Home / افيئر / !ٿرپارڪر: مور پراسرار بيماريءَ جو شڪار
above article banner

!ٿرپارڪر: مور پراسرار بيماريءَ جو شڪار

اٽڪل 22 هزار چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل سنڌ جو ٿرپارڪر وارو ريگستان جنهن کي سيلاني صحافي اسحاق مڱريو فطرت جو اوپن ميوزم پڻ سڏي ٿو، ٿر جو هي عجيب ۽ انوکو ريگستان جنهن ۾ اٽڪل 20 ميلن جي ڊيگهه ۾ ڪارونجهر جون ٽڪريون پکڙيل آهن. ڪارونجهر جبل جيڪو سڄي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قديم ۽ خوبصورت جبل طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪارونجهر جي ٻين بيشمار خاصيتن کانسواءِ ان جي ئي هڪ سڃاڻپ اها آهي ته اهو مور پکي جو آستان آهي، جتي هزارنجي تعداد ۾ مور پکي رهن ٿا، جن سهڻن مورن سان نه رڳو ڪارونجهر جا ڪولهي پر سڀني ٿري مارو ماڻهو بي پناهه پيار ڪن ٿا، اهي ٿري ماڻهو نه فقط انهن مورن جي سار سنڀال ڪري انهن کي داڻو پاڻي ڏين ٿا، پر اهي مورن جا نگهبان پڻ آهن.

انهن لکين ٿري ماڻهن مان اهڙا به ڪي لالچي ۽ بي رحم ماڻهو ضرور آهن، جيڪي مورن جا بيضا ۽ ٻچا لڪ چوري جهنگلي جيوت کاتي جي اهلڪارن سان ملي ڀڳت ڪري ٿر کان ٻاهر کڻي وڃي پئسن تي وڪڻن ٿا. ٻئي طرف حڪومت انتهائي بي رحمي جو مظاهرو ڪري سنڌ جي هن عظيم جبل مان قيمتي گرينائيٽ سنگمرمر جي پٿر ڪڍڻ جا 90 سالن جا ٺيڪا ڪن ٺيڪيدارن کي ڏنا آهن. جيڪي گذريل ڊگهي عرصي کان بارود سان ڌماڪا ڪرائي سموري جهنگلي جيوت ۽ قدرتي فطري ماحول تباهه ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻو مور پکي متاثر ٿي رهيو آهي، جيڪو انتهائي نازڪ ۽ حساس آهي.

رپورٽ موجب ڪارونجهر ۾ ٿيندڙ بارود جي ڌماڪن سان مورن جا ڏيل ڏري پون ٿا ۽ اهي ٺڪائن سان ٿڏي تي مريو وڃن. بارود جي اهڙن ٺڪائن سان هيل تائين سوين مور مري ويا آهن. ڪارونجهر کانسواءِ ٿرپاڪر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ جهنگ ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ مور پکي رهن ٿا. تازو اٽڪل ٻه مهينا اڳ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺي جي ڳوٺن ڪيهڙي، سرنگهو ۽ مهراڻي وغيره ۾ اٽڪل 50 کن سهڻا جهنگلي مور ڪنهن پراسرار بيماري وگهي مري ويا. مورن جي مرڻ سان ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد وائيلڊ لائيف کاتي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي اهلڪارن ۽ جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون مٿين ڳوٺن ۾ پهتيون، جن روايتي طرح سان مئل مورن جا جزا ڪڍي ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ موڪيا ۽ بيمار مورن جي علاج لاءِ ڳوٺاڻن کي ڪجهه دوائون ڏنيون ويون. جهنگلي جيوت کاتي ٿرپارڪر ضلعي جي اهلڪارن پنهنجي روايتي نااهلي جو مظاهرو ڪندي نه فقط پنهنجي واسطيدار کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ وزارت کي غلط معلومات ڏيندي مورن جي وڏي تعداد ۾ ٿيل موتن کان انڪار ڪيو، پر ليبارٽري ٽيسٽن ۾ خطرناڪ بيماري جو نالو پڻ ظاهر نه ڪيو، ان بعد تازو ٻه هفتا اڳ تعلقي ڏيپلي جي مورن سبب مشهور ڳوٺ موڏر ۽ انجي ڀر واري ٻئي ڳوٺ ونگڙ جي مورن ۾ پڻ ساڳي پراسرار بيماري اچي پهتي، جنهن ٻنهي ڳوٺن ۾ رپورٽ موجب اٽڪل 50 مور موت جو شڪار ٿي ويا. ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ تعلقي ڏيپلي جي مذڪوره ٻنهي ڳوٺن ۾ پڻ وائلڊ لائيف کاتي جي اهلڪارن جي هڪ ٽيم پهتي، ان ٽيم سان ڪجهه ٿري صحافي پڻ گڏ هئا، ڳوٺاڻن ٽيم کي چار پنج مري ويل مورن جا ڍانچا جڏهن ڏيکاريا تڏهن جهنگلي جيوت کاتي جي ڪن اهلڪارن ڳوٺاڻن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ته چار پنج مورن جا ڍانچا آهن. اوهين چئون ٿا هنن ڳوٺن ۾ 50 مور مري ويا آهن ته ٻين مئل مورن جا وڌيڪ ڍانچا ڪٿي آهن؟ اهي به اسان کي ڏيکاريو ته اسين يقين ڪريون ته واقعي 50 مور مري ويا آهن. جهنگلي جيوت کاتي ٿرپارڪر جي اهلڪارن جي اهڙي لاپرواهي ۽ غيرذميواراڻي سوال تي ڳوٺاڻا حيران رهجي ويا. ڳوٺاڻن کين ٻڌايو ته مور جهنگ ۾ مري رهيا آهن، جتي گدڙ ۽ ٻيا جهنگلي جانور مئل مورن کي کايو وڃن، انهن سڀني جا ڍانچا اسين ڪٿان هٿ ڪري اوهان کي ڏيکارڻلاءِ سنڀالي رکون. ڳوٺاڻن جي رپورٽ موجب هنن ڳوٺن ۾ هڪ مهيني کان مورن ۾ اها پراسرار بيماري هلي رهي آهي. جنهن ۾ پهرين مورن کي سخت بخار ٿئي ٿو ۽ انهن جون اکيون سڄي پون ٿيون، آخر ۾ بيمار مور جو ڳلو بند ٿيو وڃي، جنهن ڪري اهي مري وڃن ٿا. ڳوٺاڻا اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته ان قسم جي ساڳي بيماري ٿر جي ڳوٺن جي ڪڪڙن ۾ پڻ هلي رهي آهي. جيڪا برڊ فلو جهڙي خطرناڪ بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي، جيڪا انسانن کي پڻ لڳي سگهي ٿي، حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪارروائي ڪري جلدي مورن جي ان خطرناڪ بيماري تي ضابطو نه آندو ته ٿرپارڪر ۾ سهڻن مورن جي مڪمل طور تي نسل ڪشي ٿي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو