Home / ڪئپيٽل افيئر / !ايبٽ آباد آپريشن بمقابله آپريشن ٿنڊر بولٽ
above article banner

!ايبٽ آباد آپريشن بمقابله آپريشن ٿنڊر بولٽ

ايبٽ آباد آپريشن ۾ آمريڪي اسپيشل فورسز طرفان اسامه بن لادن کي قتل ڪرڻ وارو هدف حاصل ڪرڻ سان يوگنڊا ۾ ٿيندڙ اسرائيلي ڪمانڊوز جي ان خطرناڪ، پيچيده ۽ حساس آپريشن جي ياد تازي ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اسرائيل جي تڏهوڪي حڪومت اسرائيل کان ٻه هزار ميل پري يوگنڊا جي اينتبي ايئرپورٽ تي آپريشن ڪري اسرائيلي يرغمالين کي ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

27 جون 1976ع ۾ ايٿينز کان پئرس ويندڙ ايئر فرانس جي جهاز کي فلسطيني باغين جي تنظيم پاپولر فرنٽ جي ماڻهن ايٿينز ايئرپورٽ تان هائيجيڪ ڪري ورتو هو، ان سلسلي ۾ تل ابيب کي هڪ پيغام پڻ اماڻايو ويو هو، اهڙو پيغام ملڻ کانپوءِ اسرائيلي حڪومت جي ايوانن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو، تڏهن اسرائيل جو وزيراعظم اسحاق رابن هو، جيڪو فوج جو سربراهه پڻ رهي چڪو هو. هاڻوڪو اسرائيلي صدر شمعون پيريز بچاءُ جو وزير هو. اعليٰ سطح تي مشاورت جي شروعات ڪئي وئي. سڄي دنيا ۾ موجود اسرائيلي سفارتخانن کي امڪاني هاءِ جيڪنگ جي باري ۾ خبردار ڪيو ويو. اغوا ٿيندڙ جهاز ۾ 245 مسافر سوار هئا، يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه کانسواءِ متبادل رستي طور آپريشن تي به غور ويچار ڪيو ويو. ياد رهي ته اهو جهاز ياسر عرفات جي PLO کان الڳ ٿيندڙ ڊاڪٽر وعدي حداد جي ماڻهن اغوا ڪيو هو انهن جو مطالبو هو ته اسرائيل سميت سڄي دنيا ۾ قيد سندن ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي. هائيجيڪر جهاز جڏهن يوگنڊا جي اينتبي ايئرپورٽ وٺي آيا، تڏهن اسرائيلي قيادت کي يقين ٿي ويو ته اهو جهاز طئي ٿيل منصوبي تحت اغوا ڪيو ويو آهي. ڇو ته ان وقت يوگنڊا جو صدر عيدي امين هو، جيڪو اسرائيل جي حمايت سان اقتدار ۾ آيو هو. ليڪن اڳتي هلي جڏهن يوگنڊا جي ڪرنل قذافي سان مفاهمت ٿي وئي ته اسرائيل ان تي سخت ناراص ٿيو، جنهن ڪارڻ 1972ع ۾ عيدي امين اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا. عيدي امين اسرائيل کي فلسطينين جي نسل ڪشي جو ذميوار پڻ قرار ڏنو هو.

اسرائيل جي تڏهوڪي وزيراعظم رابن کي خبر هئي ته يوگنڊا ۾ ان وقت اسرائيل جي ملٽري چيف آف اسٽاف جو عيدي امين کي اقتدار ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار هو، هن جا عيدي سان ويجها لاڳاپا پڻ هئا، ان ڪري اسرائيلي حڪومت ڪرنل بارلي معرفت عيدي امين سان رابطي جو فيصلو ڪيو. ڪرنل بارلي، عيدي سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته “توهان تاريخ ۾ هڪ امن پسند رهنما جي حيثيت ۾ ئي زندهه رهي سگهو ٿا، توهان يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. عيدي امين موٽ ۾ چيو ته سندس هائيجيڪنگ سان ڪو تعلق ناهي. ٻنهي وچ ۾ ان وقت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اسرائيل جو تڏهوڪو وزيراعظم رابن، وزير دفاع شمعون پيريز ۽ موساد جو سربراهه به ٻڌي رهيا هئا. عيدي امين کي ان ڳالهه جو احساس نه هو ته اها ڳالهه ٻولهه اسرائيلي قيادت به ٻڌي رهي آهي. اسرائيلين هڪ پاسي عيدي امين سان رابطا برقرار رکيا ۽ سندس خيالن کان آگاهه ٿيندا رهيا، عيدي امين ٽيليفون گفتگو ۾ اهو خيال ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن موشي دايان يوگونڊا ان مشن تي اچي ته سندس ڀليڪار ڪئي ويندي. ليڪن اسرائيلي وزيراعظم رابن جو خيال هو ته جيڪڏهن موشي دايان کي يوگنڊا ۾ اغوا ڪيو ويو ته اسرائيل جي عزت ۽ وقار کي ڌڪ لڳندو، ان ڪري رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه سان گڏ فوجي آپريشن جو به فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ٻه ٽيمون ٺاهيون ويون، اينتبي ايئرپورٽ جو نقشو هڪ اسرائيل فرٽ وٽ هو، جنهن اهو ايئرپورٽ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ريهرسل دوران اسرائيل جي ڳجهن ادارن کي اطلاع مليو ته ماريشس ۾ آفريڪي ملڪن جي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ عيدي امين ٻه ڏينهن يوگنڊا کان ٻاهر هوندو. اسرائيل جي پاليسي ساز ادارن ان تي به غور ڪيو ته عيدي امين کي سفر دوران اغوا ڪيو وڃي. جيئن ته عيدي کي جهاز به اسرائيل جو ڏنل هو، ان ڪري وٽن جهاز بابت سموري معلومات موجود هئي. ليڪن عالمي مصلحتن سبب ان منصوبي تي عمل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بلڪه منصوبي ۾ هڪ ڊمي عيدي امين ۽ سندس مرسڊيز ڪار کي شامل ڪيو ويو ته جيئن اينتبي ايئرپورٽ تي موجود يوگنڊا جي فوجين کي دوکو ڏئي سگهجي. اسرائيل کان ٻه هزار ميل پري هن فوجي آپريشن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو جهازن جي ري فيولنگ هئي، پر اهو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪينيا جي صدر جي هڪ ويجهي صحافي دوست اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هرڪوليس جهاز سان گڏ بوئنگ 707 جهاز به شامل هئا. اسرائيلي برگيڊيئر جنرل ڊئن شومرون ان مشن ۾ اهم ذميواريون نڀائي رهيو هو، جڏهن ته اسرائيل جي هاڻوڪي وزيراعظم نيتن ياهو جو ڀاءُ يوني نيتن ياهو، ان مشن جو فيلڊ ڪمانڊر هو، جيڪو اسرائيلي فوج ۾ ليفٽننٽ ڪرنل جي عهدي تي فائز هو ۽ مذڪوره آپريشن دوران يوگنڊا جي فوجين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو. يوگنڊا جا فوجي دستا اينتبي ايئرپورٽ تي مقرر هئا. اسرائيلي ڪمانڊو فورس سڀ کان پهرين اينتبي ايئرپورٽ جو سڄو مواصلاتي نظام جام ڪيو، منصوبي هيٺ هرڪيوليس جهاز مان عيدي امين جي ڪار کي اڳيان آندو ويو، عيدي امين جهڙو شخص ڪار ۾ ويٺو هو، يوگنڊا جي فوجين سمجهيو ته سندن صدر پرڏيهه مان واپس آيو آهي. انهن روايت موجب سيليوٽ ڪيو. ان وچ ۾ اسرائيلي ڪمانڊوز ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي ۽ لڳاتار فائرنگ ڪندا رهيا. يوگنڊا جي فوج پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي. اسرائيلي ڪمانڊوز ڪارروائي ڪري سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرائي ورتو. ڪجهه يرغمالي ماريا به ويا، ان مشن ۾ اسرائيل جي ميڊيڪل ٽيم به موجود هئي، جنهن وقت سڄي دنيا ان هائيجيڪنگ ڊرامي جي آخري سين لاءِ منتظر هئي، اسرائيل جا ڪمانڊوز پنهنجي يرغمالين کي آزاد ڪرائي تل ابيب کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. جيئن ئي اسرائيلي وزيراعظم رابن ان مشن جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ته سموري اسرائيل ۾ جشن ملهايو ويو. عيدي امين کي جڏهن اطلاع مليو ته هن ان کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ اسرائيل حڪومت کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون، ليڪن اسرائيل جو دليل اهو هو ته هائيجيڪنگ ڊرامي جي منصوبابندي ۾ فلسطيني باغين سان گڏ عيدي امين جي حڪومت به شامل هئي. يوگنڊا جي اينتبي ايئرپورٽ تي هائيجيڪرن کي هر قسم جي سهولت ۽ هٿيار مهيا ڪيا ويا، کين رابطي جا وسيلا مهيا ڪيا ويا. اسرائيلي انيٽيليجنس سروس موساد اينتبي ايئرپورٽ جي پل پل کان باخبر هئي. آپريشن لاءِ C-130 هرڪيوليس جهاز ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون ويون هيون ته جيئن گهربل ٽارگيٽ حاصل ڪري سگهجي.

اسرائيلي وزيراعظم رابن جو خيال هو ته عيدي امين اينتبي ايئرپورٽ هائيجيڪنگ ڊرامي وسيلي هڪ پاسي عالمي تشهير پيو چاهي، ٻئي طرف ڪرنل قذافي سان ملي ڪري آفريقا کنڊ ۾ اسرائيل لاءِ ڏکيائيون پئدا ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪري رهيو هو.

اسرائيلي وزيراعظم رابن ان وقت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بيگن کي به اعتماد ۾ ورتو هو، ليڪن انهي آپريشن ۾ اسرائيل جي هاڻوڪي صدر شمعون پيريز به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هو جڏهن اسرائيلي وزارت دفاع جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته سندس يوگنڊا جي اعليٰ فوجي آفيسرن سان رابطا هئا. هن ئي اسرائيل ۽ يوگنڊا وچ ۾ دفاعي معاهدي جا نُڪتا طئي ڪيا هئا، جنهن تي اپريل 1963ع ۾ صحيحون ٿيون هيون، عيدي امين جي هائيجيڪنگ جي ان واقعي ۾ بنيادي غلطي اها هئي ته هو پنهنجي پراڻي اسرائيلي فوجي دوست ڪرنل بارلي سان ٽيليفون تي کُلي ڳالهائيندو هو. ياد رهي ته اسرائيل طرفان اينتبي ايئرپورٽ جي ڪامياب آپريشن سان نه رڳو زيراعظم رابن جي مقبوليت ۾ واڌ آئي، بلڪه عالمي سطح تي سندس گراف وڌيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ کٽڻ ۽ يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ کانپوءِ هو هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلين جو هيرو بڻجي ويو. چيو وڃي ٿو ته هن آپريسن ۾ آمريڪين به اسرائيل جي مدد ڪئي هئي. سڄي دنيا ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي انٽيليجنس ادارن وچ ۾ ڀرپور تعاون رهيو آهي. خاص طور تي وچ اوڀر جي تناظر ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا موجود آهن. وچ اوڀر ۾ آمريڪا اسرائيل جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ۽ اهي ٻئي ملڪ دنيا ۾ هڪ نئون کيڏاڙ کيڏي رهيا آهن، جنهن جو انت ڪٿي ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو