Home / پروفائيل / !شهيد الله بخش سومرو: سنڌ جو هڪ امر ڪردار
above article banner

!شهيد الله بخش سومرو: سنڌ جو هڪ امر ڪردار

 

شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو پهريون وزيراعظم هوندي اهي مثال ڇڏي ويو آهي، جنهن کي سندس سياسي مخالفن به مڃيو هو. سادي، سٻاجهڙي هن شخص لاءِ هن جي ڪٽر مخالف پير علي محمد راشدي پنهنجي لکڻين ۾ هن کي انتهائي ايماندار ڪردار قرار ڏنو هو. شڪارپور جي سومرا ڪٽنب سان واسطو رکندڙ سنڌ جو هي سڄڻ ويهين صديءَ جي اهم ترين شخصيت ثابت ٿيو. شهيد الله بخش سومرو وچولي ڪلاس مان اڀرندڙ اهو عظيم سياستدان هو، جنهن سنڌ جي روايتي سياست کي رد ڪندي خالص عوامي مسئلن جي بنياد تي سياسي ڪاروهنوار هلائڻ واري لاڙي کي متعارف ڪرايو. هند ۽ سنڌ اندر سياسي ميدان ۾ شهيد الله بخش سومرو بي پناهه صلاحيتن جو مالڪ اڳواڻ ثابت ٿيو.

ٺل مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن سيڪنڊري تعليم لاءِ شڪارپور ۾ داخلا ورتي، شهيد الله بخش سومرو پنهنجي اسڪول ۽ڪاليج واري دور ۾ ئي ذهين هو، هو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ذهانت ڏيکارڻ سان گڏوگڏ سماجي اٿ ويهه ۾ به اڳ کان اڳرو رهيو. شهيد الله بخش سومرو جو والد وچولي طبقي جو هوندي به هن کي اعليٰ تعليم ۽ بهترين پرورش ڏياري جنهن هن کي سياست ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو پنهنجي هوشياريءَ سبب عوامي خدمت لاءِ سياست ۾ اچي ويو. شهيد الله بخش سومرو پهريون ڀيرو 1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جو ميمبر ٿيو، جنهن کانپوءِ هو 1928ع ۾ سکر ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ 1930ع ۾ وري انهيءَ جو ئي صدر ٿي ويو. شهيد الله بخش سومرو مقامي عهدن تي هوندي ئي اهي مثال قائم ڪيا، جنهن سبب هن جي عزت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ پڻ ايندي آئي 1933ع ۾ شهيد الله بخش سومرو کي (Order of the British Empire OB.E) وارو خطاب ڏنو ويو. 1932ع کان 1943ع تائين زندگي جا 20 سال چار مهينا سياست ڪندڙ سنڌ جو هي انمول هيرو ان مختصر عرصي ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جو وزيراعظم ۽ هندستان اندر حريت پسند ليڊرن جي صفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. شهيد الله بخش سومرو واقعي عظيم هو، سندس سياست توڙي شخصيت ڪنهن به طرف کان داغدار نه هئي، هو جهڙو ٻاهران امر هو، تهڙو ئي اندر کان اجرو هو.

شهيد الله بخش سومرو پهريون اڳواڻ هو جنهن وزيراعظم جهڙي عهدي تي هوندي به ان ئي سرڪار جي مخالف مولانا عبيدالله سنڌيءَ تان نه صرف جلاوطني ختم ڪرائي کيس پنهنجي وطن ورڻ جي اجازت ڏني، پر پاڻ ڪراچيءَ جي بندر تي مولانا جي استقبال لاءِ ويو، هندستان جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙو اڳواڻ هو جنهن ان ئي سرڪار جي مخالف کي وطن واپس ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. عبيدالله سنڌي سک مان مسلمان بڻميو هو، هن ايشيا اندر انقلابي جدوجهد پئي ڪئي، جيڪا پڻ هن ملڪ جي حڪمرانن کي زهر لڳي هئي. بعد ۾ مسلم ليگ سندس مان ۾ آجياڻو به ڏنو، پر جڏهن مسلم ليگ ۾ آئو جا نعر الڳا تڏهن هن احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو. شهيد الله بخش سومرو تنهن دور ۾ وڏيرن کي مليل ماجسٽيرٽ جا اختيار هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيا. شهيد الله بخش سومرو ڪانگريس جي پاليسيءَ جي پوئيواري ڪندي وزيرن جي پگهار 500 رپيا مقرر ڪئي. ان دور ۾ توڙي جو ننڍي کنڊ ۾ عهدن جو ڏيکاءُ سياسي ڪلچر جو حصو هو، پر شهيد الله بخش سومرو ڪڏهن به انهيءَ ڪلچر کي هٿ نه لاتو. ڪڏهن به هن سرڪاري ڪار تي جهنڊو استعمال نه ڪيو. هن ڪڏهن به ڪو آجياڻو قبول نه ڪيو، هن ڪڏهن به پنهنجو اهڙو ڪو خرچ سرڪاري خزاني مان نه ڪيو، جيڪو هن جي نالي ۽ دٻدٻي لاءِ استعمال ٿئي. شهيد الله بخش سومرو عام طور به سادو ۽ سٻاجهڙو ته سرڪاري ڪرسيءَ تي به اهو ئي هو کائيندو هو، عام ماڻهن سان ۽ عام ماڻهن جهڙو هو، هو لٽو ڪپڙو پائڻ جو شوق رکندو هو نه صرف جيڪي ڪپڙا پاڻ وٺندو هو اهي دوستن لاءِ به وٺيو ايندو هو، هو بازار مان خريداري به پاڻ ڪرڻ ويندو هو، سفر ۾ به عام سواريءَ کي ترجيح ڏيندو هو، خاص ڪري ريل گاڏيءَ جو سفر پسند ڪندو هو، هو شڪارپور ۾ هڪ ٽٽل ڦٽل جيپ ۽ ان کان سواءِ ڪرائي جي ٽانگي تي سفر ڪندو هو.

شڪارپور جڏهن به ايندو هو ته ٽانگي تي چڙهي دوستن ڏانهن ويندو ۽ دوستن کي ٽانگي تي وٺي شهر گهمڻ ڦرڻ ويندو هو، هو اڪثر دوستن سان ٻاهر هوٽلن تي چانهه پيئڻ جو شوقين هو، جنهن سبب هو جڏهن به شڪارپور ايندو هو ته و هوٽل تي ويهي چانهه پيئڻ کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو هو. شهيد الله بخش سومرو پنهنجي دور ۾ عوام جي خيرخواهي جا ڪيترائي مثال قائم ڪيا، هڪ ڀيرو ٻوڏ سبب شڪارپور شهر کي ٻڏڻ جو خطرو هو، تڏهن هن سنڌ جي سورمي ٽڪ هڻائي پنهنجون زمينون ٻوڙايون، پر هن شهر ۾ ڪنهن به هڪ جو ٽڪرو به زمين جو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ نه ڏنو. شهيد الله بخش سومرو جي هڪ خوبي اها به هئي ته هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به وڏائي نه ڏيکاري. شهيد الله بخش سومرو خلاف شازشون 1938ع کان شروع ٿيون، جڏهن سنڌ جو وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله آپوزيشن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم ٿي ويو، هونئن ته شهيد الله بخش سومرو جي مخالفن جي مهم انهي ڏينهن کان ئي جاري هئي، جنهن ڏينهن هو وزيراعظم ٿيو ۽ وري هوڏانهن مخالفن کي مسلم ليگ جو پليٽ فارم ملي ويو ۽ مٿان وري قائداعظم ۽ الله بخش جي اختلافن جو به هنن کي بهانو ملي ويو ۽ پوءِ مخالفن جي مهم مچي پئي. پهرين مخالفن رڳو اخباري بيانن جو سهارو ورتو پوءِ هنن آهستي آهستي سازشن ۽ سوديبازين جو سلسلو شروع ڪيو. ايئن ڪندي ڪندي شهيد الله بخش سومرو جي مخالفن کي سڄو سال گذري ويو، پر هنن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو. مگر اهي ناڪاميءَ ڪري مايوس نه ٿيا ۽ ساهي پٽي وري ميدان ۾ لهي پيا، پر هنن دفعي طاقت جي استعمال جا طريقا بدلايا، اڳي هو سياستدان بڻجي وڙهندا هئا، هاڻ مذهبي جي ٻه ڌاري ترار هٿ ۾ کنئي. شهيد الله بخش سومرو تي حملو ڪرايائون ۽ ان کانسواءِ الله بخش جي مخالفن مسلمانن کي الله بخش خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ مٿس هندو نوازيءَ جو الزام مڙهيو ويو.

جڏهن ته شهيد الله بخش سومرو جڏهن ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته هن مان گورا انگريز خوش نه هئا، جڏهن گوري انگريز خلاف ڀارت ڇڏي وڃو تحريڪ هلي ته ان وقت ئي خانبهادر الله بخش انگريز سرڪار طرفان مليل خانبهادر وارو خطاب ۽ نئون مليل اعزاز واپس ڪيو ۽ الله بخش نيشنل ڪائونسل تان به استعيفا ڏئي ڇڏي. ان کان ڪجهه مهينا پوءِ هو شڪارپور ۾ ٽانگي تي سفر ڪري رهيو هو ته هن کي قتل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان جو قتل ڪيس ستن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو جن ۾ قاسم مڱڻيجو، ڪمال مڱڻيجو، ولي محمد کرل، عبدالله نوراني، عبدالحق ڀيو، قمبر ڪاسي ۽ ابراهيم ڪاسي شامل هئا، جڏهن ته انهي قتل ۾ کهڙو کي شڪ جي بنياد تي بري ڪيو ويو هو، شهيد الله بخش سومرو اهڙو عظيم انسان دوست هو جنهن جو قومي غيرت وارو جذبو هميشه دلين ۾ رهندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو