Home / افيئر / !سنڌ: وڻن جي واڍي_ ٻيلا ختم ٿيڻ لڳا
above article banner

!سنڌ: وڻن جي واڍي_ ٻيلا ختم ٿيڻ لڳا

 

ڪجهه پورهيت اِگلو اسٽائل جي مٽيءَ مان ٺهيل بٺين جا ننڍڙا سوراخ بند ڪرڻ ۾ رڌل هئا ته جيئن بٺيءَ ۾ وڌل ڪاٺ سڙي ڪوئلو ٿي وڃي ته اُن کي ڪراچي موڪليو وڃي. ڇو ته اهو ڪوئلو روڊن ڀرسان موجود ٻاڪڙا چانهه جي اسٽالن، هوٽلن ۽ مشهور تندورن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. چيو اهو ٿو وڃي ته انهي ڪوئلي تي ورايتي کير پتي چانهه، نان ۽ باربي ڪيو پچائڻ سان وڌيڪ لذيذ ٿيندا آهن بنسبت قدرتي گئس جي.

اسان ڪراچي کان ٺٽي سفر ڪندي جڏهن ميرپور ساڪرو ويجهو پهتاسين ته اُتي اسان کي هڪ ميدان ۾ ديسي وڻن جي ڪاٺ سان ڀريل ڪيتريون ئي ٽرڪون نظر آيون.ان کانسواءِ اِگلو اسٽائل جي بٺين ڀرسان ڪوئلي جا ڍڳ پڻ نظر آيا.

جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي اداري سال 2011 کي “ٻيلن جو عالمي سال” قرار ڏنو آهي ۽ ان اعلان مطابق سڄو سال موسمياتي تبديلين، ماحولياتي گدلاڻ، قدرتي آفتن جي واڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄو سال ٻيلن جي بحال خاطر مهم هلائي ويندي. ليڪن سنڌ ۾ وڏي پئماني تي وڻن جي واڍي ان عالمي پڌر نامي جي واضح ڀڃڪڙي آهي،

گڏيل قومن طرفان ٻيلن جو سال ملهائڻ پٺيان اهو تصور آهي ته “ٻيلا ماڻهن لاءِ” پر سنڌ ۾ نظر ائين ٿو اچي ته ٻيلا انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي انهن جي واڍيءَ ۾ مصروف آهن. مختلف ملڪي ۽ عالمي سطح جي ماحولياتي ادارن موجب پاڪستان دنيا ۾ ڊي فارسٽيشن جي حوالي سان مک ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اتي ٻيلن جي تحفظ جي شديد ضرورت آهي.واضع رهي ته پاڪستان سيمي ايرڊ زون ۾ اچي ٿو ۽ ان جي ڪل ايراضيءَ جي 5 سيڪڙو کان به گهٽ تي ٻيلا آهن. جڏهن ته مختلف ماحولياتي ادارا حڪومت تي زورڀريندا رهن ٿا ته ماحوليات کي بهتر بڻائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪل ملڪي ايراضيءَ جي 10 سيڪڙو تي ٻيلا هجڻ گهرجن. نه وسارڻ کپي ته پاڪستان کي سرڪاري طرح ٻيلن جي ڪل ايراضي 4.8 سيڪڙو کان 6 سيڪڙو تائين ڪرڻي آهي ۽ تحفظ هيٺ آيل ايريا 9.1 سيڪڙو کان 12 ايڪڙ تائين 5/20 تائين پهچائڻي آهي.

ٻيلن جي واڍيءَ جو بنيادي سبب وڌنڌڙ غربت، آبادي جو دٻاءُ، ٻارڻ طور ڪاٺ جو متبادل نه هئڻ ۽ پائيدار ذريعن جي استعمال بابت ڄاڻ نه هجڻ. زرعي دوائن غير ضروري استعمال، ٻيلن ۾ باهيون لڳڻ وغيره ٻيلن جي گهٽتائي جو مک ڪارڻ آهي.

سنڌ جي مختلف حصن جهڙوڪ ڪچي، ريگستان ڪئنال ۽ جابلو علائقن ۾ وڻن جي واڍي ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي بلڪه اهو سلسلو گذريل هڪ ڏهاڪي کان جيئن جو تيئن جاري آهي جنهن ڪري ديسي وڻن جا ڪافي قسم ته جهڙوڪ اڻلڀ ٿي ويا آهن. سرڪاري رڪارڊ مطابق ٻٻر، ٽالهي، نِم، ڄار، لئي ۽ ڪنڊي اهڙا ديسي وڻ آهن جيڪي واڍيءَ جو شڪار آهن.

ماحولياتي ماهرن چواڻي گذريل سال آيل ٻوڏ سبب ۽ بندن تان وڻن جي واڍي سبب به سنڌ جا ٻيلا سخت متاثر ٿيا آهن. ياد رهي ته ماضيءَ ۾ سکر بئراج، گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج، کير ٿر ڪئنال، دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال، نارا ڪئنال، روهڙي ڪئنال، خير پور ايسٽ ڪئنال، ۽ خير پور ويسٽ ڪئنال، ڪوٽڙي ڪئنال، ڪي بي فيڊر، ڦليلي، پنجاري ۽ اڪرم واهه جي ڪئنالن تي جام وڻراهه هوندي هئي. پر هاڻي اتي وڻ نالي ماتر رهجي ويا آهن.

رڳو ٺٽي ۾ نه پر سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٽمبر مافيا وڻ وڍڻ واري ڌنڌي سان لڳل آهي.مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته روهڙي ڪئنال تان وڻن وڍائڻ ۾ با اثر سياسي ماڻهو ملوث آهن، جنهن ڪري نه رڳو ڪئنال وڻن کان خالي ٿي ويو آهي بلڪه ماحوليات کي نقصان سان گڏ چوپائي مال جو چارو به ختم ٿي ويو آهي.

وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سنڌ ۾ وڻن جي ٿيندڙ وڏي پئماني تي واڍي طرف ڌيان ڏيڻ بدران ڪنهن ٻئي پاسي نهاري رهي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ٿيندڙ وڏي پئماني تي وڻن جي واڍي جتي ماحوليات ۾ ڦيرو آندو آهي اتي جهنگلي جيوت ۽ مال جي چاري تي ان جا منفي اثر پيا آهن.آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ ڪئنالن جي ڪناري تي وڻن جي رکوالي لاءِ چوڪيدار مقرر ڪيا ويندا هئا، پر هاڻي ان سسٽم کي هلائڻ لاءِ ڪو چيڪ ۽ بيلنس ناهي. جڏهن ته ٽمبر مافيا جي سرگرمين جي ڪري اها صورتحال اڃا به خراب ٿي آهي. سانگهڙ جي هڪ رهواسي ممتاز راڄڙ “ افيئر” کي ٻڌايو ته روزانو سندس شهر مان درجنين ٽرڪون، گڏهه گاڏڙا ۽ ٽرالر ڪاٺ سان ڀريل گذرن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ٽمبر مافيا نه رڳو روهڙي ڪئنال کان وڻ وڍي تباهي مچائي ڇڏي آهي بلڪه اهي ننڍن ڪئنالن تان به وڻ وڍڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين.

اهو نه وسارڻ کپي ته ٽمبر مافيا جي ڪاروباري هٻڇ سبب لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورن ڪئنالن ۽ سنڌو درياءَ جي ڪچي ۾ موجود ٻيلا ختم ڪري ڇڏيا آهن، ۽ اهي علائقا هاڻ ڪنهن ريگستان جو منظر پيش ڪن ٿا. نه رڳو اهو پر وڻن جي واڍي ۽ ٻيلا ختم ٿيڻ سبب ڪيترائي ناياب پکي هي جوءِ ڇڏي ڪري ٻئي هنڌ وڃي چڪا آهن.

ٻئي طرف ٽمبر مافيا سنڌ جي لڳ ڀڳ هر ضلعي ۾ وڏي پئماني تي اهڙيون بٺيون ٺاهي ڇڏيون آهن جتي ڪاٺ کي ٻاري ڪوئلو بڻايووڃي ٿو ۽ پوءِ اهو اهڙن علائقن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو جتي گئس ڪنيڪشن ناهي، ياد رهي اهو ڪوئلو وڏن شهرن جي هوٽلن، باربي ڪيو ۽ چانهه جي اسٽالن تي وڪرو ٿئي ٿو.اِگلو اسٽائيل جون اهي بٺيون سنڌ جي هر ضلعي جي مک روڊن تي موجود آهن پر اختيار ڌڻين هيلتائين ان جو ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو.

“افيئر” طرفان موقف وٺڻ جي سلسلي ۾ جڏهن ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري مشتاق ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو تڏهن هن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻيلي کاتي ۾ موجود ذريعن چواڻي غير قانوني طور ڪاٺ وڍڻ جي ڌنڌي ۾ مافيا کي حڪومتي عملدارن جو آشيرواد حاصل آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو