Home / ڪور افيئر / !اسامه جو قتل ۽ رهجي ويل سوال
above article banner

!اسامه جو قتل ۽ رهجي ويل سوال

آمريڪا خلاف “مقدس جنگ” جي شروع ٿيڻ واري ڏينهن جو ڪو به نالو جهادي ڪتابن مان ته نظر ناهي آيو، ان هوندي به نيويارڪ جي ٽوئن ٽاور کي جنهن ڏينهن جهاز لڳا آمريڪا ان ڏينهن کي پنهنجي وحدت خلاف شروع ڪيل نئين جنگ جو عنوان ڏنو ۽ “القاعده” جي آڙ ۾ ڪيترن ملڪن اندر جنگ جو ميدان تيار ڪرائي ورتو. 2005 جي زلزلي ۽ 2010 جي ٻوڏ جي شڪار ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ جديد سامان سان پاڪستاني سرزمين تي پهتل آمريڪي فوجين هتي ڪيتري جاسوسي ڪئي يا ڪيترا جاسوسي ڪندڙ اوزار ڇڏيا، اسانجي رياستي ادارن وٽ ان جا شايد ته ڪي واضح انگ اکر ناهن. آمريڪي صدر جارج بش جڏهن سڄي دنيا لاءِ مستقبل جي واٽ واضح ڪئي هئي ته ”يا اسانجو ساٿ ڏيو يا دهشتگرديءَ جو“، تڏهن کان پرويز مشرف آمريڪي سي آءِ اي جي جاسوسن لاءِ پاڪستان جا دروازا کولي ڇڏيا هئا ان ڪري اسامه بن لادن جي مارجڻ واري واقعي جي پسمنظر ۾ پاڪستاني ادارن جي اها ڳالهه صحيح نظر اچي ٿي ته کين ايبٽ آباد آپريشن جي اڳواٽ خبر نه هئي.

القاعده سربراهه جي مارجڻ واري واقعي مٿان اڃان ته ڪيترن ئي مفروضن ۽ دعوائن جي دز پيل آهي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ صاف ٿي سگهندي پر هڪ خبر ته اها به نظر اچي ٿي سي آءِ اي پاڪستان جي جن شهرين کي پيسن عيوض پنهنجو جاسوس بڻائي ورتو هو انهن اسامه بن لادن تائين پهچڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪئي. ريمنڊ ديوس جي قصي کي ياد ڪري ڏسجي ته ان پاران ٻن پاڪستانين کي مارڻ کانپوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي هئي ان جو ڇيهه اتي ٿيو هو ته سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ وچ ۾ هلندڙ تعاون ختم ٿي چڪو هو، جڏهن ته آمريڪي اختيارين اهي الزام هڻڻ ۾ به تيزي آڻي وڌي هئي ته دهشتگردن خلاف ڪارراوئيءَ واري ڏس ۾ پاڪستان جو ڪردار مشڪوڪ آهي. انٽيليجنس تعاون ختم ٿيڻ باوجود آمريڪي ڪمانڊوز ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ڀرسان ڪامياب آپريشن ڪري دنيا جي ”وڏي دهشتگرد“ کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڇا اهو آپريشن صرف سي آءِ اي جي پاڪستاني ايجنٽن جي مدد سان ئي ڪامياب ٿيو؟ پاڪستان جي اندروني سلامتيءَ ۽ آمريڪا سان مستقبل جي لاڳاپن تي اسامه جي مارجڻ واري واقعي جا انتهائي گهرا اثر پوڻ جو خدشو آهي. ڇو ته آمريڪين پاڪستاني فوج جي رضامندي حاصل ڪرڻ کانسواءِ آپريشن ”جيرونيمو“ ڪرڻ بعد وضاحت ڪري ڇڏي آهي ته اگر پاڪستانين کي ان آپريشن بابت اطلاع ڏجي ها ته اهي اسامه کي اتان ڪنهن ٻئي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏين ها. آمريڪا ۾ اها لابنگ به شروع ٿي وئي آهي ته پاڪستاني ڳجهن ادارن پاران آمريڪا جي دشمن دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ، سندن زندگين کي بچائڻ واري ڪم ڪرڻ سبب دفاعي شعبي ۾ پاڪستان کي ڏني ويندڙ مالي ۽ فوجي ساز صسامان واري امدد فوري طور تي بند ڪئي وڃي.

پاڪستاني ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون آهن ته اسامه جا پيغام آڻيندڙ ۽ نيئندڙ ”عمر پاتيڪ“ جو سراغ پاڪستاني ڳجهن ادارن لڳايو ۽ کيس گرفتار ڪري اسامه جي رهائش واري هنڌ جو پتو لڳايو. جنهن بعد اهڙي معلومات جي سڌ آمريڪي اختيارين کي به ڏني وئي. پاڪستاني ميڊيا تي ڳجهن ادارن جو اڻ ڏٺو ڪنٽرول ته هميشه رهيو آهي، ان کان ڪو به انڪار ناهي، ان ڪري اهڙيون خبرون اگر ڪنهن اداري جي حمايت ۾ اچن ته تعجب نه ٿيڻ گهرجي. پر عمر پاتيڪ کي گرفتار ڪرڻ واري خبر جنه جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڇا ان اداري جي ئي موجوده پاليسي خلاف نه آهي!! جڏهن ته اهو عام سوال جيڪو هر شعور رکندڙ ذهن ۾ اڀريو آهي ته دنيا جي ٻيون نمبر متحرڪ انٽيليجنس ايجنسي آءِ ايس آءِ کي اسامه بن لادن جي فوجي ٺڪاڻن ڀرسان موجودگيءَ جي خبر ڪيئن نه هوندي؟ ملڪي تاريخ ۾ اهو عمل به ته پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ملڪ اندر ٿيندڙ جن واقعن ۾ آءِ ايس آءِ کي ملوث ڪيو ويندو آهي انهن واقعن جي ان فوجي تنظيم ڪڏهن ذميواري قبول ناهي ڪئي پر اسامه جي ايبٽ آباد ڇانوڻي ڀرسان موجودگيءَ واري معلومات نه هجڻ واري ڪمزوري تسليم ڪندي غيرسرڪاري انداز سان ان تي ”شرمندگي“ ظاهر ڪئي آهي.

جنگ جيئن ته هميشه معيشت جو حصو رهندي آئي آهي، ان ڪري دهشتگرديءَ خلاف آمريڪا جي جنگ جا معاشي پهلو ان حوالي سان ته مطالعي هيٺ ايندا رهيا آهن ته ان جنگ تي آمريڪا کي ڪيترو خرچ ڪرڻو پيو آهي ۽ سندن معيشت تي ان جا ڪيترا ناڪاري اثر پيا آهن، پر ان حوالي سان اڃان ڪا به تحقيق سامهون ناهي آئي ته ڪمپنين معرفت آمريڪا جي معاشي مفادن جو ڦهلاءُ ڪيتري حد تائين ٿيو آهي! پاڪستان جي عوام کي ان جنگ ۾ مسلسل نقصان سهڻو پيو آهي، اسانجي معيشت ڪيترن ڏهاڪن تائين ان جنگ جي ناڪاري اثرن کي ايئن ئي ڀوڳيندي رهندي جيئن سوويت يونين خلاف جنگ جا اثر سهڻا پيا. اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ پاڪستان کي جيڪي خوف ڏياريا پيا وڃن انهن مان هڪ اهو آهي ته آمريڪا هاڻي افغانستان مان پنهنجون فوجون ڪڍڻ شروع ڪندو جنهن بعد پاڪستان کي پنهنجي سرحدن اندر توڙي ٻاهر دهشتگرديءَ خلاف جنگ پنهنجي زور تي وڙهڻي پوندي. اها جنگ پاڪستان لاءِ انتهائي مهانگي جنگ هوندي. ان سان گڏ پاڪستان کي ٻيو خوف اهو ڏياريو ويو آهي ته آمريڪا پاڪستاني ادارن کي دهشتگردن جو ساٿي قرار ڏئي پاڪستان اندر سڌي مداخلت شروع ڪري ڏيندو ۽ انهن طالبان خلاف ڪارراوئي ڪندو جيڪي افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار نه آهن. عالمي ميڊيا چوندي رهي آهي ته پاڪستاني فوج افغان طالبان ۽ سندن پاڪستاني ساٿين کي پنهنجو دفاعي ورثو قرار ڏيندي رهي آهي.

تجزئي نگار القاعده سربراهه جي مارجڻ کي صرف ”هڪ واقعو“ قرار ڏئي رهيا آهن سندن خيال آهي ته القاعده جو ڀرپور نيٽ ورڪ وجود رکي ٿو القاعده جي ويڙهاڪن ۾ سندن سربراهه جي مارجڻ کانپوءِ بيدليءَ جا لاڙا پيدا ٿيندا پر دنيا لاءِ خاص ڪري آمريڪا ۽ پاڪستان لاءِ ان جي دشمني موجود رهندي ان ڪري آمريڪا صرف اسامه جي مارجڻ کانپوءِ پنهنجي حڪمت عمليءَ يا پاليسيءَ ۾ تڪڙي وڏي تبديلي آڻي سگهڻ جي غلطي نه ڪندو. آمريڪا افغانستان ۾ امن لاءِ اتان جي طالبان سان سعودي عرب جي معرفت ابتدائي ڳالهيون ڪيون آهن. دفاعي تجزئي نگار سمجهن ٿا ته افغان طالبان جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ ڪافي عرصي کان اسامه بن لادن يا سندس تنظيم کان لاتعلق هو ان ڪري صرف اسامه جو مارجڻ افغانستان ۾ جنگي صورتحال تبديل نه ڪندو. ۽ اگر آمريڪا طالبان سان معاملا طئي ڪرڻ بنان افغانستان مان پنهنجو فوجون ڪڍي وٺندو ته طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر القاعده جي ويجهو ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اها خوشفهمي درست ناهي ته آمريڪا جلد افغانستان مان نڪري ويندو ۽ پاڪستان پنهنجي پاليسين ۾ آزاد ٿي ويندو.

آمريڪي چاهن ٿا ته پاڪستاني فوج اتر وزيرستان ۾ موجود افغان طالبان جي حقاني نيٽ ورڪ خلاف فوجي آپريشن ڪري جيڪو افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهين ڪرڻ جو به مخالف آهي ۽ ان ڌڙي جا القاعده سان به لاڳاپا آهن. اهڙو آپريشن شروع نه ڪرڻ سبب ئي پاڪستان تي لڳندڙ ان الزام کي سچو سمجهيو وڃي ٿو ته پاڪستاني ادارن جا طالبان سان ويجها ناتا آهن. ان ڳالهه کي بنياد بڻائي آمريڪا انهن علائقن ۾ موجود حقاني نيٽ ورڪ جي طالبان اڳواڻن کي مارڻ لاءِ ڊرون حملن ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ پنهنجن فوجين ذريعي ايئن ئي ڪارروائي ڪري جيئن ايبٽ آباد ڇانوڻي ۽ ڪاڪول اڪيڊميءَ ڀرسان حملو ڪري اسامه بن لادن کي ماريو ويو. ان آپريشن ۾ ئي ثابت ٿي ويو ته پاڪستاني سرحدن تي لڳل ريڊار سسٽم کي آمريڪي چاهن ته وقتي طور تي ناڪاره ڪري سگهن ٿا ۽ چاهن ته چئن بجاءِ 40 هيلي ڪاپٽر به پاڪستاني فضائي حدن اندر ڪاهي اچن. اهو خوف ته هاڻي ملا عمر جي ليول جي انهن طالبان اڳواڻن ۾ به هوندو جن جي موجودگي به آمريڪي عملدار پاڪستان اندر ئي ظاهر ڪري رهيا آهن. پرويز مشرف جي دور کان وٺي اسامه جي مارجڻ تائين پاڪستاني حڪومت ۽ فوجي ادارن جو اهو موقف هو ته اسامه پاڪستان ۾ ناهي، ثابت ٿيو ته هو پاڪستان اندر هو، ايئن ئي آمريڪي چون ٿا ته ملا عمر سميت ڪيترا ئي طالبان اڳواڻ ڪوئيٽا، ڪراچي، وزيرستان ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ لڪل آهن. انهن طالبان اڳواڻن کي ته ڪوئيٽا شوريٰ جو نالو پڻ ڏنو ويو. تجزئي نگارن جو خيال آهي ته آمريڪا طالبان اڳواڻن خلاف اسامه بن لادن جهڙي ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ کين افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تي مجبور ڪندو ۽ پاڪستان تي دٻاءُ جاري رکندو ته آمريڪي مفادن خلاف خطرناڪ ارادا رکندڙن سان لاڳاپا ختم ڪري.

اسامه جي مارجڻ کانپوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿيڻي هئي ان تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ ”طاقتور ادارن“ پاڪستاني ميڊيا کي اهڙيون خبرون ڏيڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي جن خبرن جي ڪري عوامي سطح تي ڪو ردعمل پيدا ٿئي. ايتري حد تائين جو ايبٽ آباد جي جنهن گهر ۾ القاعده سربراهه کي ماريو ويو ميڊيا جي نمائندن کي ان گهر ڏانهن وڃڻ نه ڏنو ويو. ان گهر ڏانهن ويندڙ صحافين سان فوجي اهلڪارن سختي ڪئي کانئن ڪيمرائون ۽ وڊيو ٽيپس کسي ورتيون. اسامه جي مارجڻ کانپوءِ پابندي پيل تنظيم جماعت دعوه واحد جهادي تنظيم آهي جنهن جي سربراهه حافظ سعيد لاهور ۾ اسامه جي غائبانه جنازي نماز پڙهائي پر ميڊيا ڪوريج ٿيڻ باوجود ان جنازي نماز جو خبرون هلي نه سگهيون. ان ئي تنظيم ڪراچيءَ سميت ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پر انهن خبرن کي ميڊيا عوام تائين پهچائڻ کان قاصر رهي. جڏهن ته اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي ته پاڪستان جون هڙئي مذهبي تنظيمون ۽ سندن اڳواڻ خاص ڪري جي يو آءِ جا سڀ ڌڙا، جماعت اسلامي ۽ سابق ايم ايم اي جي سواءِ هڪ کان باقي سڀ پارٽيون افغان طالبان ۽ اسامه جي حق ۾ ڪوئيٽا، پشاور، راولپنڊي، ڪراچيءَ سميت ڪيترن شهرن ۾ عوامي جلسا منعقد ڪري چڪيون آهن انهن پارٽين اسماه مجاهد اعظم قرار ڏنو هو پر انهن پارٽين جي قيادت پاران ان حوالي سان ٽي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به ڪو بيان جاري نه ڪيو ويو. ڄڻ ته مٿانئن به ”پابندي“ مڙهي وئي ته خاموش رهڻو آهي. پاڪستان ۾ پروپيگنڊا جو موثر نظام موبائل ايس ايم ايس وسيلي رائج ٿي چڪو آهي پر شايد موبائل ڪمپنين مٿان به ڪا پابندي مڙهجي وئي هئي ته اهي اسامه متعلق ڪو ايس ايم ايس هلڻ نه ڏينديون. پاڪستان اندر معلومات پهچائيندڙ سڀ جديد نظام موجود هجڻ باوجود پراسرار خاموشي جي ڪري عوام جي ذهنن ۾ صرف سوال ئي پيدا ٿي رهيا آهن ۽ مفروضن تي ٻڌل ڪهاڻيون بحث هيٺ آهن. هڪ عام مفروضو اهو به آهي ته اسامه زنده آهي، آمريڪي ڊرامو پيا ڪن. ٻيو مفروضو اهو آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت خاص ڪري صدر وزيراعظم آمريڪين سان ٻٽ هئا ۽ کين اسامه جي مارجڻ واري آپريشن جي خبر هئي. ان سلسلي ۾ ته هڪ ناليواري انگريزي اخبار جي جهادي قسم جي رپورٽر ڪالم به لکي ورتو آهي. جڏهن ته مفروضن کان علاوه جيڪي به ڪارآمد خبرون آهن اهي به غيرملڪي ميڊيا وسيلي ئي آهستي آهستي منظرعام تي اچن پيون جن مان هڪ اها به آهي ته اسامه بن لادن گهر تي آمريڪي ڪمانڊوز جي چڙهائي کانپوءِ مزاحمت ڪئي ۽ بعد ۾ گرفتاريءَ جي ڊپ کان پنهنجي گارڊ کي چيو ته هو کيس مٿي ۾ گولي هڻي ماري ڇڏي. ان خبر جي حوالي سان تجزئي نگارن جي راءِ آهي ته اگر ايئن نه ٿئي ها ته آمريڪي صدام جيان اسامه جي به تذليل ڪن ها. اسامه جي موت کانپوءِ اهڙيون ڪجهه خبرون ۽ ڪيترا سوال گردش هيٺ آهن ڏسجي ته حقيقي معلومات ۽ سوالن جا صحيح جواب ڪڏهن ٿا ملن؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو