Home / افيئر / ضلعي جشن: تفريح جي نالي تي ڪروڙين رپيا هضم
above article banner

ضلعي جشن: تفريح جي نالي تي ڪروڙين رپيا هضم

ٻوڏ جي عذاب وگهي جن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا تن سان زماني جيڪي ڀال ڀلايا اهي ڳالهيون به ذڪر هيٺ آهن پر لاڙڪاڻي جي هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ڪيئن نه اغوا ڪري بي ضمير ماڻهن جنسي حوس جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ کيس پوليس جي ايس ايڇ او پنهنجي خانگي جگهه ۾ باندي بڻائي سندس عزت لٽڻ کي پنهنجي ڏوهاري ذهنيت جي تسڪين لاءِ استعمال ڪندو رهيو اهو واقعو سنڌ جي اڄ جي حالتن جو اهو سوداءُ آهي جيڪو هر باشعور ذهن کي ڏنڀڻ لڳو آهي. سنڌ جي ساڃاهه کي ڪهڙي ڏڪار اهڙي وحشت جي ور چاڙهيو آهي، سوچڻ جو مقام آهي. سنڌ ۾ ڳوٺن جي آبادي ڇا وڌي آهي واندڪائيءَ جي ماريل نوجوانن جا ٽولا اکين ۾ چڀڻ لڳا آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ ۾ ماڻهو وڌيا آهن يا واندڪائي!!؟ آدمشماريءَ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيءَ تي قومپرست سنگت جا خدشا بلڪل صحيح آهن پر ان رخ تي به سوچڻ گهرجي ته سنڌ جي وڌيل آبادي سماج لاءِ ڪيتري قدر فائديمند آهي. سنڌ ۾ ته آبادي وڌڻ سان بيچيني ئي وڌي آهي. جنهن به ڪم ۾ پگهر وهي پوي يا جسماني زورآزمائي هجي سنڌ جي نوجوان کي ان ڪم کان نفرت آهي. موبائل تي اردوءَ ۾ عشقيه شعر موڪلڻ جي هيراڪ ٿي پيل سنڌ جي نوجوان کي وقتي عشق جي ڳهر ۾ اڙجي پرائي چوڪري ڀڄائڻ، مينهن چوري ڪرڻ، بنا لائسنس جي هٿيار وَرَ ۾ کڻي هلڻ جهڙا ڪم ڪرڻ جو شوق آهي. زمين جي چئن ويسن تان پيءُ، ڀاءُ جو خون ڪرڻ يا محنت نه ڪري سگهندڙ نوجوانن لاءِ بيگناهه ماءُ، ڌيءُ ۽ ڀيڻ کي ڪاري سڏي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن بيوس کان پيسا وصول ڪرڻ جي ڪاروبار اهڙو مزو ڏئي ڇڏيو آهي جو اهو ڪاروبار هاڻي بند ٿيڻ وارو نه ٿو لڳي. اهڙي سماج ۾ تفريح تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندڙ حڪومتن کي ڪيئن سمجهائجي ته ماڻهن جي مجموعي ڀلي لاءِ به ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ان رجحان تي نئين زاويي سان سوچڻو پوندو ته تفريح ماڻهن لاءِ ڪيتري ضروري آهي ۽ اهي ڪهڙيون حالتون هجڻ گهرجن جن ۾ تفريح ڏيڻ رياست جي ذميواري لازم ٿي پوي ٿي.

ٻوڏ جي سٽيل سنڌ ۾ لکين ماڻهو گهرن جي ڇانوَ کان محروم آهن. معيشت جي مشڪل ترين گهڙين ۾ وطن ڪارڊ، بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ، زڪوات جي چند هزار روپين جو سهارو ماڻهن لاءِ وڏي وِٿ آهن، پر اهي خيراتي پيسا به ووٽن وٺڻ کانپوءِ مغرور ٿي ويندڙ ايم پي ايز. ايم اين ايز ۽ حڪومتي پارٽيءَ جي ليڊرن جي چٺين کانسواءِ نه ٿا ملن ۽ الميو اهو ٿيو ته اهي چٺيون به ڪيترا ئي چڪر هڻڻ کانپوءِ عنايت ٿين ٿيون. سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاهليءَ ۽ ڪم چوريءَ کانپوءِ جنهن علت وڌيڪ شدت سان خيما کوڙي ورتا آهن ان عادت ۾ ورتل ماڻهن جي نشاني اها آهي ته گفتگوءَ دوران هر جملي ۾ هو پنهنجي لاءِ اهو ضرور چوندا ته ”سائين مان غريب ماڻهو آهيان“. اسانجي موجوده جيالي حڪومت جي وڏي وزير، هر وزير، ننڍي توڙي وچولي وزير ۽ جيالي پارٽيءَ جي هر اڳواڻ پنهنجي تقريرن وسيلي اسان کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشس ڪئي آهي ته سندن حڪومت غربت ختم ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي ۽ غربت ضرور ختم ٿيندي. معيشت جي غربت ته ختم به ٿي سگهي ٿي پر شايد تي ذهنن ۾ پلجندڙ غربت ڪڏهن ختم نه ٿي سگهي. سنڌ اندر سرڪار جي هٿ هيٺ جيڪي 50 هزارن کان وڌيڪ اسڪول تعليم ڏيڻ جي مقصد سان کليل آهن تن مان ڪل 7 هزار اسڪول اهڙا آهن جيڪي تعليم ڏيڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا ماڻهن جي چوپائي مال، ملڪيتن ۽ زندگين جو تحفظ نه پيا ڪن، روينيو کاتو زمينن جي هيراڦيري کان باز نه پيو اچي ۽ ماڻهو گهٽين جي گندگيءَ ۽ دلين جي گندگيءَ جي ڪري هر روز هڪ ٻئي جو ماس پيا پٽين. پر حڪومت انهن مسئلن جو نه ڪوئي حل ٿي ڪڍي نه ئي اهڙو ڪو ارادو رکي ٿي پر حڪومت وارن کي الائي ڇو ان فڪر اچي ورايو آهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ تفريح جي کوٽ آهي ان ڪري سندن ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين جي ترقيءَ لاءِ رکيل پيسن کي سندن تفريح تي خرچ ڪجي.

سڄيءَ سنڌ ۾ گهٽين، پاڙن يا ڳوٺن جي سطح تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ هر ضلعي جي اِي ڊي او، سي ڊِي ڊِيءَ کي سالياني بجيٽ ۾ ڪروڙين روپيا ڏنا ويندا آهن، پر اهي ڪروڙين روپيا هر سال خرچ ٿيڻ کان رهجي ويندا آهن ۽ ليپس ٿي واپس حڪومت جي خزاني ۾ جمع ٿي ويندا آهن. اها اهڙي افسوسناڪ صورتحال آهي جنهن جو هر باشعور کي درمان ٿيڻ گهرجي ۽ کين ان خيال کان متحرڪ ٿيڻ گهرجي ته اهي پيسا اسانجي ڳوٺن جي ترقيءَ لا خاص طور تي خرچ ٿيڻ گهرجن. پر موجوده حڪومت کي انهن پيسن جي خرچ نه ٿيڻ جو افسوس شايد وڌيڪ هيو ان ڪري ئي هن سال حڪومت انهن پيسن کي استعمال ڪرڻ جو پڪو پَهه ڪيو آهي، پر افسوس جو ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ نه پر تفريح جي نالي ۾ پيسا هڙپ ڪرڻ لاءِ. اوهان اگر ياد ڪيو ته گذريل ٻن مهينن دوران اسانجي هردلعزيز ضلعي حڪومتن جيڪي لاڙڪاڻي، سکر، دادو، خيرپور، ٽنڊومحمدخان ۽ ٻين علائقن ۾ قائم آهن تن پاران ضلعن جا جشن ملهائڻ وارا پروگرام منعقد ڪيا ويا. انهن پروگرامن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا. ٽن ٽن ڏينهن تائين ٿيندڙ انهن پروگرامن ۾ عوام کي هشيءَ ۾ خوش رکڻ لاءِ ڌنون چوري ڪري معشوقن جي شان ۾ خصيص ڪلام ڳائيندڙ ڳائڻن جا ڪلام ٻڌرايا ويا، ماڻهن کي سندن پنهنجن پيسن تي چاٽ ڇولا کارايا ويا يا ٻارن کي پراڻي دور جي جهولن تي هوا جهٽرائي وئي. عوام جا ڪروڙين روپيا محض ٻن ڏينهن جي سستي تفريح لاءِ خرچ ڪندڙ ايم اين ايز، ايم پي ايز، وڏي وزير ۽ پيپلزپارٽيءَ جي قيادت جي شان ۾ مهانگا اشتهار ڇپرائي داد وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي يا وري حڪومتي ڌر جي وڏيرن، ٻوڏ ستايلن جو امدادي سامان هڙپ ڪندڙ ليڊرن کي ضلعي جشنن جي بهاني تقريرون ڪرڻ لاءِ اسٽيج ٺاهي ڏنا ويا. افسوس ته ان ڳالهه تي به آهي ته سنڌ ۾ تبديليءَ جي ڳالهه ڪندڙ ميڊيا محض چند اشتهارن جي سڻڀ لڳڻ ڪري ايتري تحقيق به نه ڪرائي ته انهن جشنن تي پيسا ڪهڙي مد مان خرچ ٿيا، جشنن لاءِ جاري ٿيل پيسن مان ڪيترا خرچ ٿيا ۽ ڪيترا کيسن جي وَرِ چڙهيا؟ رپورٽر حضرات به پنهنجي طور تي اهڙي ڪا رپورٽ ٺاهڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ڇو ته اطلاع اهي ئي آهن ته سندن کيسن ۾ به نون نوٽن جون ٿهيون وڌيون ويون!! هڪ ضلعي ۾ ته 40 کان وڌيڪ رپورٽرن کي خوش رکڻ لاءِ کين ڊي سي او صاحب سٺي ڪارڪردگيءَ وارا ايوارڊ ۽ لفافا به ڏنا.

حاصل مطلب ته جشن ملهائي سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن ضلعن جا ڪروڙين روپيا هضم ڪيا ويا. ٿي سگهي ٿو ته ”ڪميونٽي ڊولپمينٽ“ جا اهي پيسا جيڪي ضلعن جي جشنن تي خرچ ٿيا انهن ۾ ڪجهه ڳوٺن جي عوام کي بنيادي سهوليتون ڏئي سگهجن ها پر اهي لٽ مار جي نظر ٿي ويا. ان ڪري ئي اهو چوڻو پيو ته تفريح ڪهڙي قيمت تي، ڪهڙي قسم جي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ مهيا ٿيڻ گهرجي؟ ٻي دنيا ۾ تفريح جو مقصد ماڻهن کي روزمره جي زندگيءَ ۾ بي فڪريءَ جا لمحا گزارڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي پر اسان وٽ ته تفريح به اهڙي ڏني وڃي ٿي جو فڪر لاحق ٿئي ٿو ته اسان جي بنيادي حق تي ڪيترو ڌاڙو لڳو؟

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو