي ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ڇو ٿا وجهو؟

شهباز شريف جي اُن آڏي اُبتي بيان جو مقصد بنيادي طرح اهو هو ته اهي پ پ ۽ صدر زرداري کي دفاعي پوزيشن ۾ وٺي وڃن، پر ايئن ٿيڻ بجاءِ اهي پاڻ دفاعي پوزيشن ۾ هليا ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو احسن اقبال کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جا ڪجهه ٻيا مرڪزي اڳواڻ جن ۾ سردار ذوالفقار کوسو، ظفر اقبال جهڳڙا، مهتاب عباسي، اسماعيل راهو ۽ ٻين سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، شاهه محمد شاهه ۽ ممتاز ڀٽي سان ملاقاتون ڪري صفائي پيش ڪئي ته اهي قطعي طور سنڌ جي وحدت خلاف ناهن، ان ڪري سندن وضاحت قبول ڪئي وڃي.

هڪ طرف اهي مثبت ڪوششون آهن، جن کي مانُ ملڻ کپي، پر ٻئي طرف پنجاب جو تعصب پرست دانشور لڏو جيڪو پڻ مسلم ليگ (ن) کي ويجهو چيو وڃي ٿو، انهن اهو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو آهي ته ٻه ڪروڙ جي آباديءَ تي صوبو ٺاهيو وڃي ۽ ان لاءِ اهي ڪراچيءَ جو مثال پيش ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه جو واضح مظهر هڪ اردو اخبار ۾ جاويد چوڌري جو لکيل اهو ڪالم پڻ آهي، جنهن ۾ هُن لڳ ڀڳ اها ڳالهه دهرائي آهي. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته پنهنجي گهر جو جهيڙو نه نبيري سگهندڙ پنجاب ٻين جي گهر ۾ جهيڙو ڪرائڻ واري هوڏ تي آخر ڇو بيٺو آهي؟ جيڪڏهن اهي همراهه شاونزم واري سوچ مان نڪتا ته پوءِ سڀاڻي سنڌ جو عوام تاريخي حقيقتن آڌار اها دعويٰ به دهرائي سگهي ٿو ته سنڌ جون سرحدون ملتان تائين رهيون آهن، پوءِ سندن ردعمل ڇا هوندو؟ ان ڪري تڪرار در تڪرار پئدا ڪرڻ بدران هوش حواس کان ڪم وٺي معاملا نبيربا ته سڀني جو ڀلو ٿيندو.

اها ڳالهه به اهم آهي ته جيستائين مٿئين ايوان ۾ ڪنهن ڌر کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل نه ٿي ٿئي تيستائين نوان صوبا ٺهي ئي نٿا سگهن. انڪري هڪڙي قسم جي منفي سياست آهي، جنهن کي پ پ وارا پنهنجي مفادن خاطر استعمال پيا ڪن. نواز ليگ وارا سندن گهر يعني سنڌ ۾ پٿر اڇلائي کين دفاعي پوزيشن اختيار ڪرائڻ گهرن ٿا.

ڇا به هجي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ تر خان، ارغون، مغل ۽ ٻيا ڪيترائي قابض، آمر آيا، انهن سنڌ کي هڙپ ڪرڻ به چاهيو، ون يونٽ به ٺاهيو ويو، سنڌ بمبئي حوالي به ڪئي وئي، اهي سڀ تجربا بدنيتي تي ٻڌل هئا، پر پوءِ به سنڌ دائم ۽ قائم آهي ۽ رهندي. بدنيت ماڻهو صفحه هستيءَ تان مٽجي ويا، ڇو سنڌي ماڻهو جو ان ڳالهه ۾ يقين آهي ته نيت بد ته روٽي رد، پر جڏهن به ڌرتيءَ تي ڏکيو قت آيو آهي ان سندرا سانباهي مزاحمت به ڪئي آهي. تنهن ڪري ڪو به انهيءَ خوش فهميءَ ۾ نه رهي ته سنڌ گدڙ کائي ويندا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو