Home / ڪور افيئر / !سي آءِ اي- آءِ ايس آءِ ڇڪتاڻ: هڪ هڪاڻي جي شروعات
above article banner

!سي آءِ اي- آءِ ايس آءِ ڇڪتاڻ: هڪ هڪاڻي جي شروعات

پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين وجود جي جواز ۽ سڃاڻپ جي گهوٽالن جو شڪار رهيو آهي. ايئن ان ڪري آهي ڇاڪاڻ ته مذب جي بنيد تي هاصل ڪيل ملڪ ۾ شامل سمورين پنجن وحدتن (بنگال، پنجاب، سنڌ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان) جي تاريخي قومي سڃاڻپ تسليم ڪندي برابر حيٿيت رکندڙ وحدتن جو وفاق جوڙڻ بدران مقتدر طبقي (پنجابي ۽ پناهگير) “پاڪستاني هڪ قوم” جو اصطلاح ايجاد ۽ استعمال ۽ هندستان مان آيل پناهگيرن جي ٻولي “اردو” کي ان قوم جي قومي ٻولي قرار ڏنو.

ملڪ جي گهڻ قومي هئڻ واري حقيقت کان انڪار ۽ وحدتن تي پنجابي-وانهگير مقتدر طباقي پاران ڌاري ٻولي ٿاڦڻ توڙي جمهوريت جي اڻهوند اصلوڪي پاڪتان جي وڏي ۾ وڏي وحدت اوڀر پاڪستان ۽ ننڍي ۾ ننڍي وحدت بلوچستان کي وفاقِ پاڪستان کان متنفر ڪري ڇڏيو. ٻنهي وحدتن جي شهرين خلاف گوليءَ جو استعمال 1948ع کان ئي شروع ٿي ويو هو. اوڀر پاڪستان 1971ع ۾ بنگلاديش بڻجي ڌار ٿي ويو ۽ بلوچستان خلاف هر ڏاهڪي ۾ هڪ فوجي آپريشن ٿيندو رهيو آهي. بنگالي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي سياسي قيادت تي سازش ۽ غداري جا ڪيس هلاي اويا، جڏهنت ه سنڌجي سيد کي ٽي ڏهاڪا جيل يا سب جيل ۾ رکيو ويو ۽ اهو سلسلو پڻ 1948ع کان شروع ٿيو جڏهن سيد کي گورنر جنرل محمد علي جناح ڪراچي سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ واري عمل جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪليو.

فطري ۽ سائنسي اصولن ۽ زميني حقيقتن کان انڪار جي بنياد تي قائم اڻ برابر وفاق 1948ع کان ڏاڍ ۽ ناانصافيءَ جي بنياد تي هلايو پئي ويو آهي. ون يونٽ اسڪيم ۽ ان جي آئيني تعبير 1973ع جي آئين جو مقصد وفاق جي نالي ۾ ٽن وحدتن جا وسيلا ۽ حقِ حڪمراني وڏي وحدت جي تسلط ۽ تصرف ۾ رکڻ آهي.

پاڪستان تي چئن جنرلن 32 سال حڪومت ڪئي آهي ۽ باقي 31 سال ملڪ ۾ “ڪنٽروليڊ ڊيموڪريسي” رهي آهي.

انهن علمن جي نتيجي ۾ قومن جي بردريءَ ۾ پاڪستان جو جيڪو تعارف جڙيو آهي. اهو ڪجهه هن ريت آهي:

- پاڪسان هڪ ناڪام رياست آهي (فارين پاليسي ميگزين).

- پاڪستان دهشتگرديءَ کي رياستي پاليسيءَ طور اختيار ڪيو آهي ۽ دهشتگردي برآمد ڪندڙ ملڪ آهي.

- پاڪستان جوهري ٽيڪنالوجي غيرقانوني طور برآمد ڪري عالمي امن کي خطري ۾ وجهندڙ غيرذميوار ملڪ آهي.

- پاڪستان دنيا جي ڪرپٽ ترين ملڪن مان هڪ آهي. (ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل)

- پاڪستان انتهاپسندن جي جنت ۽ دهشتگردن جي نرسري آهي.

- پاڪستان تي هڪ سگهاري اداري جي حڪمراني آهي، جيڪا رياست اندر رياست آهي.

اسلام، پاڪستان، وفاق ۽ قومي يڪجهتي سميت ڪنهن نه ڪنهن نعري/ بهاني هيٺ ٽن (ماضيءَ ۾ چئن) وحدتن جا وسيلا ۽ حقِ حڪمراني وڏي وحدت جي تسلط ۽ تصرف ۾ رکڻ لاءِ پاڪستان جون ڳهيون ايجنسيون مڪلي وحدتن خلاف جنگ جي چوٿين نلس هيٺ ويڙهاند ۾ آهن. اها هڪ ڳوڙهي (Complex) ۽ گهڻ مدتي جنگ هجي ٿي جنهن جي مکيه عنصرن ۾ دشمن وحدت جي ثقافت تي سڌو حملو، ميڊيا ذرعي دشمن وحدت خلاف انتهائي ماهراني نفسياتي جنگ ۽ سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ فوجي دٻاءَ جو استعمال شامل آهن. جنگ جي چوٿين نسل جو مقصد دشمن وحدت جي سياسي قيادت ۽ فيصلا ڪندڙ فردن کي اهو باور ڪرائڻ هجي ٿو ته سندن مقصد حاصل ٿيڻ جوڳا ناهن، يا اُهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کين تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

4th Generation Warfare ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پرتشدد غيررياستي عنصر کي پڻ دشمن خلاف Proxy War وڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور ڪراچيءَ ۾ (Proxy) جن وڙهندڙ پرتشدد غيررياستي عنصر ذريعي سنڌين لاءِ ڪراچيءَ جي تعليمي ۽ ڪارپوريٽ ادارن جا دروازا بند ڪرائڻ، سنڌين جي ڪراچيءَ ڏانهن لڏپلاڻ سست ڪرائڻ ۽ ٿيندڙ آبادڪاريءَ کي ڇڊو ڪرائڻ، مختلف غيررياستي عنصرن کي ويڙهائي رينجرس جي موجودگيءَ ۾ انهن تي سنڌ حڪومت پاران ٿيندڙ اربين رپين جي خرچ جا جواز پيدا ڪرڻ داخلي سطح تي 4th Generation Warfare جو هڪ مثال آهي.

ان گهڻ رخي ۽ گهڻ مُدَتي جنگ جي ٻين عنصرن جا مثال ميڊيا ذريعي سنڌين کي قبائلي وحشي، ڌاڙيل ۽ جنسي محورميءَ جو شڪار فردن ۽ گروهن طور پيش ڪرائڻ ۽ پاتلو ڀوتارن ذريعي قبائلي جهيڙن، ڏوهن ۽ مختلف قسمن جي سماجي براين کي هٿي وٺرائڻ ۽ بنيادي تعليم جي تباهي ڪرائڻ شامل آهن.

پرڏيهي سطح تي 4th Generation Warfare جا مثال ڀارت خلاف ڪشميري مجاهدن جي نالي ۾ قائم ڪرايل مختلف ويڙهاڪ گروپ ۽ لشڪر طيبه جو رول ادا ڪندي پاڪستان جي Proxy War وڙهن ٿا. افغانستان ۾ اهو ڪم القاعده / افغان طالبان، گلبدين حڪمت يار ۽ حقاني نيٽ ورڪ کان ورتو وڃي ٿو.

اپريل جي آخري هفتي ۾ وِڪي ليڪس / برطانوي اخبار گارجين پاران شايع ٿيل خبر موجب پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي ISI کي آمريڪي اختيارين دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اها خبر ڄڪلهه ملڪي ميڊيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي.

وِڪي ليڪس ويب سائيت تي لِيڪ ٿيل خبرن موجب آمريڪي سفارت خاني پاران واشنگٽن موڪليل ڪيبلز ۾ پاڪستان کي “ڀوائتو خواب” ۽ “مٿي جو سُور” چيو ويندو رهيو آهي.

27 جنوري 2011ع تي پاڪستان ۾ CIA ٺيڪيدار ريمنڊ ڊيوس پاران ٻن پاڪستاني شهرين جي قتل کانپوءِ CIA ۽ ISI جي ڇڪتان آچٽي ٿيڻ شروع ٿي. ISI پاڪستاني طالبن تي CIA جي ڊرون حملن تي سَرهي ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته غالبن اُهي ڀارتي ۽ افغان پيرول تي آهن، جڏهن ته اُها القاعده جي غيرملڪي ويڙهاڪن ۽ افغان طالبان تي CIA جي ڊرون حملن تي اَرهي ئي ٿي ڇاڪاڻ ته اُهي ISI جي پيرول تي آهن ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي Proxy جنگ وڙهن ٿا. ياد رهي ته تازو ئي مير عليءَ ۾ مسجد تي ٿيل ڊرون حملي ۾ 8 جرمن شهري مارجي ويا هئا، جن جو تعلق القاعده سان هيو.

اوباما جي اقتدا ۾ اچڻ کانپوءِ قبائلي علائقن تي ڊرون حملن ۾ 300 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جيڪا ڳالهه اهو ثابت ڪري ٿي ته آمريڪي پاڪستان ۽ ISI مان نه ته خير جي اميد رکن ٿا ۽ نه ڀروسو ڪن ٿا. اهي ISI کي افغانستان ۾ نيٽو فوجن تي ٿيندڙ حملن لاءِ ذميوار سمجهن ٿا. آمريڪين کي پاڪستاني فوجي اختيارين پاران طالبان جو دماغ سڏيو ويندڙ ڪوئيٽا شورا تي ڪو قدم نه کڻڻ تي ڪاوڙ آهي. ڪوئيٽا ملا عمر جي “محفوظ جنت” ليکيو وڃي ٿو.

ڊرون حملن سان لاڳاپيل ڪاررواين ۾ 13 اپريل 2011ع تائين CIA جا 9 اهلڪار ۽ 1439 کان 2290 جنگجو / سويلين مارجي چڪا اهن. CIA جا 355 اهلڪار پاڪستان ۾ مصروف آهن ۽ پاڪستان پاران سرگرميون بند ڪرڻ جي مطالبي تي 15 اپريل تي آمريڪا واضح ڪري چڪو آهي ته CIA پنهنجا آپريشنز بند نه ڪندي. CIA وٽ ان ڳالهه جا ثبوت موجود آهن ته ISI آفيسر ڪوئيٽا ۾ طالبان جي سپريم ڪائونسل جي ميٽنگز ۾ شريڪ ٿيندا رهيا آهن.

پاڪستان جي ISI طالبان جي مدد ڪري ٿي. (BBC News/13-6-10) CIA وزيراعظم گيلانيءَ کي ISI ۽ طالبان لاڳاپن متعلق چارج شيٽ پيش ڪئي. (Indian Express.com)

آمريڪي ايليٽ فورس پاڪستاني جوهري هٿيارن جي حفاظت يقيني بڻائي (سنڊي ٽائيمز- جنوري 2010ع)

ISPR سربراهه ميجر جنرل اطهار عباس (CNN سان ڳالهائيندي) چيو آهي ته 2008ع جي ممبئي حملن ۾ مذڪوره اداري جا سابق آفيسر ملوث ٿي سگهن ٿا. (ڊان نيوز 11-04-25)ئ

اهو پهروين ڀيرو آهي جو پاڪستاني فوجي اختارين ممبئي حملن ۾ سابق ئي سهي ISI آفيسرن جي ملوث هئڻ جو اشارو ڏنو آهي. ممبئي حملن ۾ آمريڪي شهري پڻ ماريا ويا هئا ۽ انهن حملن ۾ ملوث ٻه پاڪستاني ڊيوڊ هيڊلي جيڪو اصل۾ ملتان جو گيلاني آهي ۽ هاور حسين رانا اڳيئي آمريڪي حراست ۾ آهن، جڏهن ته چئن ٻين پاڪستانين ميجر اقبال، اَبُو قهاقه، ساجد مير ۽ مظهر اقبال تي 25 اپريل 2011ع تي فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. اُهي چار ئي ڄڻا مبينه طور تي پاڪستان ۾ آهن.

ياد رهي ته ڊيوڊ هيڊلي مارچ 2010ع ۾ اعترافِ جرم ڪري چڪو آهي. ممبئي حملن ۽ امريڪي شهرين کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ملوٿ سمورن ملزمن تي 16 مئي تي ڪيس هلندو.

گوناتانامو ۾ قيد 779 قيدين جي بيانن کانپوءِ اهو ثابت ٻڌايو وي و آهي ته 11/9 واري ڏينهن القاعده جي قيادت ڪراچيءَ ۾ موجود هئي.

امريڪا / نيٽو افغانستان مان ويجهي مستقل ۾ نڪرندي نظر ڪو نه ٿا اچن ڇاڪاڻ ته افغانستان اڃا سياسي طور مستحڪم ڪو نه ٿيو آهي. جيسيتائين نيٽو ۽ سرڪاري فوجن تي مبينا طور تي پاڪستاني حمايت سان طالبان پاران ٿيندڙ حملا بند نه ٿيندا ان وقت تائين افغانستان مستحڪم ٿئي سو ممڪن ڪونهي. ISI پاران نيٽو / امريڪي فوجن کي سووئيت فوجن وانگر ساڻو ڪري افغانستان مان نڪرڻ تي مجبور ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ جا نتيجا توقع جي ابتڙ نڪري رهيا آهن. امريڪا ۽ افغانستان، ڀارت جي ويجهو ٿي رهيا آهن جيڪو افغانستان ۾ روڊ، اسپتلاون ۽ ڊيم اڏي رهيو آهي ۽ افغانستان ڀارت کي دوستي ۽ تعمير جو اهڃاڻ سمجهن ٿا جڏهن ته پاڪستان جي باري ۾ سندن تصور ان جي بنهه اُبتڙ اهي.

اهو عين ممڪن آهي ته امريڪي ۽ ڀارت، پاڪستاني بلوچستان ۾ آجپي پسند ويڙهاڪن جي محدود مدد ڪندا هجن. مغربي طاقتن جي ايجنڊا جو آئٽم نمبر هڪ پاڪستان کي جوهري هٿيارن کان پاڪ ڪري عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڀارت کي چين جو متبادل حليف بڻائڻ آهي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ امريڪا ۽ ان جا مغربي اتحادي ISI سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن. امڪان آهي ته ڊرون حملن ۾ اضافي کانپوءِ امريڪي / نيٽو فوجون ڪوئيٽا ۽ اُتر وزيستان ۾ ڪمانڊوز ڪارروائيون شروع ڪن. ممبئي حملن ۾ ISI جي ملوث هئڻ جا ثبوت منظر عام تي آڻڻ ۽ ان بنياد تي پاڪستان کان ملوث آفيسرن جي حوالگيءَ جو مطالبو ڪرڻ، پاڪستان کي دهشتگرد رياست قرار ڏيئي گڏيل قومن جي مينڊيٽ هيٺ اقتصادي ۽ سفارتي پابنديون هڻڻ ۽ جوهري هٿيار گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ تلف ڪرڻ يا انهن تي ابضي لاءِ يلغار ڪرڻ پڻ ممڪنات ۾ شامل آهن.

جوهر هٿيار بين الاقوامي نگرانيءَ ۾ ڏيو يا پاڪستان جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ تيار ٿيو- آمريڪا ۾ ان جي اتحادين جو امڪاني الٽيميٽم ٿي سگهي ٿو.

اوير يا سوير جيڪڏهن ۽ جڏهن اهي اڳڀرايون Unfold ٿيون ته ڪراچيءَ جي اهميت اڃا به وڌي ويندي ۽ امريڪي توڙي ڀارتي پنهنجي پنهنجي قومي مفادن پٽاندر حليف ڳوليندا ۽ اُن جي پٺڀرائي ڪندا ۽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته موقعو هميشه موقعي جي انتظار ۾ تيار ويٺل ذهن کي ئي Favour ڪندو آهي. سنڌ جا ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجي ڌرتيءَ جي جاگرافيائي وحدت جي حفاظت لاءِ ڪيترو تيار آهن، اهو هڪ ملين ڊالر جو سول آهي.

ماضيءَ ۾ پاڪ ڀارت جنگ جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شيخ اياز جيل موڪليو ويو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ دوستيءَ جا حامي صرف سنڌي ئي هيا پر جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ عارضي ويجهڙائپ پيد اٿي ته ان جو فائدو پنجابين ۽ اردو ڳالهائيندڙ “جنگ” پرستن کنيو جيڪي هاڻي “امن جي آشا” جي پبلسٽي ڪري رهيا آهن.

سنڌي سيڪيولر ۽ امن پسند سوچ ۽ مزاج رکندڙ قوم اهي ۽ سنڌ عدم جارحيت وارو مزاج رکندڙ خطو رهيو آهي.اڄوڪي صورتحال ۾ عالمي طاقتن ۽ سنڌ جي مفادن ۾ هڪجهڙائيءَ کي اُڀارڻ ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. سنڌ جا ساڃاهه وند جيڪڏهن متحرڪ نه ٿيا ۽ بدلجندڙ صورتحال سان ٺهڪندڙ ڪا ڏور رس حڪمت عميل نه جوڙيائون ته ان جا نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪري سگهن ٿا.

اُسامه بن لادن جو موت: ڳجهارت ڀڄي پئي!

2 مئي 2011ع تي اُسامه بن لادن ايبيٽ آبات ۾ آمريڪي ڪمانڊوز جي آپريشن ۾ مارجي ويو آهي. ڊرون حملن کانپوءِ آمريڪي ڪمانڊوز پاران ملڪ جي اندر هڪ اهڙي شهر م ڪارروائي ڪرڻ جتي فوجي ڇانوڻي پڻآهي، پاڪستان خلاف Hostilities جي شروعات ۽ ان جي اقتدار اعليٰ ۽ خودمختياريءَ جا ويچارا ڪڍڻ مترادف آهي.

ان اڳڀرئاي مان اهو صاف ظاهر آهي ته امرڪي هاڻي “چورن ۽ سڌان ٻنهي سان گڏ” واري ٻهروپ مان بيزار ٿي چڪ اآهن. اُسامه بن لادن جي پاڪتان ۾ موجودگيءَ تي پاڪستان جي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ “خلوص” جي پت وائکي ڪري وڌي آهي. پاڪستان اندر آمريڪي فوجي ڪارروائيءَ تي تبصرو ڪندي ڀارتي مبصر ڀارت کي پڻ پاڪستان ۾ موجود گهربل دهستگردن ۽ سکيا ڪيمپ خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪس جو آپشن استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن.

ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ايراني سپهه سالار پاران جُندالله سربراهه عبدالمالڪ ريگيءَ جي ڪوئيٽا ۾ موجودگيءَ ۽ پاڪستان کي ريگي ايران حوالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ ريگيءَ جي ٺڪاڻن تي ميزائل حملن ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ريگيءَ کي نار جي هڪ عرب ملڪ ڏانهن کڻي ويندڙ جهاز کي ارياني جنگي هازن ڊرامي انداز ۾ ايران ۾ لاهي کيس گرفتار ڪري ورتو.

اسامه بن لادن جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ کان ISI بي خبر هئي اهو هڪ عجيب مذاق سمجهيو ويندو. 10 هزار جو اسٽاف ۽ (يونين ڪائونسل سطح تائين) ڏيڍ لک مُخبر رکندڙ ايجنسي 10 سالن تائين هڪ هاءِ پروفائيل رکندڙ غيرملڪيءَ جي روپوشيءَ بابت لاعلم رهي اهو ممڪن نٿو لڳي. ظاهر آهي ته اسامه بن لادن کي Safe House ۾ رکيو ويو هو. ان عمل سعودي حڪمرانن ۽ سعودي ڳجهي اداري “مخبرت” وٽ پاڪستان لاءِ ڪهڙا جذبا پيدا ڪيا هوندا، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو