Home / افيئر / !تعليم کاتو: ڪامورا اربين روپيا ڳڙڪائي ويا
above article banner

!تعليم کاتو: ڪامورا اربين روپيا ڳڙڪائي ويا

ڪجهه ڏينهن اڳ سڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميشن (PAC) جي آڊٽ پيرائن متعلق گڏجاڻي ۾ جڏهن تعليم کاتي جو وارو آيو ته ان وقت لڱ ڪانڊارجي ويا جڏهن ڊائريڪٽر جنرل (آڊٽ) نجم الثاقب صديقي آڊٽ پيرا نمبر 4.1 بات بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪئناڊا جي هڪ عالمي امدادي اداري ڪئناڊا انٽريشنل ڊيولپمينٽ ايجنسي (CIDA) سنڌ جي تعليم کاتي کي حميده کهڙو جي وزارت دوران 7_2006 جي معاشي سال ۾ 391 ملين ڊالر مشروط امداد فراهم ڪئي صرف ۽ صرف صوبائي پٺتي پيل تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ، جنهن لاءِ سنڌ جي ايليمينٽري استادن جي تربيت ڪرڻي هئي ۽ ان پراجيڪٽ جو نالو به “سنڌ ايليمنٽري ٽيچرز ٽريننگ پراجيڪٽ” رکيو ويو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته مشروط امداد جا شرط ڪجهه هيئن هئا ته جيڪڏهن صوبائي تعليم کاتو اها امداد جي رقم شفاف نموني خرچ ڪندو ته اها صرف امداد (Grant) ئي رهندي يعني معاف ڪئي ويندي پر جيڪڏهن ڪا به بيقائدگي ثابت ٿي ته پوءِ اها هيڏي وڏي امدادي رقم فري قرض ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ نه رڳو ايترو پر (CIDA) ان رقم تي عالمي معيار موجب وياج به وصول ڪندي.

مسٽر صديقي موجب پراجيڪٽ جي ڪرتا ڌرتا عملدارن امدادي رقم سان اهڙو ته ناحق ڪيو آهي جو هاڻي اهو الجهيل سٽ سلجهائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.

آڊٽ ٽيم پاران ڪيل اهڙين بيقائدگين جي نشاندهي موجب آڊٽ پيرا (40.1) ۾ اهو واضح ٿيل آهي ته پراجيڪٽ جي عملدارن 96.177 ملين روپين جون صرف لگزري گاڏيون ورتيون پر اهي گاڏيون گم ٿيل آهن.

پيرا موجب: پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ اليمينٽري ٽيچرز ٽريننگ پراجيڪٽ جي آفيس ۾ 96.177 ملين روپين جون 43 لگزري گاڏيون خريد ڪيل آهن جن ۾ ٽويوٽا پراڊو، ٽويوٽا هائلڪس، ٽويوٽا هائيس، سوزوڪي ڪلٽس ۽ ٻيو شامل آهن. انهن گاڏين جي مذڪوره ڄاڻايل رقم پاڪ سوزوڪي لميٽيڊ، ۽ انڊس موٽرز ڪميٽي لميٽيڊ ڪميشن تي ڏني وئي آهي جنهن لاءِ مجاز اختيارين کان منظوري نه ورتي وئي هئي ۽ پرچيز ڪاميٽي به نه جوڙي وئي هئي گاڏيون خريد ڪرڻ کان اڳ آڊٽ پيرا وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته آڊٽ دوران گاڏين بابت اهو به نه ٻڌايو ويو ته اهي ڪٿي آهن. جڏهن ته ضروري رڪارڊ مثال طور: سپلاءِ آرڊرز، ڊليوري چالان، انشورنس جا ڪاغذات، جو رڪارڊ، گاڏين جي رجسٽريشن جا ڪاغذ ۽ گاڏين جي الاٽميٽ وغيره جو رڪارڊ به آڊٽ ٽيم کي عملدارن پاران فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته لاڳاپيل عملدارن اهو چئي جان ڇڏائي ٽيڪس آڊٽ دوران سمورو رڪارڊ فراهم ڪيو ويندو.

 

اهڙي وڏي بيقائدگي جو خود سيڊا جي پاڪستان ۾ موجود عملدارن به نوٽيس ورتو هو ۽ پراجيڪٽ جي عملدارن سميت تعليم کاتي جي تڏهوڪي وزير حميده کهڙو ٻين تي به تمام گهڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، جنهن بعد خود سيڊا عملدارن موٽر ڪميشن جي اختيارين کي هڪ ليٽر 2009_11_15 تي اماڻيو هو، جنهن ۾ اهو لکيو ويو هو ته اهي گاڏيون جيڪي اڃا پراجيڪٽ کي نه مليون آهن انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن جنهن نتيجي ۾ موٽرز ڪميشن وارا پئسا واپس ڪرڻا پيا ۽ پراجيڪٽ عملدارن خلاف هائيڪوٽ ۾ هلياويا جتي مامرا اڃان تائين هلندا آهن.

ان کان سواءِ آڊٽ پيرا نمبر 4.3 موجب سنڌ ايليميٽري ٽيچرز ٽريننگ پراجيڪٽ جي علمدارن وري 28.986 ملين روپين جي ماليت جون ايئرڪنڊيشنز، اسٽيشنري آئٽم، ٽيچنگ مٽيريل، ڊيزل جنريٽر، واٽر ڪولر ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ پرنٽر بنا ڪنهن ٽينڊر جي خريد ڪري ڇڏيا.تفصيل موجب 11.777 ملين جون ACs، 11.327 ملين جا اسٽيشنري آئيٽم، 2.247 ملين جو ٽيچنگ مٽيريل، 2.160 ملين جا ڊيزل جنريٽر، 1.84 ملين جا واٽر ڪولر، 0.391 ملين جا ڪمپيوٽر، ۽ ليپ ٽاپ خريد ڪيا ويا. پراجيڪٽ عملدارن ٻڌايو ته اسان اهو ڪروڙن جو سامان ڪوٽيشنز ذريعي خريد ڪيو آهي جڏهن ته ڪوٽيشن ذريعي صرف هڪ لک تائين خريدري ڪري سگهجي ٿي ته پوءِ ڪروڙن جي خريداري ڪوٽيشن ذريعي ڪيئن ٿي؟ آڊٽ پيرا موجب آڊٽ دوران لاڳاپيل عملدارن ان حوالي سان رڪارڊ به فراهم نه ڪري سگهيا.

آڊٽ رپورٽ جي ٽين پيرا نمبر 4.4 مالي بيقائدگين جا پيرا کڻي ٻڌائي ٿي ته 9.612 ملين روپين جا فنڊ غير قانون طريقي سان مختلف بينڪ اڪائونٽس ۾ ٽرانسفر ڪيا ويا. پر پراجيڪٽ جا عملدار ان حوالي سان به ڪو خاطر خواهه جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. آڊٽ جي هڪ وڌيڪ پيرا نمبر 4.5 ٻڌائي ٿي ته سنڌ ايليمينٽري ٽيچرز ٽريننگ پراجيڪٽ جي عملدارن 11.327 ملين رپين جي ماليت جا اسٽيشنري آئٽم ۽ ٻيو ضرورت جو سامان خريد ڪيو جن مان 1.441 ملين رپين جو سامان صوبي جي 260 مان صرف 33 ڪاليجن ۾ ورهايو ويو، جڏهن ته باقي بچيل سامان جنهن جي ماليت 9.886 ملين رپيا ٿئي ٿي، اهو آڊٽ ٽيم کي وزٽ دوران نه ئي ڏيکاريو ويو ۽ نه ئي لاڳاپيل اسٽاڪ رجسٽر ۾ ان جي ڪا داخلا ئي ٿيل هئي.

ان سان گڏوگڏ آڊٽ پيرا اهو به ٻڌائي ٿي ته اهو هيڏي وڏي ماليت جو سامان به بنا ڪنهن ٽينڊر جي خريد ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل ڪمپني جي ڪا به رسيد وغيره به آڊٽ دوران پيش نه ڪئي وئي.

ساڳي طرح آڊٽ پيرا نمبر 4.6 موجب: اسٽيشنري آئٽمز جي خريداري لاءِ ٺاهيل PC-1 ۾ موجود رقم 2.050 ملين رپين جي بجاءِ پراجيڪٽ عملدارن 11.327 ملين رپين جي خريداري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9.277 ملين رپين جي واڌو پر غيرقانوني طور تي خريداري ڪئي وئي.

ان هيڏي مالي بيقائدگي جي آڊٽ ٽيم نشاندهي ڪئي، پر لاڳاپيل عملدارن وٽ ان جو به ڪو خاطرخواهه جواب موجود نه هو، پيرا وڌيڪ ٻڌائي ٿي.

آڊٽ جي هڪ وڌيڪ پيرا نمبر 4.7 موجب سنڌ ايليمينٽري ٽيچرز ٽريننگ پراجيڪٽ جي عملدارن اسٽيشنري آئيٽمز جي خريداري تي 11.327 ملين رپيا خرچ ڪيا، پر اسٽاڪ رجسٽر ۾ صرف 3 ملين رپين جا اسٽيشنري آئٽمز داخل ڪيا ويا هئا، جڏهن ته باقي بجيٽ 8.327 ملين رپين جا آئٽمز اسٽاڪ رجسٽر ۾ دخل ٿيل نه هئا. ساڳي ريت لاڳاپيل عملدارن وٽ هن هيڏي وڏي مالي بيقاعدگي جو به ڪو خاطرخواهه جواب موجود نه هو.

اهڙي طرح هڪ ٻي آڊٽ پيرا نمبر 4.8 ۾ ٿيل مالي بيقاعدگين جي نشاندهي موجب پراجيڪٽ عملدارن 1.327 ملين رپين جا مختلف ادارن کان اسٽيشنري آئٽمز خريد ڪيا، پر 9.810 ملين رپين جا سپورٽنگ وائوچرز آڊٽ ٽيم کي آڊٽ دوران لاڳاپيل عملدارن طرفان نه ڏيکاريا ويا. ۽ لاڳاپيل عملدار هن وڏي ڪرپشن تي به خاموش رهيا ۽ جواب نه ڏئي سگهيا. نه رڳو ايترو پر پراجيڪٽ عملدارن تڏهوڪي پراجيڪٽ ڊائريڪٽرنعمت الله شيخ، پراجيڪٽ انجنيئر حزب الله شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر حسن ميمڻ ۽ اڪائونٽ آفيسر گلزار احمد 1.157 ملين رپيا مقرر رقم کان وڌيڪ پراجيڪٽ الائونس جي مد ۾ اداري کان وصول ڪيا. ڪئناڊا جي عالمي امدادي اداري CIDA طرفان مليل تعليم جي ترقي لاءِ رقم کي “مالِ غنيمت” سمجهي لٽيندڙ ڪامورن جي ڪهاڻي ٻڌندي ئي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ ۽ ميمبرن بشمول شمع عارف مٺاڻي، غلام مجدد اسراڻ، رفيق ٻانڀڻ ۽ ٻين تمام گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڪميٽي موقعي تي ئي اهي حڪم جاري ڪيا ته هن هيڏي وڏي سنڌ صوبي ۽ عوام سان ڪيل “ڪرب و بلا” ۾ ملوث عمدارن خلاف ڪارروائي لاءِ نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ سي ايم انسپيڪشن ٽيم کي پي اي سي طرفان ليٽر لکيو وڃي.

نه رڳو ايترو پر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اهو به چيو ته ليٽر ۾ لکيو وڃي ته ملوث عملدارن خلاف Criminal Proceeding تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڄام تماچي انڙ ان موقعي تي “افيئر” سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڪنهن به اداري يا ڪاموري خلاف سخت کان سخت قدم کڻڻ لاءِ سفارش ڪري سگهي ٿي ۽ ان معاملي کي Follow به ڪري سگهي ٿي، ڪنهن کي به سزا يا جزا جو اختيار PAC کي نه آهي. هن اهو به چيو ته معاملي کي مڪمل طور Follow ڪنداسين ۽ ان جو ڪو خاطرخواهه نتيجو ضرور نڪرندو. ان موقعي تي موجود تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري ناهيد شاهه دراني (جنهن کي صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي بدلي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پير مظهرالحق ۽ سندس وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا هئا) پڻ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهو هيڏو وڏو ۽ زبردست پراجيڪٽ هو، جنهن سان سنڌ صوبي جي عوام سان وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي “افيئر” سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ناهيد شاهه چيو ته مون اعليٰ اختيارين کي ملوث عملدارن خلاف في الفور FIR داخلا ڪرائڻ لاءِ به درخواست ڪئي آهي.

هاڻي ڏسجي ته پبلڪ اڪائونٽس جي حڪمن تي مذڪوره جاچ ادارا ڪهڙو ٿا ڪردار ادا ڪن ۽ تعليم کاتي جو موجوده سيڪريٽري ڪڏهن ٿو ملوث ڪارين رڍن خلاف FIR ڪٽرائي ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي؟

بهرحال ملڪ ۽ صوبي ۾ گهلندڙ سفارشي هوائن مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملوث ڪامورا قانون جي گرفت ۾ الائجي اچن الائجي نه، اهي ڪامورا اها ڳڙڪايل رقم الائجي موٽائين الائجي نه، پر صوبي جي عوام مٿان 391 ملين ڊالرز جي امداد قرض بڻجي تلوار جيان لٽڪي رهي آهي ۽ حڪومتون عوام جي رت مان اها رقم گڏ ڪري وياج سميت CIDA کي ضرور موٽائينديون. ڇاڪاڻ ته حڪومت ڀلي پاڪستان پيپلز پارٽي يا ڪنهن ٻي ڌر جي هجي ڪرپشن بيوروڪريشي لاءِ عام رواجي بڻجي وئي آهي.

 

 

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو