Home / افيئر / !قومپرست سنڌ جو نمڪ ملهائڻ لڳا
above article banner

!قومپرست سنڌ جو نمڪ ملهائڻ لڳا

ڪو به ٻوٽو نه ٻارڻ جا طعنا سهندڙ سنڌ جي قومپرست سياست جنهن تيزيءَ سان اُڀري رهي آهي، 30 اپريل واري هڙتال اُن لهر جو هڪ ننڍڙو مثال آهي. گذريل ڇنڇر تي سنڌ جي عوام قومپرستن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي ڪراچيءَ جي نسل پرست تنظيم پاران هائيجيڪ ڪيل گهرشماريءَ جي نتيجي کي رد ڪرڻ جو فيصلو ته ٻڌائي ڇڏيو، پر پ پ سرڪار هن تاريخي هڙتال تي ڌيان ڏيڻ بدران مڪمل خاموشي اختيار ڪئي. اِن هيڏي وڏي احتجاج تي سنڌي ماڻهن جا ووٽ وٺي چونڊيل سرڪار پاران ڪا به موٽ نه ڏيڻ ظاهر ڪري ٿو ته پ پ سرڪار سنڌ جي ماڻهن سان ڪيترو گڏ بيٺل آهي. آدمشماري جي سلسلي ۾ 5 اپريل تي شروع ٿيل گهر شماريءَ تي سنڌي ماڻهو پهرئين ڏينهن کان ئي اعتراض واري رهيا آهن، پر پ پ سان ڳنڍيل سواءِ ڪجهه ميمبرن جي سموري پ پ سرڪار مطمئن نظر آئي ۽ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نواب شاهه، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ اردو آباديءَ جي گهرن کي ڳڻپ دوران سخاوت جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي گهرن کي هٿ وٺي ڳڻپ کان رهائڻ واري بدنيتيءَ تي ٻڌل سموري مهم تي خاص ڪري سنڌ سرڪار ڪو اسٽينڊ وٺڻ بدران اکيون ٻوٽي رکيون، جنهن جي نتيجي ۾ اڳ ئي بک، بدحالي، مهانگائي، بدامني ۽ ٻوڏ جهڙيون سوکڙيون ڏيندڙ پ پ سرڪار سان سنڌ جي عوام وڇوٽيون ويتر وڌي ويون ۽ نيٺ انهن هلندڙ گهرشماريءَ کي رد ڪرڻ ۽ نئين سر شفاف نموني گهر ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو.

گذريل 30 اپريل تي قومپرستن پاران ڏنل هڙتال جي سڏ کي سنڌ تاريخي موٽ ڏني، نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي سمورين سنڌي وسندين سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦيٿو جام ۽ شٽر هيٺ رهيو، سموري سنڌ ڪراچيءَ جي بندوق باز ٽولي پاران سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ اندر ئي اقليتن ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ۽ ان ڪوشش تي سنڌ سرڪار پاران ڪانڀ ٻڌي تماشو ڏسڻ خلاف پنهنجا ڪاروبار بند رکي اهو پيغام ڏنو ته سنڌ سرڪار ڀلي هن راتاهي تي پنڪين ۾ پيل هجي، پر سنڌ سجاڳ آهي. سنڌين جا گهر ڳڻڻ ۾ شوم بڻجي هٿ هلائڻ ۽ يو پي، سي پي، بهار بنگال، برما، سرگوڌا ۽ سوات کان پناهه لاءِ پهتلن جي ڳڻپ واري ڪم لاءِ حاتم طائي جي نسل مان چونڊيل عملي کي لڳائڻ خلاف 30 اپريل تي ٿيل هڙتال واري ڏهاڙي زندگيءَ جو سمورو ڪار وهنوار بيٺل رهيو، پر سمورو سرڪاري لڏو سنڌي ماڻهن جي هن احتجاجي سڏ کي ورنائڻ بدران اکين تي پٽيون ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ٿڌن ڪمرن ۾ اوٻاسيون ڏيندو رهيو. سنڌ ڪابينا ۾ 2 سيٽن جو حصو رکندڙ اي اين پي ۽ ضرورت نه هئڻ باوجود اقتداري بس ۾ زوريءَ ٽپ ڏئي چڙهي پيل متحده جي ٽڪي جي مطالبن تي ڇرڪ ڀريندڙ پ پ سرڪار جي ڪنهن به وزير مشير، ايم اين، ايم پي اي، ويندي ڪنهن پارٽي اڳواڻ به سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج تي ڌيان ڏئي ڪي ٻه ٻول ٻاهر ڪڍڻ بدران چپ سبيل رکيا. پ پ سرڪار جي سنڌ جي ماڻهن کان اها لاتعلقي ظاهر ڪري ٿي ته اقتدار ۾ اچڻ ۽ اقتدار بچائڻ لاءِ ڪتب ايندڙ خلق جي کين ڪيتري پرواهه آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سنڌين لاءِ ايئن ئي اهم آهي، جيئن هنن لاءِ سنڌ جي اهميت آهي، پر پ پ سرڪار وٽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪراچي آهي. سرڪار جي سنڌ جي عوام سان وهيل وهنوار مان لڳي ايئن ٿو ڄڻ هيءَ سرڪار اقتدار ۾ رڳو ڪراچي جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ آئي هجي، باقي سنڌ کان پ پ سرڪار جي لاتعلقي سنڌين کي ته هاڃو رسائي پئي، پر ايندڙ چونڊن ۾ ان جو نتيجو سنڌ اندر پ پ کي به ڌڪ پٽائي سگهي ٿو. اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ پ پ جي مفاهمتي پاليسي ان کي سنڌ جي عوام سان ٽڪراءَ ۾ آڻي بيهاري سگهي ٿي. پ پ جي مفاهمتي پاليسي مان سڄڻ کي ته ڪو آسرو ڪونهي، پر دشمن کي ڀئو بدران ڍئو ملي رهيو آهي. تنهن کان سواءِ پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ مان چونڊيل عيوضي حضرات ڪابينا کان ويندي اسيمبليءَ جي فلورز تائين سنڌ جي اشوز تي ڪو تحرڪ وٺڻ بدران ماٺ جي مرض ۾ ورتل آهن. هالا سان تعلق رکندڙ ۽ ٿر مان چونڊجي ايم پي اي بڻيل شرجيل انعام ميمڻ ۽ تاج حيدر تي سپريم ڪورٽ جڏهن ڪاوڙجي ٿي ته ان معمولي مسئلي تي پ پ سان تعلق رکندڙ سنڌ مان چونڊيل سمورا نمائندا جهاز ڀري يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهچڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن ۽ اُتي اهڙي ٻڌي ٿا ڏيکارين جو مجال جو ڪو مٿن ميري اک کڻي ڏسي، پر ساڳي وقت سنڌ جي اهم اشوز تي به اهي ساڳيا همراهه گڏجي هڪ آواز ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن.

سنڌ اندر آدمشماريءَ واري پهرئين مرحلي گهرشماري بابت پ پ سرڪار جنهن غيرسنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ اهو خدشو پيدا ٿي پيو آهي ته خدا خير ڪري ڪٿي اسين پنهنجي ئي وطن ۾ اوپرا اوپرا نه بڻجي وڃو.

هڪ طرف سرڪار جي اها غيرسنجيدگي ۽ لاتعقلي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ مقرر ٿيل سينسز ڪمشنر به ساڳيا سرڪاري پير ورتا آهن. سنڌ جي سينسز ڪمشنر نور محمد لغاري جي بيانن ۽ ڳالهين مان سنڌ سان سچائي ۽ پنهنجي منصب سان ايمانداري جهلڪي ٿي، پر نور محمد لغاري بابت اندروني ڳالهيون سندس ڪردار تي سواليه نشان لڳائي ڇڏين ٿيون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي هڪ اهم اڳواڻ سان ٿيل ذاتي ڪچهري ۾ هن ٻڌايو ته جڏهن گهرشماريءَ بابت بريفنگ وقت نور محمد لغاري کان هن گهر شماريءَ دوران بيقاعدگين بابت پڇا ڪئي ته هن کيس دل جاءِ ڏيندي چيو ته سنڌ اندر ٿيندڙ گهرشماري مطمئن ڪندڙ آهي. ڪي شڪايتون ضرور آهن، پر انهن جو ازالو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نور محمد لغاري آدمشماريءَ جي انگن اکرن جي ٽيڪنيڪل پاسن تي کين منجهائي رهيو هو. ايستائين جو هو صوبن جو آدشماريءَ وارو ريشو ڪڍي کين ٻڌائي رهيو هو ته ڇاڪاڻ ته پنجاب وڏو صوبو آهي، تنهن ڪري ان جي آبادي وڌيڪ ڏيکارڻي هوندي آهي. هاڻ جيڪڏهن رڪارڊ اندر انگن اکرن ۾ ڪنهن صوبي جي آبادي گهٽ يا وڌ ظاهر ڪرڻي آهي ته پوءِ سڄي ملڪ جي ماڻهن ۽ گهرن کي ڳڻڻ وارو خفو ڇو پيو ڪيو وڃي؟ نور محمد لغاريءَ جي ڳالهين مان ته ظاهر ٿي وڃي ٿو ته آدمشماريءَ دوران ننڍن صوبن سان ڪيترو انصاف ڪيو ويندو. سنڌ جي سينسز ڪمشنر پاران سياسي اڳواڻن وانگر ڏنل بيان ته هو سنڌ ڄائو آهي، سنڌ سان غداري نه ڪندو، پنهنجي جاءِ تي، پر سندس ٺلها بيان ٻڌي مطمئن ٿي ويهي نه رهڻ گهرجي.

ڌانڌلين سان ڀرپور گهر شماريءَ واري معاملي تي سنڌ جون قومپرست پارٽيون وارو وڄائي رهيون آهن، سندن ئي جاکوڙ جو نتيجو آهي جو هاڻ سنڌ اندر ٿيل گهرشماري تڪراري بڻجي وئي آهي، جنهن جي هٿ ٺوڪيل نتيجن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو. گهر شماريءَ واري معاملي، هميشه ڇڙ وڇڙ رهندڙ قومپرستن کي ميڙي مٺ ڪيو آهي، جنهن سبب سنڌ خلاف ٿيندڙ هن هيڏي وڏي سازش آڏو بند ضرور ٻڌجي ويو آهي. قومپرستن پاران سڏ ڏنل سنڌين جي 30 اپريل واري هڙتال سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش خلاف تحريڪ جي شروعات آهي ۽ شروعات ۾ ئي توقع کان وڌيڪ نتيجا ملڻ سنڌ جي قومپرست ڌرين جي حڪمت عمليءَ کي ڪاميابيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهن، پر ڊگهي عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر قومپرستن پاران عوام سنڌ سان سڌي ريت ڳنڍجڻ ڪري مستقبل ۾ خاص ڪري ايندڙ چونڊن ۾ کين وڏو فائدو ملي سگهي ٿو.

اها ڪا انوکي ڳالهه ناهي ته ڪنهن قومپرست ڌر پاران ڏنل سڏ کي سنڌ واسين ايڏي موٽ ڏني هجي، پر سنڌ جي حقن لاءِ سينو ساهيندڙ ڌرين جي منٿ تي ڪراچيءَ جا اڪثر علائقا بند ٿيڻ ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ جا مک روڊ ويران ٿي وڃڻ هڪ نئون ۽ مثبت رجحان ضرور آهي. 30 اپريل واري هڙتال دوران ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين سميت لياري، ڪياماڙي، ملير، گلشنِ اقبال، گلستانِ جوهر، شاهراههِ فيصل، ڊفينس سميت ٻين علائقن ۾ هڙتال جي ڪاميابي کانپوءِ اهو تاثر اُڀري آيو آهي ته ڪراچيءَ اندر به قومپرست سياست جون هوائون گهلڻ شروع ٿي ويون آهن. گڏوگڏ قومپرست پارٽين پاران ڪراچيءَ جي ڪڇي، گجراتي ۽ ميمڻ برادريءَ سان تعلق رکندڙ قديم سنڌين کي پاڻ سان ڳنڍڻ پڻ هڪ مثبت وک آهي.

مفاهمتي پاليسي جي صدقي ڳچيءَ پيل همراهه گهرشماريءَ ۽ پوءِ آدمشماري وارن نتيجا پنهنجي مرضيءَ جا آڻڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندا ۽ سنڌ سرڪار هن ڳنڀير مسئلي تي پاڻمرادو ڇرڪ ڀري اُٿي پوي تنهن جو به امڪان نه هئڻ برابر آهي، تنهن ڪري سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سنڌ اندر گهرشماري نئين سر شفاف نموني ڪرڻ لاءِ 30 اپريل واري ڪامياب هڙتال کانپوءِ پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌائي تحريڪ جي شڪل ۾ آڻڻو پوندو، جنهن لاءِ سنڌ جو عوام کين ڀرپور موٽ به ڏيندو، جيڪڏهن قومپرست ڌريون احتجاج کي تحريڪ جو روپ ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون ته اڳ ئي تڪراري بڻيل گهر شماريءَ جي نتيجن کي رد ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي. باقي پ پ سرڪار جيڪا پنهنجي ساک اڳ ئي ٻوڏ ۾ لوڙهائي ويٺل آهي، گهر شماري ۾ غيرسنجيده رويي سبب رهيل ڪسر به پوري ٿي وئي آهي. پ پ سرڪار جي سنڌي ماڻهن ڏانهن ان قسم جي رويي سبب ايندڙ چونڊون سندن لاءِ سنڌ اندر حلوو نه پر رُڪ جا چڻا ثابت ٿي سگهن ٿيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو