Home / شوبز / !پراچي ڊيسائي جو انڪار
above article banner

!پراچي ڊيسائي جو انڪار

 

پراچي ڊيسائي هڪ دفعو ٻيهر فلم ۾ هيرو سان رومينٽنڪ منظر ڪرڻ کان لنوائي وئي، هن ڀيري جان ابراهيم سان کيس رومانوي منظر ڪرڻو هو، پر پراچي ڊيسائي پاران انڪار بعد اهو منظر اداڪاره چترنگڊا کان ڪرايو ويو، جيڪا پڻ ساڳي فلم ۾ ڪري رهي آهي. اها فلم شريشتي آريا پاران ٺاهي پئي وڃي. فلم ۾ جان ابراهيم هڪ عاشق مزاج جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پراچي ڊيسائي ۽ فلمساز وچ ۾ ٿيل معاهدي ۾ ان قسم جي ڪنهن به منظر جو ذڪر نه هو ۽ پراچي ته اڳ ئي ڊائريڪٽر کي اهڙا منظر نه ڪرڻ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، پر ڪردار جي گهرج موجب کيس اهو منظر فلمائڻ لاءِ چيو ويو، جنهن لاءِ هن انڪار ڪري ڇڏيو. پراچي ڊيسائي تازو ئي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو آهي، سندس پهرين فلم “ونس اپان اي ٽائيم ان ممبئي” هئي، جنهن ۾ هن اداڪار عمران هاشمي سامهون هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو