Home / ڪور افيئر / اسٽيبلشمينٽ کي ڪلهو، آخر ڪيستائين؟
above article banner

اسٽيبلشمينٽ کي ڪلهو، آخر ڪيستائين؟

ايبٽ آباد ۾ 40 منٽن واري آمريڪي فوجي ڪارروائي پاڪستان جي اندروني سياست ۽ عالمي منظرنامي ۾ جيڪا اٿل پٿل پيدا ڪئي آهي، ان 11/9 واري واقعي کانپوءِ واري 10 سالن جي تائين جاري حالتن جي هڪجهڙائي ۽ اسٽيسٽڪو کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.

جهڙي طرححH پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ تبديلي ٿيندي نظر اچي رهي آهي، افغانستان سميت هن خطي ۾ نوان اتحاد ۽ صف بنديون ٿي رهيون آهن، اڳتي هلي نتيجن جي بنياد تي مورخ انهن چالهه منٽن کي “دنيا کي ڌوڏي ڇڏڻ وارا 40 منٽ” جهڙن استعارن سان ياد ڪندو.

اساما بن لادن جي آمريڪي فوجين جي هٿان ايبٽ آباد ۾ مارجي وڃڻ واري واقعي جتي بين الاقوامي سياست ۾ اٿل پٿل ۽ ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو آهي، اتي پاڪستان جي اندروني سياسي نقشي تي پڻ ڪنهن آيل زلزلي کانپوءِ وارا ڏيک ڇڏيا آهن.

هڪ اهڙو زلزلو جنهن ۾ اچڻ کانپوءِ پراڻا اسٽرڪچر ڊهي پوندا آهن ۽ شيون پنهنجي اصل جاءِ مٽائي وينديون آهن، بلڪل ائين ئي پاڪستان ۾ 2 مئي واري واقعي سان 60 سالن کان جاري رياستي ۽ ادارتي جمود جا بنياد لڏي ويا آهن.

هي عجيب اتفاق آهي يا وري پيپلز پارٽي جي سياسي تاريخ جو ورجاءُ ته جڏهن پاڪستان جي رياستي تاريخ ۾ ڪو وڏو ڀونچال يا واقعو ظهور پذير ٿيو آهي ته ان وقت ملڪ ۾ اقتدار جون واڳون بظاهر پ پ جي هٿ ۾ رهيون آهن ۽ پ پ جي قيادت انهن حالتن جو بار ۽ ذميواري پاڻ مٿان کنئي آهي ۽ نتيجي ۾ پارٽي ۽ قيادت ان بار هيٺان دٻجي وئي آهي، 70 واري ڏهاڪي ۾ تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي بنگلاديش مٿان فوجي ڪارروائي خالص اسٽيبلشمينٽ جي مرضي ۽ فيصلي تحت ڪئي ويئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هي ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

هڪ تباهي آڻيندڙ ناڪام فوجي ڪاهه باوجود نه ملڪ بچي سگھيو ۽ نه وري باقي بچيل ملڪ ۾ تاريخ مان سبق سکندي حق ۽ برابري جي بنياد تي نيئن فيڊريشن جا بنياد وڌايا ويا، ان مهم جوئي جي نتيجي ۾ نه رڳو اوڀر پاڪستان کي ڌڪي ڌارڪيو ويو پر 90 هزار فوجي شڪست جي ذلت سان گڏ باندي بڻايا ويا. هي تاريخ جو اهڙو موقعو هيو جتي اسٽيبليشمينٽ پنهنجي مهم جوئي سبب ناڪامي کانپوءِ پنهنجو دٻدٻو ۽ اخلاقي جواز وڃائي ويٺي هئي، ان موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس پارٽي باقي بچيل ملڪ جو بار پنهنجي ڪلهي تي کنيو، ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ باوجود ڪنهن به قسم جو پڇاڻو نه ڪيو ويو، پڇاڻي لاءِ جڙندڙ ڪميشن جي رپورٽ کي منظر عام تي اچڻ نه ڏنو ويو ۽ عوام کي ڀـُٽي صاحب جي طلسماتي قيادت طرفان اهو چيو ويو ته توهان کي گاهه کائي به ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي ٻيهر تعمير ڪرڻي آهي، ۽ سڀني ڏٺو ته ذوالفقار علي ڀٽي اهو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڪيئن نه هڪ شڪست ۽ خواري واري دور مان گذرندڙ لشڪر کي ٻيهر منظم ڪري خطي ۾ هڪ طاقتوار اداري جي شڪل ۾ اڀاريو ۽ نتيجي ۾ هو پاڻ ان اداري جي بار هيٺان دٻجي 4 اپريل تي نيئن ديري ۾ هڪ پراڻي کٽ تي پهچايو ويو. هي اها تاريخي کٽ آهي جيڪا سندس پارٽي وارا اڄڪلهه ٽي وي تي هلندڙ شهيد ڀٽي جي آخري سفر ۾ به ڏيکارين ٿا، ان پراڻي کٽ ڀرسان ٿيندڙ جنازي نماز ۾ هڪ ڳوٺاڻي ملان پٺيان ڪي ڏهاڪو کن ڳوٺاڻا آهن، نوي هزار ڇڏايل جنگي قيدين مان ڪي 9 ڄڻا به عقيدت ۽ سندس احسانن پٽاندڙ ان کٽ جي آس پاس نظر نه اچي رهيا آهن.

ساڳئي ريت شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومت جي ٻنهي دورن ۾ نه چاهڻ باوجود اسٽيبليشمينٽ جي جوڙيل پاليسي لائين تي پنڌ ڪندي رهي هن ڪڏهن به افغانستان ۽ هندستان لاءِ جوڙيل سيڪيورٽي ادارن جي پاليسين سان ڪا به هٿ چراند نه ڪئي وئي، پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ فلسفي جي ابتڙ کيس پهرئين دور ۾ طالبان جي حمايت واري پاليسي جو کليل اعلان ڪرڻو پيو.

هوءَ اسٽيبليشمينٽ جي هندستان ۽ ائٽمي پروگرام بابت جوڙيل پاليسي کان ائين پرهيز ڪندي رهي جيئن ڪو ماڻهو طبيب جي مشوري تي سخت پرهيز ڪندو آهي، تنهن باوجود کيس حڪومت جي ٻنهي دورن ۾ غير جمهوري ۽ سازشي منصوبن سان هٽايو ويو هوءَ پنهنجي حياتي ۾ نه ئي حسينا واجد وانگر پنهنجي پيءُ سان بغاوت ڪري ڦاهي ڏيندڙ جرنيلن جو احتساب ڪري سگھي ۽ نه وري ڳجھن ادارن جي انهن سربراهن جو جيڪي ميڊيا تي سر عام اچي چئي رهيا هئا ته سندس حڪومت ڊاهڻ لاءِ هنن بئنڪن جي خزاني جا منهن کولي ڇڏيا ۽ آءِ جي آءِ جهڙا جڙتو اتحاد ٺهرايا.

هوءَ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاهي گھاٽ کان سڏ پنڌ تي شهيد ڪئي وئي، هڪ دفعو ٻيهر راولپنڊي نياپو ڏيئي ڇڏيو ته سندن دوستي رکڻ جو ڪو به ارادو نه آهي.

1971 ع کانپوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي ٻيون ڀيرو آهي جنهن جي ملڪ تي لاڳيتو پنهنجي پاليسين ذريعي راڄ ڪندڙ اسٽيبليشمينٽ سخت مونجهاري ۽ ويڳاڻپ جو شڪار بڻيل آهي، 2 مئي تي اساما بن لادن جو آمريڪي فوج هٿان ايبٽ آباد جي عسڪري اڱڻ ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيترائي جواب طلب سوال سامنهون آيا آهن ۽ انهن سوالن جي جوابن خاطر ملڪ اندر ۽ ٻاهر ميڊيا توڙي سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بحث ٿي رهيا آهن، عجيب ڳالهه آهي ته اڄ ملڪ جون جمهوري ۽ اعتدال پسند قوتون انهن ناڪام پاليسين ۽ پنهنجي منهن جوڙيل منصوبن بابت جائز پڇاڻو ڪرڻ گھرن ٿيون ته تاريخ ۾ هڪ دفعو ٻيهر اسٽيٽسڪو کي بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جو ڪلهو دستياب آهي. ڪالهوڪي پيپلز پارٽي جيڪا پاڻ غداري ۽ ملڪ دشمني جا الزام کڻي پنهنجن عظيم ليڊرن جا لاش ڍوئيندي رهي آهي اڄ انهيءَ پارٽي جي قيادت مٿان کان هيٺ تائين چوي ٿي ته ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي بحث ڪر ۽ کانئن پڇاڻو ڪرڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ملڪ دشمني برابر آهي. هي تاريخ جو نرالو تماشو آهي ته ڪالهه اسٽيبلشمينٽ جي بٺيءَ مان تيار ٿيل ميان نواز شريف اڄ کليل لفطن ۾ انهن سڀني ڳجهين پاليسين ۽ سازشن کي نندي رهيو آهي ۽ مطالبو ڪري رهيو آهي ته فوج ۽ ڳجهن ادارن جي بجيٽ کي اسيمبلي ۾ آندو وڃي ۽ سموريون پرڏيهي پاليسيون بشمول هندستان، چونڊيل حڪومت ۽ پارليامينٽ کي جوڙڻ جو اختيار هجي، اتي پ پ پنهنجي سڀني روايتي نعرن ۽ واعدن کان پري بيٺي آهي. توڙي جو پ پ سرڪار هڪ طويل خاموشيءَ ۽ تنقيد کانپوءِ 2 مئي واري معاملي کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بحث ڪرڻ ۽ بريفنگ لاءِ کڻي آئي ۽ اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته سموري فوجي قيادت ڳجهن ادارن جي سربراهن سميت چونڊيل نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ حاضر ٿي هجي، پر پارليامينٽ جي ان ڪئميرا سيشن کان پوءِ جيڪا ڳالهه سامهون آئي آهي ان مان اهو نظر اچي رهيو آهي ته ملڪ جي عسڪري قيادت جي اجتماعي ڏاهپ في الوقت چونڊيل نمائندن کي مات ڏئي وئي آهي. گڏيل طور پاس ڪيل قرارداد مان ڪٿي به اهو نظر نٿو اچي ته ڪو اسامه بن لادن جي ايبٽ آباد ۾ موجودگي ۽ ارادن جي لاعلمي بابت ڪو پڇاڻو يا ذميواري نه نڀائڻ جو ڏنڊ ڪنهن مٿان مڙهيوويندو. ابتو ان ڪئميرا سيشن مان جيڪي خبرون ليڪ ٿيون آهن تن موجب پاڪستان جي عسڪري قيادت چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت کي اهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ته حڪومت چوي ته هوءَ اڄ ئي ڊرون کي ڪيرائي سگهن ٿا يا وري ريمنڊ ڊيوس کي وزيراعظم جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو هو. وغيره.

انهن ٻن ڳالهين مان جيڪڏهن پهرين ڳالهه تي غور ڪجي ته ٿورو سمجهه ۾ اچي ٿو ته پيپلز پارٽي پنهنجن پراڻن تجربن مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته اڳ پ پ پنهنجي اقتدار جا سال پورا نه ڪري سگهي آهي، ان ڪري هن ڀيري اهو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ضروري آهي ته طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي وقت مدد ڪجي جڏهن اها بين الاقوامي ۽ ملڪي سطح تي ويڳاڻپ جو شڪار آهي ۽ مصلحت جي وسيع چادر ۾ کين به پناهه ڏني وڃي ۽ اهڙي طرح باقي بچيل سال بنا ڪنهن رنڊڪ جي پورا ڪجن.

جيتري تائين پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اعتماد ۽ دوستي واري ٻئي امڪان جو تعلق آهي ته ان کي گذريل ڪجهه مهينن ۽ سالن جي روشني ۾ ڪيئن مڃجي. هي اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو پ پ جي اڃا حڪومت مس ٺهي هئي ته پاڪستان جي نالي ۾ نهال قومي ميڊيا ۾ ويٺل اينڪروڪريسي طرفان صدر آصف علي زرداري جي حڪومت وڃڻ جون تاريخون ڏنيون ويون. ان خواهش جي پورائي لاءِ دنيا جي ٽيليويزن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت وڃڻ جون اڳڪٿيون ڪرڻ لاءِ طوطا ۽ نجومي پينلسٽ طور گهرايا ويا. ملڪ جي چونڊيل عوامي صدر ۽ هڪ وڏي عوامي مقبول پارٽي جي اڳواڻ لاءِ چيو ويو ته کيس کڻڻ لاءِ ايوان صدر ۾ ايمبولينس ايندي. ايتري تائين جو صدر آصف علي زرداري ايوان صدر مان جوابي تقرير ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو ته “مون کي خبر آهي ته توهان مون کي ايمبولينسون موڪلڻ چاهيو ٿا، پر مون کي خبر آهي ته تاريخ ۾ ڪيئن زنده رهبو آهي.” سوال هي آهي ته صدر آصف علي زرداري جڏهن تقرير ۾ کين مخاطب هيو ته اهي ڪير هئا؟ ڇا هوءَ ميان نواز شريف کي مخاب هيو؟ ڇا هو مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم کي مخاطب هيو جيڪي هاڻ به ساڻس گڏ آهن؟ ڇا هو انهيءَ ٽي وي اينڪر کي مخاطب هيو جيڪو هينئر مجنون جهڙا وار ڇڏيون بي روزگاري جا ڏينهن ڪاٽي رهيو آهي؟ يقينن صدر آصف علي زرداري جو اشارو ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن هوندو. اڄ جڏهن پ پ جو وزيراعظم اسيمبلي جي فلور تي بيهي چوي ٿو ته ملڪ جي ڳجهن ادارن سميت سمورا ادارا حڪومت جي مرضي مطابق ڪم ڪري رهيا آهن ته ساڳي سندس پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ ملڪ جي صدر خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ اهڙي وقت فيصلو ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن صدر نوان اتحادي ۽ مددگار ڳولهڻ لاءِ روس جي دوري تي ماسڪو ۾ ويٺل هو. ردعمل ۾ پ پ کي سنڌ اسيمبلي مان ڪورٽ جي فيصلي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪرائي احتجاج ڪرڻو پوي ٿو. انهن سمورين حقيقتن ۽ اڻ وڻندڙ تجربن مان گذرڻ باوجود پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر هن تاريخي موقعي تي موقف ۾ چٽائي ۽ نوان بنياد اڏڻ بدران اسٽيٽسڪو بچائڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو ڪلهو حاضر ڪيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي هاڻوڪي پ پ جا ڪُلها اهو بار ڪيستائين کڻي سگهن ٿا؟ پ پ جي 40 سالن جي تاريخ ۾ ٻه اڏول اڳواڻ انهي بار کي ڪلهو ڏيندي ڏيندي ٿڪجي وڃي وقت کان اڳ ئي ڳڙهي خدا بخش ۾ سمهي رهيا آهن.

 

جاويد لانگاهه

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو