Home / ڪرنٽ افيئر / !ق ليگ-پ پ اتحاد: نئين سياسي صف بندي
above article banner

!ق ليگ-پ پ اتحاد: نئين سياسي صف بندي

پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ قائد اعظم (پي ايم ايل ق) وچ ۾ گهڻي ڀاڱي ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن. شايد “افيئر” جي مارڪيٽ ۾ اچڻ تائين ان حوالي سان ڪا هڪ هڪاڻي ٿي به چڪي هجي، ڪو فيصلو منظرعام تي اچي چڪو هجي. ق ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون ته گهڻو وقت اڳ شروع ٿي چڪيون هيون. انهن ڏينهن ۾ نواز ليگ آهستي آهستي پيپلز پارٽي کان جند ڇڏائڻ لاءِ پَرَ ساهي رهي هئي. نواز ليگ جي حڪومت کان مڪمل طور الڳ ٿيڻ کانپوءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اهميت وڌي وئي هئي ۽ انهن پنهنجي مطالبن ۾ روز نه پر ڪلاڪن جي حساب سان واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو. يعني هر ڪلاڪ کانپوءِ هڪ نئون موقف سامهون آيو پئي. پيپلز پارٽي وارن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪرڻ لاءِ آصف زرداري ان ڪري مجبور هو جو کيس نواز ليگ تي اعتبار ئي نه هو. کيس اهو احساس هو ته هو ڪنهن به وقت ڌڪ پٽي سگهن ٿا. پر اها ڳالهه ساڳي طرح ايم ڪيو ايم لاءِ به هئي ته ماضيءَ جو رڪارڊ شاهد آهي ته هر معاملي ۾ انهن ڀرپور قيمت وصول ڪئي آهي.

اقتداري سياست ۾ ڏي وٺ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ کي خاص ڪري سنڌ ۾ اهڙو اچي منڍيءَ کان جهليو آهي جو هو ڦٿڪي به نه ٿا سگهن. حيرت آهي جو سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي حڪومت کان به رڳو “مطالبا” پيو ڪري. هو ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، خاص ڪري گهر ڳڻپ واري عمل سنڌ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم کي جيئن وڻيو، ان تيئن ڪيو. سموري سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي، مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پيا پر پيپلز پارٽي جي پنهنجي حڪومت ۾ ئي سندس بيوسي ڏسڻ جهڙي هئي. اها شايد عالمي ۽ ڏيهي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي هئي ته ايم ڪيو ايم کي هر حال ۾ حڪومت ۾ شامل رکڻو آهي، پر ان عمل سان پيپلز پارٽي کي خاص ڪري پنهنجي مرڪز سنڌ ۾ جيڪا قيمت ڀرڻي پئي آهي، ان جو حساب هو تڏهن ڏيندا جڏهن چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ ويندا.

پيپلز پارٽي جي هڪ لڏي جو اهو خيال به آهي ته پهرئين ڌڪ ۾ پيپلز پارٽي قيادت ق ليگ کي قاتل ليگ جو قلب ڏئي چڪي هئي جو محترمه انهن جي دور ۾ ئي شهيد ٿي ۽ اهو قاتل ليگ وارو جملو اهڙو مشهور ٿيو جو پيپلز پارٽي جو ڪارڪن ۽ همدرد وري ان ساڳي پارٽي سان اتحاد کي نه هضم ڪري ها ۽ نه قبول ڪري سگهي ها. ظاهر ۾ ته صورتحال اها نظر آئي ته اندروني طور پ پ ق ليگ سان اتحاد ڪرڻ ته چاهي ٿي پر في الحال تڙ تڪڙ ۾ ايئن ڪرڻ شايد ان لاءِ ممڪن نه هو تنهن ڪري هنن پنهنجي پڳ ايم ڪيو ايم جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي. ۽ پوءِ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ سان انهن ٽن سالن ۾ ائين ڪيو آهي جيئن اُٺ پتڻ تي ڪٽجي.

سنڌ اسيمبليءَ جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي انهن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد آهن ته حڪمران پارٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيئن عبرت جو نشان بڻبي رهي آهي. ان جو سڀ کان وڏو مثال اسپيڪر نثار احمد کهڙو پاران سنڌ اسيمبليءَ جي 2 سالن جي ڪارڪردگي بابت ظاهر ڪيل رپورٽ آهي، حالتون هاڻي ان حد تي وڃي پهتيون آهن جو خود پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ۽ همدرد اها راءِ رکڻ لڳا آهن ته سٺو ان ۾ آهي ته پيپلز پارٽي ق ليگ سان اتحاد ڪري ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ بليڪ ميلنگ کان بچي. ان جو مثال اهو آهي ته ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري شجاعت کي صدر آصف علي زرداري ايوانِ صدر ۾ گهرائي ملاقات ڪئي ۽ اتحاد بابت ڳالهين ڪيون ته پيپلز پارٽي جي ڪنهن به پاسي کان ان جي مخالفت لاءِ ڀرپور آواز نه اٿيو ۽ نه مذمت ٿي. هڪ طرح سان هو خوش به ٿيا ته ڪنهن طريقي سان ايم ڪيو ايم جي دٻاءَ مان جند آجي ٿئي. پيپلز پارٽي وارن جو چوڻ هو ته هنن لاءِ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. ايم ڪيو ايم به قاتل ته ق ليگ به قاتل، پوءِ هڪ سان اتحاد هر حال ۾ قائم رکجي پيو ته ٻئي سان ڇو نه؟ هو چون ٿا ته ق ليگ سان اتحاد ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو فاعدو ٿيندو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي منشور مطابق ڪجهه آزاد فيصلا ته ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي. جيڪو دٻاءُ ايم ڪيو ايم جو مٿس آهي، اهو گهٽ ٿي سگهندو. پيپلز پارٽي ق ليگ سان اتحاد ڪرڻ لاءِ ٿورو رليڪس ان ڪري به آهي جو سنڌ ۾ ارباب غلام رحيم ق ليگ ڇڏي هم خيالن جو هم خيالي ٿيو آهي. لياقت جتوئي الڳ پارٽي ٺاهي آهي، جنرل مشرف جيڪو ق ليگ جو تخليق ڪند ڙهو، ان کي پنهنجو اڳواڻ نه مڃيو، ان ڪري هن وڃي هڪ ٻي مسلم ليگ ٺاهي آهي. ٺٽي جي شيرازين جو معاملو به ليگ لاءِ مسئلو نه رهيو آهي. لاڙڪاڻي جي الطاف انڙ جو معاملو به ٿڌو ٿي ويو آهي.ق ليگ جي اڳواڻن شهيد ڀٽي جي ڪيس بابت صدارتي ريفرنس جي به ائين مخالفت نه ڪئي آهي. پيپلز پارٽي طرفان ته سڀ ڪجهه طئي ٿي ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته مرڪز ۾ 6 وزارتون پ پ ق ليگ کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. غوث بخش مهر، رياض پيرزادي، امير مقام، شيخ وقاص ۽ چوڌري وجاهت جي نالن تي راضپو به ٿي چڪو آهي، پر ڳالهه ق ليگ جي اندروني حلقن ۾ اٽڪي پئي آهي. ڇو ته مشاهد حسين ۽ فيصل صالح حيات وارو ڌڙو پيپلز پارٽي سان اتحاد جي مخالفت ڪري رهيو آهي.ڇو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ فيصل صالح حيات کي وفاقي وزارت ۾ شامل نه ڪندي. مشاهد جا پنهنجا ڪي معاملا آهن. ٻيوته پيپلز پارٽي ۾ عابده حسين ويٺي آهي ۽ فيصل صالح ۽ عابده حسين جي فيملي جهڳڙي سبب هڪ ٻئي سان ٺهن ئي ڪو نه. پر ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته چوڌري ڀائرن مشاهد حسين ۽ فيصل صالح حيات کي مڃائڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن ۽ پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ جي اتحاد بابت رسمي ها يا نه جو فيصلو ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ٿي ويندو.

هڪ اتحاد ته اهو جڙي رهيو آهي ٻيو اتحاد پردي پويان سست رفتاري سان ئي سهي (ن) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ به شروع ٿي چڪو آهي. ان حوالي سان اهو چيو پيو وڃي ته جنرل مشرف دور ۾ جڏهن ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڻ ۾ اتحادي هيون تن ڏينهن ۾ ئي متحده لاهور ۾ جلسو ڪرڻ پئي گهريو پر چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب حڪومت مختلف سببن ڪري انهن کي جلسو ڪرڻ نه ڏنو، جيڪو هاڻ بظاهر ايم ڪيو ايم جي سخت مخالف نظر ايندڙ ن ليگ پنجاب حڪومت ۾ ممڪن ٿي سگهيو. چيو وڃي ٿو ته اهو ن ليگ جو ايم ڪيو ايم ڏانهن هڪ قسم جو خيرسگالي وارو پيغام آهي. هاڻي اهو به ممڪن آهي ته اڳتي هلي ن ليگ ايم ڪيو ايم کي ماضي وانگر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف استعمال ڪري ته ٻئي پاسي ق ليگ پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان ن ليگ خلاف سخت پروپيگنڊا به شروع ڪري سگهي ٿي. بهرحال اهي اڃا مهڙيون ڳالهيون آهن، ڏسجي اڳتي ڇا ٿو ٿئي، پر پيپلز پارٽي بهرحال ق ليگ سان اتحاد ۾انتهائي سنجيده آهي. جو کيس پنهنجي اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻا آهن، جنهن سان هو سنڌ ۾ ڪجهه منهن ڏيکارڻ جهڙا ٿي سگهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ايئن نه ٿي ڪري ته کيس پنهنجي گراف جي سطح جي خبر ايندڙ چونڊن ۾ پئجي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو