Home / سياسي افيئر / !سانگهڙ سانحو- جيڪي مون ڏٺو
above article banner

!سانگهڙ سانحو- جيڪي مون ڏٺو

تاريخ 21 اپريل منجهند ڏيڍ وڳي، منهنجي موبائل فون جي گهنٽي وڳي، ڪنهن دوست ٻڌايو ته افواهه آهي ته سانگهڙ لڳ جيئي سنڌ متحدا محاذ جو مرڪزي اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ مارجي ويو آهي. مهرباني ڪري تصديق ڪري ٻڌايو. ان وقت حيدرآباد کان ميرپورخاص ڏانهن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ وڃي رهيو هئس. مون فوري طور سانگهڙ جي صحافين ۽ ڪارڪنن کان معلوم ڪيو، جن تصديق ڪئي ۽ اهي وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا هئا. مون جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر کي اطلاع ڪيو، جنهن هدايت ڪئي ته توهان سانگهڙ پهچي شهيدن جا لاش وصول ڪريو.

آئون ميرپورخاص لهي پيس، وڪيل دوست علي حسن چانڊئي کي چيم ته گڏجي هلون متان ڪٿي ڪو قانوني مونجهارو هجي. ڪجهه ٻيا قومي ڪارڪن ساڻ ڪري اٽڪل ساڍا پنج ڇهه وڳي ڌاري سول اسپتال سانگهڙ پهتاسين.

اسان کان ٿوري دير اڳ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي) جو اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساٿين سميت پهچي چڪو هو ۽ لاش وصول ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي پوري ڪئي وئي هئي.

آئون ساٿين سميت مردي خاني ۾ ويس. ان وقت به سڙيل گوشت جي ڌپ اچي رهي هئي. ٽن لاشن مٿان اجرڪون ۽ جيئي سنڌ جا جهنڊا پيل هئا. اسان ڪپڙا هٽرايا، لاش جيڪي سڙي ڪوئلو ٿيل هئا، سڃاڻپ کان ٻاهر هئا. ڪيترائي ڪمزور دل ڪارڪن رڙيون ۽ الٽيون ڪري مردي خاني کان ٻاهر نڪري ويا.

سرائي قربان کهاوڙ جو لاش سندس ٽنگ ۾ لڳل راڊ جي بنياد تي، روپلي چولياڻي جو لاش، سندس هٿن جي آڱرين تي سڃاتا ويا، جڏهن ته ٽيون لاش نامعلوم هو، ٽئين لاش کي غور سان ڏسڻ سان مون کي شڪ ٿيو ته اهو لاش يا ته حفيظ هڪڙي جو آهي يا شفيع محمد برفت جو ٿي سگهي ٿو.

مون آريسر صاحب کي صورتحال فون تي ٻڌائي ۽ اشاري ۾ پنهنجو شڪ بيان ڪيو. ان دوران وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪن گڏ ٿي چڪا هئا. پوليس فورس جون به ڇهه ست موبائلون بيٺل هيون، ڪجهه آفيسر، سول ڊريس ۾ بيٺل هئا جن چيو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوءِ لاش کڻو. انهن سان ٿوري تيز بحث بازي ٿي.

هڪ آفيسر چيو ته هي جيئي سنڌ متحدا محاذ جا ڪارڪن آهن ۽ توهان ۽ نياز ڪالاڻي جسقم (آريسر ۽ قريشي) جا آهيو، توهان هتي ڪيئن آيا آهيو؟ يا ته هنن جا وارث پهچن يا جسمم جا ڪارڪن اچن.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، شهدادڪوٽ واسي هجڻ جي ناتي لاش وصول ڪيا ۽ مون چيوته اسان جا پاڻ ۾ ڪيڏا به اختلاف هجن، پر اسين شهيدن جا وارث آهيون، رت جي رشتي وارا وارث پري آهن ۽ پارٽي اڳواڻ رابطي ۾ ناهن. چوٿون زخمي (جيڪو بعد ۾ 30 اپريل تي ڪراچي جي پٽيل اسپتال ۾ شهيد ٿي ويو) نورالله تنيو موڪليو ويو آهي، جيڪو واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي. اتي راءِ معلوم ڪرڻ ۾ جسمم سان رابطو ۽ مشورو ڪرڻ بعد ايف آءِ آر جو فيصلو ڪيو ويندو.

اهڙي ريت لاش وصول ڪري ايمبولينس (هڪ ئي ايمبولينس ۾ ٽي لاش) رکايا ويا ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سانگهڙ کانپوءِ چونڊڪو واري رستي سان لاش کڻائي روانو ٿيو. سوين ڪارڪنن جو اسرار هو ته مين روڊ سان اچو ته اسين شهيدن جي آجيان ڪنداسين. پارٽي قيادت طرفان سانحي کي مدِ نظر رکندي 25 اپريل تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 16هين ورسيءَ جي جلسي جو پروگرام منسوخ ڪيو ويو، جو مون قيادت جي صلاح سان سانگهڙ پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس دوران (لاش روانا ڪرڻ بعد) ئي جلد ۾ اعلان ڪيو، ٻئي ڏينهن تي عام هڙتال جي اپيل به ڪئيسون.

ٻئي طرف حيدر منزل ڪراچي ۾ آدمشماري ڪميٽي جي هلندڙ اجلاس دوران ئي جيئن اهو اطلاع پهتو ته جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، بشير خان قريشي، رياض چانڊيو، اياز لطيف پليجو ۽ ٻين اڳواڻڻ پڻ ٻئي ڏينهن تي هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو. اهڙي ريت سنڌ جي اڪثر جماعتن ڌار ڌار ئي سهي، پر 22 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ عام هڙتال جو سڏ ڏنو.

ٽئين نامعلوم لاش جي ٻن ڏينهن بعد سڃاڻپ نادر بگٽي جي طور تي ٿي. واقعي ۾ زخمي ٿيل نورالله تنيو پنهنجي ابتدائي بيان ۾ ان جو نالو نه پئي کنيو. هي سانحو 21 اپريل تي ڪچڙي منجهند جو سانگهڙ کان چوٽياريون ويندڙ رستي تي باکوڙو موري ۽ کپرو موري وچ ۾ ٿيو. واقعي ڀرسان قومي ڪارڪنن جو ڳوٺ آهي، جن زخمي کي رڪشا تي اسپتال پهچايو، انهي ئي علائقي ۾ بگٽي اسٽيٽ آهي، ڪوٽ بگٽي جي نالي سان مشهور، اها اسٽيٽ برطانوي راڄ دوران پهرين حُر تحريڪ (1890ع ڌاري) کي چيڀاٽڻ لاءِ انگريز سرڪار سردار شهباز خان بگٽي کان مدد طور بگٽي قبيلي جا ماڻهو اتي آڻي آباد ڪيا ۽ کين اها جاگير ڏني، جيڪا پوءِ سندس پوٽي نواب اڪبر بگٽي کي ملي.

نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ هن وقت بگٽي اسٽيٽ، سردار عالي خان بگٽي جي ڪنٽرول هيٺ آهي ۽ عالي بگٽي وڏي “سرڪار” سان بيٺل آهي. انهيءَ اسٽيٽ مان براهمداغ بگٽي کي به حصو مليل آهي، پر عالي بگٽي جي ڪنٽرول هيٺ هجڻ سبب براهمداغ واري ڌر لاءِ “علائقه غير” بڻيل آهي.

سانحي ۾ استعمال ٿيل ٻه ڊبل ڪيبن وڏيون گاڏيون ۽ هڪ ڪار، مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب انهيءَ علائقي ۾ ئي گم ٿي ويون، اطلاع اهي آهن ته هنن اڳواڻن جو پيڇو ڪيو پئي ويو، قربان کهاوڙ وارا ان ئي ڏينهن صبح 8 وڳي وڪڙوم تعلقي ڏوڪري مان نڪتا هئا.

اسان کي ذميوار دوستن ٻڌايو ته کهاوڙ وارا ڪجهه دوستن سان ملندا آيا هئا، کين شڪ هو ته 1- هن هفتي 25 اپريل تي سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي دوران يا سن ڏانهن ايندي يا سن کان واپس ٿيندي، جسمم جي قيادت تي رياستي ادارا حملو ڪري سگهن ٿا. 2- ان لاءِ هنن اسان جي دوستن کي چيو ته جسمم جا ڪارڪن ۽ قيادت جسقم (آريسر) جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان گڏجي سن پهچن يا گڏجي واپس ٿين. 3- اهو به سوال اٿاريو هو ته بشير قريشي وارا هر دفعي سائين جي ايم سيد جي ورسي 25 اپريل تي ڏينهن ۾ ڪندا آهن، پر هن دفعي نامعلوم سببن جي ڪري، انهن الائجي ڇو هڪ ڏينهن اڳ۾ تاريخي 24 اپريل تي شام جو جلسي جو اعلان سن ۾ ڪيو آهي.

بهرحال اها ڳالهه واضح هئي ته جسمم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪنهن حملي جو شڪ پيدا ٿي چڪو هو. جيڪا ڳالهه 21 اپيل تي سانگهڙ جي ٿيل انهي سانحي سان ثابت ٿي وئي.

واقعو ڏاڍو ڀيانڪ، بي رحماڻو ۽ درديلو هو، جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي.

اسان جسقم پاران انهي سانحي جي سوڳ ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جو جلسو جڏهن منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته اميد هئي ته جيئي سنڌ هلچل جا ٻيا ڌڙا به ائين ڪندا، پر افسوس جو ائين نه ٿيو. بشير قريشي ۽ صفدر سرڪي وارن پنهنجا 25 تاريخ وارا جلسا ملتوي نه ڪيا. بهرحال سانگهڙ سانحي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

آئون هتي سنڌ جي قومي تحريڪ، جيڪي سنڌ هلچل، جيئي سنڌ متحدا محاذ، جسقم ۽ بلوچ تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه نقطا پڙهندڙن آڏو پيش ڪندس.

  • پهرين ڳالهه ته هن وقت تائين عبدالواحد آريسر جي قيادت هيٺ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ قومي محاذ اها واحد جماعت آهي، جنهن اعلانيه طور هر ڏکي گهڙي ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ خلاف ٿيندڙ سرڪاري تشدد ۽ سختي وقت مدد ۽ حمايت ڪئي آهي، اها وري الڳ ڳالهه آهي ته خود جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت گذريل سال آريسر جي پارٽي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، جيڪو غيرضروري عمل هو.
  • جيئي سنڌ هلچل جا ٻيا گروهه جيڪي اڄڪلهه عدم تشدد تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏين ٿا، اها انهن جي عجيب قلابازي آهي، ماضي ۾ جڏهن اهي اڳواڻ شاگرد اڳواڻ هئا، ۽ ان وقت سياسي پارٽي طور جيئي سنڌ محاذ به عدم تشدد جي پاليسي جي وڪالت ڪندڙ هو ته اهي دوست تعليمي ادارن، جلسن، جلوسن کان وٺي مير زمان ڪيس ۽ ميئر حيدرآباد ڪيس وغيره ۾ وڏي واڪي جيئي سنڌ محاذ تي تنقيد ڪندي، وڏي واڪي ويڙهه جون ڳالهيون ڪندا هئا، اڄ جڏهن سرڪار جو موچڙو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي تي وسي ٿو ته هي نه رڳو پاڻ کي ان کان الڳ ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا، پر “عدم تشدد” تي ايترو زور ڏين ٿا، جو خود مهاتما گانڌي به حيران هوندو ته منهنجا سچا مريد سنڌ ۾ وري ڪيئن پيدا ٿياآهن؟
  • خود جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت ۽ ڪارڪن، جيڪي پٺاڻن کي ٽن مهينن اندر سنڌ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي، جدوجهد جو هڪ ئي رنگ، گوريلا جنگ جا نعرا هڻڻ، پلاند وٺڻ جا اعلان ڪرڻ، سياسي جدوجهد جي پاسي کي رد ڪرڻ، گولين وارن پٽن ۽ ڪلاشنڪوف سان پهاڙن تي چڙهندڙ فوٽو ڪڍرائڻ جهڙيون دعوائن ۽ ڪوششون ڪندا آيا آهن، مون کي انهن جي سياسي تدبر ۽ سنجيدگي تي حيرت ٿيندي آهي ته هي سڀ ڇاهي؟ دنيا جو ڪو به گوريلا ليڊر جلسن جي صدارت ڪندي اسان نه پڙهيو ۽ نه ٻڌو. شهيد سميع الله ڪلهوڙو، ممتاز ڀٽو، ذوالفقار ڪولاچي، قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نورالله تنيو وغيره جهڙا مرڪزي اڳواڻ شهيد ٿيڻ ۽ رياست پاران ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ۽ گم ڪرڻ ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏيڻ جي باوجدو ڪو به هڪ نمايان ۽ قابلِ ذڪر ردعمل نه ڪري سگهيا آهن، جنهن مان اهو تاثر اڀري ٿو ته ويڙهه جي جنهن پيماني تي دعويٰ ۽ پروپيگنڊا ڪئي ٿي وڃي، ان ۾ تنظيمي طاقت ۽ سگهه چاليهين پتي جيتري به ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري بدترين تشدد جي باوجود پارٽي تنظيم جڙي نه سگهي آهي. بلڪه سڀني اختيارن جو مرڪز فرد واحد هجڻ سبب خود جسمم ۾ تنظيمي طور تي مختلف وقتن تي ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهي آهي. نواز خان زنئور هجي يا خليل خاصخيلي، سڪندر سومرو (مرحوم) هجي يا فدا جانوري، اصغر شاهه هجي يا ننگر چنو، سينيئر ڪارڪن به ٽٽندا ويا آهن. اهي سڀ اهڙا ماڻهو آهن / هئا، جن وڏيون قربانيون ڏنيون. گرفتار ٿيا، گم ٿيا، ٽارچر سيل ۽ اذيتون برداشت ڪيون، پر پوءِ به هلي نه سگهيا. ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي ڊپ يا ٿڪاوٽ جو شڪار به ٿيا هجن، پر ٿي سگهي ٿو ته ان جا ڪي سياسي سبب به هجن.

مثال طور تي ايئن به ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي سگهه ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ، ضرورت کان وڌيڪ شوق جو هجڻ، اختلاف راءِ کي برداشت نه ڪرڻ، پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط سمجهڻ جي روش، فتوابازي جي رجحان جو هجڻ وغيره.

آئون آزادي جي تحريڪ ۾ عدم تشدد يا ويڙهه جي سوال کي گهٽ اهميت ڏيندو آهيان، منهنجي نظر ۾ اهي حڪمت عملي جا سوال آهن. ۽ حڪمت عملي تنظيمي سگهه، عوامي رجحان، بين الاقوامي حالتن ۽ دشمن جي چال کي ڏسي طئي ڪئي ويندي آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون تحريڪون مثال طور تي پيش ڪري سگهجن ٿيون، جن پرامن جدوجهد کان غيرپرامن جدوجهد يا غيرپرامن جدوجهد کان پرامن جدوجهد طرف وک وڌائي. سنڌ جي قومي تحريڪ جو بنيادي الميو عدم تشدد ۽ تشدد ناهي. بنيادي الميو هي آهي ته عدم تشدد وارا، عدم تشدد جي ڳالهه ته ڪن ٿا، پر انهن جي جدوجهد ۾ ڪٿي به عدم تشدد جي اصولن جي پابندي ۽ خلوص نظر نٿو اچي.

ساڳي ريت تشدد جي ڳالهه ڪرڻ وارا، دعوائون ته ڪن ٿا، پر ان لاءِ گهربل سنجيدگي، تياري ۽ عمل جو مظاهرو نٿا ڪن.

ٿي سگهي ٿو ته هر ڪنهن وٽ ان لاءِ ڪي عذر، بهانا يا سبب هجن، پر سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ بنيادي کوٽ نظريي جي نه پر عمل جي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تشدد ۽ عدم تشدد جي نعري بازي جي باوجود ٺوس تنظيم ڪاري ۽ جدوجهد ٻنهي رجهانن جي حوالي سان گهربل سطح تي نظر نٿي اچي.

اها مون سميت هر قومي ڪارڪن جي خواهش ۽ ڪوشش هجڻ گهرجي ته جيڪو به جدوجهد جي جنهن به طريقي کي درست سمجهي ٿو ته ان مطابق ٺوس ڪم ڪري ۽ نتيجا ڏئي. ٻي صورت ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندو، جيڪو ٿئي پيو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو