Home / ويندي ويندي / !Qرِب جي Qابل ليگ
above article banner

!Qرِب جي Qابل ليگ

اوهان مان جن به اسان کي ايئن چوندي ٻڌو هو ته چوڌري شجاعت واري ليگ Qاتل ليگ آهي، تن غلط ٻڌو هو. دراصل اسان سنڌي ۾، ڪنهن به شئي تي جيڪڏهن پيار ايندو آهي ته ان کي قاتل سڏيندا آهيون. مثال طور: مٺا! تنهنجون اکيون ته صفا قاتل آهن- ته ان جي معنيٰ ٿي ته تنهنجون اکيون وڻندڙ آهن. صفا قرب لائق. اوهان مان ڪنهن چوڌري شجاعت جون اکيون ڏٺيون آهن؟ مون ڏٺيون آهن. ڪاري چشمي پٺيان ڏسڻ جو ڪارو جادو مون جناب لالو لاشاري کان سکيو هو. چوڌري صاحب جي اکين جو قرب مون کان هڪ پل به نه وسريو آهي. ان ئي ڪري هاڻ جڏهن اسان کي ڪرسي تي ويٺي ٽي سال گذري ويا ته اسان پنهنجن پراڻن دوستن کي سڏي پاڻ سان ويهارڻ لاءِ کين قرب جي ڪوٺ ڏني. جيڪا انهن قبولي. ۽ ائين اسان طئي ڪري ورتو ته ايندڙ چونڊن ۾ به اسان هڪٻئي تي قربان وينداسين.

دراصل، اوهان کان غلطي اها ٿئي ٿي ته اوهان اسان کي اڃا تائين پراڻي پيپلز پارٽي سمجهو ٿا. بابا! ڊاڪٽر مبشر ۽ جي اي رحي جيڪا پارٽي ڀٽي صاحب کان ٺهرائي تنهن کي ضياءَ هلڻ نه ڏنو ۽ پنڪي کي جيڪا پارٽي ورثي ۾ ملي تنهن کي مشرف فل اسٽاپ ڏيئي ويو. اسان اجايو ڇو وڏن جون دشمنيون نڀائيندا وتون. ان ڪري اسان ته ڪرسي تي ويهندي ئي مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪئي. هاڻ ڪوئي پاڻ اسان سان نه ٿو ٺهي ته اسان ڇا ڪريون؟ پاڻ ۾ ويٺا آهيون. اسان ڪراچي جي ڀائي لوگن کي منع ڪيو ته اهي گهرشماري ۾ پنهنجن وڏڙن جي قبرن کي مڪان ڪري نه ڳڻائن؟ اسان کين پوري اجازت ڏني ته جيئن وڻين سنڌ سان ڪن، سندن پنهنجو گهر آهي. قومپرستن جو اجايو مٿو خراب آهي، اسان جي نين تي شڪ ڪن ٿا. اسان جهڙو سنڌ جي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ناٽڪ ته رچائي ڏيکارين!

ها، سو ڳالهه پئي ڪئيسين قرب ليگ وارن جي. قرب ليگ ڇا ۾ خراب آهي؟ منهنجو مطلب آهي ته اسان هوبهو هڪجهڙا آهيون. ڄڻ جاڙا ڀائر.ڀلا اوهان پاڻ سياڻا آهيو. اوهان چار سال اڳ به سنڌ سيڪريٽريٽ آيا هوندئو ۽ هاڻ به ڀيرو ڪيو هوندئو. اوهان کي ڪو فرق نظر آيو؟ سنڌ جا شهر گهمو. ٽٽل روڊن، ڪچري ۾ ڍڪيل گهٽين، ابتو وهندڙ نالين ۽ بند اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ ڪو معياري ۽ مقداري فرق بيان ڪريو؟ منجهي پيا نه؟ اسان دراصل اوهان کي اهو ئي سمجهائڻ چاهيون پيا ته بابا، اسان ۾ ڪو به فرق ڪونهي. هاڻ ڪو دشمن اسان جو قرب ڦٽائي نه وجهي. اسان جي ته اميد اها آهي ته شال اسان تاحيات هڪٻئي کي هندوري ۾ لوڏيندا رهون ۽ اوهان هٿ لوڏيندا به رهو ۽ مليندا به!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو