Home / افيئر / تباهه حال قديم آثار: آرڪيالاجي کاتو ڪٿي آهي؟
above article banner

تباهه حال قديم آثار: آرڪيالاجي کاتو ڪٿي آهي؟

حيدرآباد سنڌ جي انهن تاريخي شهرن مان آهي جيڪي تخت گاهه رهيا آهن. ٽالپرن به حيدرآباد کي مرڪز بڻائي حڪمراني ڪئي. تاريخ جا يادگار باب حيدرآباد سان واڳيل آهن پر افسوس اهو آهي ته تاريخ جي انهن آثارن کي محفوظ نه ڪيو ويو آهي. سار سنڀال ڪو نه ڪئي وئي. سنڌ جي تاريخي ماڳن جيان حيدرآباد ۾ ٽالپر حڪمرانن جا مقبرا به پنهنجي حيثيت رکن ٿا. هنن مقبرن کي “ميرن جا قبا” سڏيو وڃي ٿو، جتي بادشاهي گهراڻي جون قبرون آهن. ميرن جا مقبرا پنهنجي تاريخي شڪل ۾ قائم ته آهن پر نهايت بدحالي واري صورت ۾.

حيدرآباد شهر جي اتر پاسي هيرآباد جي علائقي ۾ ميرن جي قبن ۾ مير محمد خان، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي، مير غلام شاهه، مير شاهنواز، مير صوبدار خان جا ٻارڙا، مير نصير خان، مير نور محمد خان، مير حسن علي خان، مير غلام حسين، مير بجار خان، مير يار محمد خان، مير عباس علي خان ۽ ٽالپر خاندان جا ٻيا فرد د فن آهن.

مير محمد خان جي قبر ڏاڍي سهڻي ٺهيل آهي، سنگ مرمر جي فرش جي سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري خراب ٿي چڪو آهي. مير شاهنواز جي قبر به لاپرواهيءَ جو نمونو پيش ڪري رهي آهي. مير ڪرم علي خان جو مقبرو سڀني کان بهترين جڙيل آهي پر هن عاليشان مقبري جي زبون حالي ڊگهي عرصي کان هلندي اچي پئي. چون ٿا ته ميرن جي قبن لاءِ پٿر ۽ ٻيو تعميراتي سامان اجمير ۽ احمد آباد مان ايندو هو جڏهن ته ڪاريگر پڻ خاص شاهي عمارت ساز هوندا هئا. سمورن مقبرن ۾ ٻاهران ۽ اندران عربي ۽ فارسي قرآني آيتون ۽ شاعري به لکيل آهي. هي مقبرا ڏاڍا ڪشادا ۽ سهڻا اڏيل آهن جهڙي ريت لاهور ۾ مغليه دور جي مقبرن جو انداز آهي. لاهور ۾ ته وري به آثار قديمه وارن ٽي چار ماڻهو هر هنڌ ويهاري ڇڏيا آهن ۽ ڪنهن به مقبري جي ڪا سِر نڪري ٿي يا ٽڪر ٽٽي ٿو ته هڪدم پڪو ڪرايو ڇڏين پر هتي اسان وٽ ته وڏي ستم ظريفي لڳي پئي آهي.

ميرن جا قبا برسات پوڻ سبب ٻاهران خراب ٿي چڪا آهن انهن جي ڪابه مرمت ڪونهي ٿي. ڪاشيءَ جون سهڻيون سِرون جڳهه جڳهه تان نڪتل آهن، گنبڊن جي حالت ٽٽندڙ آهي، سڀني کان افسوس جي ڳالهه اها لڳي ته نشي جا عادي هنن قبن کي پنهنجو اڏو بڻائي استعمال ڪري رهيا آهن. هيروئني ۽ چرسي موالي عاليشان قبرن کي اوٽ بڻائي ڪارو ڪري رهيا آهن. قرآني آيتون هيروئن جي دونهين سبب ڪاراٽجي ويون آهن. صفائي نه ٿيڻ ڪري سگريٽن جون پنيون ڪنڊن ۾ ڀريل ڏسڻ اينديون. مقبرن اندر بدبُوءِ پڻ اچي ٿي. جنهن مقبري ۾ مير صوبدار اخان جي ٻارڙن جون قبرون آهن، انهن ننڍڙين قبرن جي حالت ته نهايت خراب ٿي چڪي آهي. انتظاميا نالي ڪا به شي ڏسڻ ۾ نٿي اچي جنهن جو اهڙو نتيجو نڪتو آهي جو مقبرن جون ڇتيون ڪافي هنڌان ڀڄڻ شروع ٿي چڪيون آهن. ڪاشيءَ جون ٽٽل سِرون پڻ ڪنڊ پاسي ۾ نظر اچن ٿيون.

ميرن جا قبا سنڌ جي تاريخي ورثي طور محفوظ ڪيا وڃن نه ته هڪڙي ڏينهن فقط ڪتابن ۾ ئي اهي رهجي ويندا. سار سنڀال جو ذمو آڪيالاجي کاتي جو آهي جيڪو انهي ڳالهه کان لاپرواهه آهي. سنڌ سرڪار انهي ڳالهه جو نوٽيس وٺي ۽ تباهه ٿيندڙ تاريخي ماڳن کي بچائي ته جيئن سڀاڻي سنڌ جي تاريخ پڙهندڙن کي ڪجهه نشان نظر اچي سگهن. موجوده سرڪار اچڻ شرط اهڙا اعلان ڪيا ته اسان سنڌ جي ماڳن مڪانن کي محفوظ بڻائينداسين پر ٽي سال گذري وڃڻ جي باوجود اڃا تائين ڪو به اهڙو قدم نه کنيو ويو آهي جنهن مان لڳي ته سنڌ جي تاريخي ماڳن لاءِ حڪومت ڪجهه ڪيو آهي.

پڪو قلعو

حيدرآباد شهر هونئن به هر حڪومت ۾ نظر انداز رهيو آهي پوءِ کڻي ڪنهن جي به حڪومت رهي هجي ڪنهن آمر جي يا جمهوريت پسند جي. ڪڏهن به شهر جي ترقي ناهي ٿي ۽ جيڪي تاريخي ماڳ آهن اهي پاڻمرادو ڊهي ختم ٿي رهيا آهن يا وري قبضا گروپ جي ور چڙهي رهيا آهن. پڪي قلعي ۾ ته سنڌ جي تاريخي هيرو هوش محمد شيديءَ جي قبر کي قبضا گروپ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت کي چيلينج آهي ته سنڌ جي عظيم سورمي هوشو شيديءَ جي قبر ڳولي ظاهر ڪري ڏيکاري. اهڙي ريت اهو به ممڪن ناهي ته حيدرآباد جو تاريخي پڪو قلعو خالي ڪرائي ان کي لاهور جي قلعي جيان قومي قرار ڏياري سگهي. سنڌ جي تاريخ سان جڙيل اهي ماڳ فقط پري نظارو ڪرڻ لائق بچيا آهن. ميرن جا قبا، ڪلهوڙن جا قبا، ڪچو قلعو ۽ پڪو قلعو بچائڻ لاءِ اڄ ئي اپاءَ ورتا وڃن ۽ِ جيڪو محفوظ ڪري سگهجي ٿو ان حصي کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي.

حيدرآباد جي پڪي قلعي جون ڀتيون هاڻي ڪافي ڪمزور ٿي چڪيون آهن. ريلوي اسثيشن جي پاسي کان ڪنڊ تي نظر وجهبي ته نظر ايندو ته دٻاءُ وڌڻ سبب ڀت جو ٽڪر ٽٽل آهي، اهڙي طرح قدم گاهه مولا علي کان به قلعي جي ديوارن جا ڪمزور ڏار ڏسڻ ۾ ايندا. لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ پڪي قلعي جون ڀتيون وڌيڪ بار ۽ دٻاءُ برداشت ڪو نه ڪري سگهنديون. حيدرآباد جي پڪي ۾ 1947ع ۾ هندستان کان لڏ پلاڻ ڪري آيل اردو ڳالهائيندڙن کي عارضي طور رهائش لاءِ ترسايو ويو ان شرط تي ته جيئن ئي ڪمپائونڊ ۽ ڪليم واريون جڳهيون ( جيڪي هندو ڇڏي ويا هئا) سروي کانپوءِ خالي ٿينديون، انهن ۾ کين منتقل ڪيو ويندو پر بعد ۾ هندستان کان ايندڙن جو تعداد تيزيءَ سان وڌنڌو ويو ۽ پڪي قلعي ۾ به آباديءَ جو انگ انهيءَ تيزيءَ سان وڌيو جيڪو مستقل رهائش اختيار ڪندو ويو. حيدرآباد مان 44 هزار هندو ويا هئا ۽ انهن جي جڳهه تي هڪ لک کان وڌيڪ اردو ڳالهائيندڙ آيا هئا.

پڪو قلعو تاريخي ماڳ آهي جنهن کي انگريز راڄ ۾ سنڀالي رکيو ويو پر ورهاگي کان پوءِ انهي کي رهائش لاءِ استعمال ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين جيئن جو تيئن آهي. ٻه سو ورهين کان وڏي ڄمار واري پڪي قلعي جي تاريخي حيثيت کي جيڪو مقام انگريزن جي دور تائين ميو بس اهوئي آخري هو، ان کانپوءِ هن تاريخي قلعي جو زوال شروع ٿي ويو. هن وقت لوهارن جا دڪان، ڪٻاڙين جا گودام، ويلڊر ۽ ٻيا اهڙي قسم جا دڪان قلعي جي چئني پاسي ڏسڻ ۾ ايندا جڏهن ته قلعي جي تاريخي دورازي جي حالت پڻ ضعيف ٿي چڪي آهي. تاريخدان ۽ محقق پڪي قلعي جي هاڻوڪي حالت تي ڪڏهن به لکي ناهن سگهيا، هو فقط تاريخ جي فتوحات بابت لکي قلعي کي ياد ڪن ٿا. پڪي قلعي واري ميوزم جي حالت به لاپرواهيءَ جو شڪار آهي. لساني وڳوڙن ۾ هن ميوزم کي تباهه ڪري تاريخي سامان چوري ڪيو ويو پر جيڪو بچيل آهي ان کي سنڌالاجي يا سنڌ ميوزم ڏانهن منتقل ڪيو وڃي نه ته وري ڪڏهن وڳوڙ ٿيا ته اسان جو بدلو اسان جي تاريخي ورثي کي تباهه ڪري به ورتو ويندو. ٻي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪا سار سنڀال سنڌالاجي ۽ سنڌ ميوزم ۾ هن تاريخي ورثن جي ٿي سگهندي اها هتي ناهي. سنڌ حڪومت جڏهن ٽي وي شوز ۾ سنڌ سنڌ ڪري قومي رنگ ڏيکاري ٿي اتي پنهنجو قومي ڪردار به ڏيکاري نه ته ٻي صورت ايڪڙ ٻيڪڙ بچيل نوادرات به ڪونه بچي سگهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو