Home / افيئر / !چماٽ سان علاج- تائيوان حڪومت چيني اديب کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي
above article banner

!چماٽ سان علاج- تائيوان حڪومت چيني اديب کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي

 

تائيوان جي حڪومت هڪ چيني اديب شهانگ جي ان دعويٰ ڪرڻ کانپوءِ ته ڪنهن به شخص جي پراڻي مرض جو چماٽ ذريعي علاج ڪري سگهجي ٿو، ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. تائيوان مان چين وڃڻ وقت کيس پنهنجي درجنين حامين الوداع ڪيو، هن کي سندس نئين ڪتاب جي پروموشن لاءِ تائيوان اچڻ جي دعوت ڏني وئي، ليڪن هن پنهنجي هڪ تقرير دوران اها دعويٰ ڪئي ته سندس طرفان چماٽ هڻڻ سان بيمار صحتياب ٿي وڃن ٿا، جيئن ته علاج جو اهو طريقو تائيوان جي قانون خلاف آهي، ان ڪري مٿس نه رڳو 50 هزار تائيواني ڊالرن جو ڏنڊ وڌو ويو، بلڪه کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو ويو. هن ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو تائيوان حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪري ٿو، ليڪن منهنجي مخالفن کي کپي ته اهي پهرين منهنجي چماٽ جو تجربو ڪري ڏسن. هن جو چوڻ هو ته ان طريقي سان ستن ڏينهن اندر شگر ختم ٿي وڃي ٿي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو