Home / افيئر / !ٽائٽينڪ حادثي کي 99 سال مڪمل
above article banner

!ٽائٽينڪ حادثي کي 99 سال مڪمل

15 اپريل تي دنيا جو سڀ کان وڏو بحري حادثو پيش آيو هو، جنهن ۾ 1500 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي مري ويا هئا. اهو حادثو تاريخ ۾ ٽائيٽينڪ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. 1912ع ۾ پيش ايندڙ ان حادثي کي هاڻي 99 سال ٿي چڪا آهن. ٽائيٽينڪ پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو مسافر بردار بحري جهاز هو، جنهن ۾ 36 سئو مسافرن جي گنجائش هئي. جڏهن اهو پنهنجي پهرئين سفر تي روانو ٿيو ته ان تي 2223 مسافر سوار هئا. ان هوندي به ڪجهه تاريخدان اهو انگ 2227 ٻڌائين ٿا. ٽائٽينڪ جي تعمير 1907ع ۾ اتر آئرلينڊ جي بحري جهازن جي تعميراتي مرڪز بلفاسٽ ۾ ٿي، ٽائٽينڪ جي شروعاتي ڊزائن ۾ ان ۾ زندگي بچائيندڙ 32 ٻيڙين جي گنجائش رکي وئي هئي، پر پوءِ ان کي نهايت محفوظ بحري جهاز سمجهندي ٻيڙين جو انگ 20 ڪيو ويو. ٽائيٽينڪ جي ڊيگهه 883 فوٽ هئي ۽ اهو دنيا جو پهريون اهڙو بحري جهاز هو جنهن ۾ سوئيمنگ پول، جمنازيم، لائبريري ۽ تفريح جو ٻيو سامان موجود هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو