Home / ڪور افيئر / جمهوري حڪومت ۽ سويلين راڄ جو سوال
above article banner

جمهوري حڪومت ۽ سويلين راڄ جو سوال

جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ ڪميونزم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪين پاران ڏنل بي انتها ڊالرن جي سهاري جنهن سگهاري اداري زور ورتو ان جي ڏاڍي مڙس هجڻ واري ڀرم کي ٽوڙيو به آمريڪا ئي آخر. فوجي انتظام هيٺ هلندڙ مذڪوره اداري جي کاتي ۾ پهرين ناڪامي تڏهن درج ٿي جڏهن بنگالين جي تحريڪ زور ورتو ۽ پاڪستان جي هِن اعليٰ فوجي انٽيليجنس ايجنسيءَ حالتن متعلق درست ۽ اثرائتي رپورٽنگ نه ڪئي ۽ پاڪستان ٽٽي ٻه ٽڪر ٿيو. ماضيء ۾ ايراني خفيه اداري پاران پنهنجي ملڪ کي گهربل ڪن ماڻهن کي پاڪستان جي سرحدن ۾ اچي مارڻ واري واقعي جي خبر به دير سان پوڻ شايد ان اداري جي هڪ ننڍڙي غلطي هئي. پر آمريڪي فوج پاران ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن کي ماري ڇڏڻ جي خبر پاڪستاني سرحدن جي نگهبانن کي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پوڻ وارو ڌڪ دفاعي ۽ سگهاري اداري لاءِ ڪاپاري ثابت ٿيو آهي. ان ڌڪ هڪ طرف انٽيليجنس ايجنسيءِ جي دعوائن جي قلعي کولي ڇڏي آهي ته ٻئي طرف پاڪستاني فوج کي ملڪ اندر توڙي ٻاهر تنهائي جو شڪار ڪري وڌو آهي. افغان جهاد لاءِ آمريڪين جنهن انداز سان آءِ ايس آءِ کي وسيلا ۽ فني مهارت منتقل ڪئي ان جو ڀرپور فائدو وٺندي هن ڳجهي ايجنسيءَ تمام گهڻي طاقت حاصل ڪري ورتي. هڪ اندازي موجب ذڪر ڪيل ادارو فوج اندر هڪ فوج آهي. جيئن چيو وڃي ٿو ته پاڪستان اندر فوج اختيارن جي ڪل مالڪ آهي تيئن فوج اندر ان سگهاري اداري جو ڪردار فيصلا ڪن آهي. فوج پاڪستان جي پرڏيهي، داخله پاليسي ۽ سياسي شطرنج تيار ڪندي آهي. ان ڪري سياستدان، سندن چئي کان ٻاهر هجن اهو ناممڪن آهي. آمريڪا ۾ پاڪستان جي هاڻوڪي سفير حسين حقانيءَ سميت ڪيترن ئي نالي چڙهين ماڻهن پاران اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن لاءِ ڪتب ايندڙ ووٽر لسٽن جي تياريءَ کان وٺي وزيراعظم جي چونڊ تائين سگهارا ادارا يا فوج سرگرميءَ سان ڪردار ادا ڪندا آهن. ان ڏس ۾ مثال ڏنا ويندا آهن ته ڪيئن نه آءِ ايس آءِ مهراڻ بينڪ جي پيسن مان اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهي بينظير ڀٽو شهيد خلاف سياستدانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ ظفرالله جماليءَ جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ رات پيٽ ۾ پيپلزپارٽي (پيٽرياٽ) قائم ڪئي. پيپلزپارٽي (پيٽرياٽ) چيو ويندو آهي ته ان ڪري ٺهي جو ڪجهه سياستدان جي هڪ خفيه سرگرمي سگهارن ادارن وڊيو تي رڪارڊ ڪري ورتي هئي ۽ ان وڊيو جاري ڪرائڻ جو خوف ڏياري جماليءَ حڪومت جي راهه هموار ڪئي وئي. اسامه بن لادن جي مارجڻ واري معاملي تي قوم جي چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارليامينٽ جي جيڪو گڏيل اجلاس منعقد ٿيو، خبرون اهي آهن ته ان ۾ به آءِ ايس آءِ جي سربراهه ڪجهه ڏکيا سوال ڪندڙ پارليامينٽيرينز کي اهو اشارو ڏنو ته هو پنهنجي حد ۾ رهن نه ته سندن خلاف وڊيوز جاري ٿي سگهن ٿيون. آءِ ايس آءِ سربراهه جي حوالي سان اها خبر به اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ته هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چوڌري نثار لاءِ چيو ته هن مونکي ڪوئي ڪم چيو مون اهو ڪم نه ڪيو جنهن ڪري مسلم ليگ (ن) وارا اسان تي تنقيد ڪن پيا. انهن خبرن جو جائزو وٺڻ سان اها ڳالهه سمجهي سگهڻ جهڙي آهي ته مذڪوره سگهاري اداري جي شهرت ۽ طاقت ملڪ کان ٻاهر ڪمزور ٿي آهي پر ملڪ اندر سندن دٻدٻو ۽ زبان ساڳي آهي.

اها تنقيد بلڪل صحيح آهي ته اڄ اسٽيبلشمينٽ ۽ سگهارا ادارا اسامه آپريشن کانپوءِ ڪمزور ٿي پيا آهن، جڏهن ته آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت سندن ضامن ٿي کين بچائي ٻيهر طاقت وٺرائي رهيا آهن، جمهوريت جي دعويدارن کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي! اهو ستم به منفرد ئي رهيو آهي ته 71ع جي جنگ کانپوءِ شڪست کاڌل فوج کي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي نئين سِرِ منظم ڪيو ۽ ڀارت وٽ قيد 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرائي ملڪ آندا. اهو ڪريڊٽ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي طرف وڃي ٿو ته هن ايٽمي طاقت جي حاصلات لاءِ فيصله ڪن ڪوششون ڪري پاڪستاني فوج جي طاقت ۽ اهميت ۾ بي پناهه واڌارو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ها ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن جي اهڙي تشڪيل ڪري ها جو اهي سياست ۽ پرڏيهي پاليسيءَ تي اثر انداز نه ٿي سگهن ها، پر افسوس جو ان عظيم اڳواڻ آئين ۾ تحريري وضاحتون ڪرڻ کان اڳتي وڃي ڪو عملي ڪم نه ڪيو. ضياءُ الحق جي موت وارو واقعو ڪجهه دانشورن لاءِ آمريڪا پاران اهو اشارو هو ته آمريڪا ڪميونزم جي شڪست جو اندازو لڳائي پنهنجي ان مقدس اتحاديءَ مان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو. جڏهن ته آمريڪا اها ڪوشش به ڪئي ته پاڪستاني فوج افغانستان ۾ وڙهندڙ جهادين کان لاتعلق ٿي وڃي. ان دور ۾ پاڪستاني فوج جي اڪيلائيءَ کي دور ڪرڻ ۽ گناهن کي بخشڻ جو بار شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪلهن تي پيو. جنهن قوت ايم آر ڊيءَ جي ڪارڪنن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا، پيپلزپارٽيءَ جي قيادت تي زمين سوڙهي ڪئي هئي، تنهن جي سپهه سالار مرزا اسلم بيگ (جيڪو ضياءُ الحق جو ساٿي ۽ ڊپٽي چيف آف آرمي اسٽاف طور ڪم ڪندو هو) کي تمغه جمهوريت ڏئي پاڪستاني سياست ۾ فوج جي ڪردار کي اڻ سڌيءَ ريت تسليم ڪيو. ۽ هاڻي آصف علي زرداري سگهارن ادارن جو خيرخواهه نڻر اچي پيو. جڏهن پيپلزپارٽيءَ جي هاڻوڪي حڪومت اڃا نئين نئين قائم ٿي هئي ته آصف علي زرداريءَ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي اثر هيٺ جيڪي تقريرون ڪري نعرو هنيو هو ته اسان نظام بدلائينداسين ۽ جمهوريت ذريعي انتقام وٺنداسين. ان نعري جو مطلب اهو ئي ٿي ورتو ويو ته آصف زرداري پاڪستاني سياست ۾ سگهارن ادارن جي ڪردار کي محدود ڪري کين پنهنجا مقرر فرض ادا ڪرڻ تي پابند ڪندو. شايد ان ئي نظرئي تحت يوسف رضا گيلانيءَ جي حڪومت اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته آءِ ايس آءِ هاڻي وزيراعظم معرفت گهرو معاملن واري وزارت جي ماتحت ٿي ڪم ڪندي پر اهڙو نوٽيفڪيشن چوويهه ڪلاڪن کانپوءِ واپس ورتو ويو. شايد ته جمهوريت ۽ جمهوريت جون دعوائون پاڪستان ۾ جعلي آهن يا وري عام راءِ مطابق موجوده حڪومت به محض پنهنجي اقتدار جي بقا چاهي ٿي ۽ سندن اقتدار جي بقا کين ان ۾ نظر اچي ٿي ته هو فوج ۽ سگهارن ادارن جا گهڻ گهرا ۽ ساٿي ٿي رهن. اڃا ڪلهه جي ئي ته ڳالهه آهي جو چوڌري نثار ۽ شهباز شريف رات جي اونداهيءَ ۾ جي ايڇ ڪيوءَ وڃي فوجي جنرلن سان ملاقات ڪئي. ڇا اها ملاقات صرف چانهن جو ڪوپ پيئڻ لاءِ رٿي وئي هئي يا ان جا ڪي سياسي مقصد هئا؟ جنهن رات اسامه بن لادن کي ايبٽ آباد ۾ ماريو ويو ان جي ٻئي ڏينهن به ته شهباز شريف پنهنجي خاص جهاز ۾ چڙهي راولپنڊي آيو ۽ ڪا ملاقات ڪري ويو. ته پوءِ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف کي آخر فوج سان ايتري ڪاوڙ ڇو آهي، سندس تازا بيان اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته هو حقيقي جمهوري اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ميان نواز شريف جي ان بيان کي تمام گهڻي موٽ ملي آهي جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو آهي ته فوج جو به احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ سندن اختيار گهٽ ٿيڻ گهرجن. ميان نواز شريف ۽ سندس پارٽيءَ کي پنجاب جو حقيقي مالڪ تصور ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته پاڪستان ۾ جنهن اسٽيبلشمينٽ کي اصل مالڪ مڃيو ويندو آهي ان اسٽيبلشمينٽ جو ڪنٽرول پنجاب وٽ ئي رهندو آيو آهي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪنهن به سياستدان فوج خلاف اهڙي ارڏائيءَ واري زبان استعمال ناهي ڪئي ته پوءِ هاڻوڪي صورتحال کي ڇا ان انداز سان سمجهي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ڌڙي بنديءَ جو شڪار ٿي پئي آهي ۽ مسلم ليگ (ن) هاڻي محض پنجاب جي عام ماڻهوءَ جي پارٽي ٿي پئي آهي ۽ واڳ ڌڻين اُن کي اڪيلو ڪري وڌو آهي؟ اسامه بن لادن واري معاملي جي پس منظر ۾ ميان نواز شريف جي اصولي موقف کي جتي ساراهيو ويو آهي اتي ئي اهي خبرون به ميڊيا ۾ اچي چڪيون آهن ته شهباز شريف ۽ سندس ٻيا ساٿي ان خيال جا آهن ته ملڪ ۽ فوج تي ڏکيو وقت آيل آهي ان ڪري سخت تنقيد ڪرڻ بجاءِ سگهارن ادارن ۽ فوج جو ساٿ ڏجي. ٻي صورت ۾ مسلم ليگ (ن) اقتداري سياست مان آئوٽ ٿي ويندي. جڏهن ته ايندڙ اليڪشنن ۾ به مسلم ليگ(ن) مشڪلاتن جي وَرِ چڙهي ويندي. ان معاملي تي شريف ڀائرن وچ ۾ ڪجهه اختلافن پيدا ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي پئي وڃي. سياسي تجزئي نگار سمجهن ٿا ته ميان نواز شريف کي ڪاوڙ آهي ته موجوده فوجي قيادت سندس دشمن جنرل (ر) پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڇو ڏنو؟ ميان نواز شريف جي اهليت متعلق ڪجهه ڪيس اڃان عدالتن ۾ هلندڙ آهن انهن ڪيسن بابت سندس حق ۾ ڪوئي فيصلو نه پيو اچي. جڏهن ته آصف زرداري مسلم ليگ (ق) سان گڏجي پنجاب ۾ شريف ڀائرن جي حڪومت جي خاتمي لاءِ جيڪا سِٽ سِٽي آهي نواز شريف کي ان ڳالهه تي به ڪيترائي اعتراض آهن. مسلم ليگ (ن) جي قيادت سمجهي ٿي ان کيڏ پٺيان به سگهارن ادارن جو ڪمال آهي. انهن اعتراضن ۾ ٿي سگهي ٿو ته حقيقت هجي پر مسلم ليگ (ن) اسامه آپريشن جي بنياد تي موقف انهن حقيقتن کي نظرانداز ڪري صرف ۽ صرف اصولي بنيادن تي رکيو هجي. ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو؟

اسامه بن لادن جي مارجڻ واري واقعي کانپوءِ پاڪستاني ميڊيا جيڪو هنگامو پيدا ڪيو ان کان مجبور ٿي فوج کي پنهنجي اڪيلائي تسليم ڪرڻي پئي ۽ ان اڪيلائيءَ کي دور ڪرڻ جو واحد رستو اهو ئي هو ته فوج پارليامينٽ جو سهارو وٺي. لڳي ايئن پيو ته فوج اهو قدم مجبوريءَ ۾ کنيو ته جيئن ملڪ اندر وڌندڙ پريشر کي گهٽ ڪري پوزيشن مضبوط ڪري وٺجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ فوج پارليامينٽيرينز اڳيان پيش ٿي يا چونڊيل نمائندا آءِ ايس آءِ سربراهه آڏو حاضر ڪيا ويا!!؟ اِن ڪيمرا اجلاس جون جيڪي ڳالهيون هن مهل تائين منظر عام تي آيون آهن انهن مان ته اهو ئي پيو لڳي ته ريٽائرمينٽ جي عمر کي پهچڻ کانپوءِ ايڪسٽينشن تي هلندڙ جنرل پاشا چونڊيل نمائندن کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته غلطيون انسانن کان ٿينديون آهن، اسامه آپريشن جي حوالي سان غلطي ٿي آهي پر هاڻي ان کي جواز بڻائي ڳجهي اداري سان محاذ آرائي نه ڪئي وڃي. پارليامينٽ جي اِن ڪيمرا اجلاس ۾ جاويد هاشمي، تهمينه دولتانه ۽ جي يو آءِ (ف) جي مولانا عطاءُ الرحمان جڏهن جنرل پاشا آڏو ڏکيا سوال اٿاريا ته جنرل پاشا مولانا عطاءُ الرحمان کي اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته اگر اسان تي تنقيد جائز آهي ته پوءِ لبيا مان ڊالرن سان ڀرجي ايندڙ بريف ڪيسن جو حساب به ڏيڻو پوندو. پنهنجي خطاب دوران جنرل پاشا پنهنجي ڪوتاهيءَ کي تسليم ڪندي چيو ته هو غلطين ٿيڻ جي ڪري استيعفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي وزيراعظم اگر چوندو ته عهدو خالي ڪري ڇڏيندس. هي اهو موقعو هو جيڪو يوسف رضا گيلانيءَ ۽ آصف علي زرداريءَ جي پارٽيءَ کي نه وڃائڻ گهرجي ها. ان موقعي مان فائدو وٺندي حڪومت ڳجهن ادارن کي نئين انداز سان منظم ڪري سگهي ها. ڇو ته ميڊيا، سول سوسائٽي، مخالف ڌر ۽ ٻاهرين دنيا بظاهر سندن حامي هجي ها. پيپلرپارٽيءَ جي عوامي حڪومت اهو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو يا زميني حقيقتون نظر ايندڙ صورتحال کان بنهه مختلف آهن؟ ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

پاڪستاني سياسي تاريخ مان اهو سبق آسانيءَ سان پِڙهي سگهجي ٿو ته فوج ڪمزور ادارو نه آهي، سياستدانن جي غلطين ۽ مطلب پرستيءَ جي ڪري سياست ۽ ملڪ جي اقتدار تي سگهارن ادارن جي گرفت مضبوط آهي. سگهارن ادارن جي پريشر ڪري ئي هڪ موقعي تي صدر آصف زرداريءَ صدر مملڪت جي عهدي تان مجبوريءَ ۾ استيعفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. اهي به اطلاع پئي مليا ته پيپلزپارٽيءَ ۾ شاهه محمود قريشي ۽ ناهيد خان جي اڳواڻيءَ ۾ نئون ڌڙو ٺاهي قومي حڪومت ٺاهڻ جو پلان به جوڙيو ويو هو. اسامه آپريشن کان اڳ تائين پيپلزپارٽي حڪومت ۽ سگهارن ادارن ۾ لاڳاپا انتهائي ڇڪتاڻ وارا هئا ۽ ڪيترا ئي زرداري مخالف سياستدان سگهارن ادارن ايجنڊا تحت ڪم ڪرڻ لاءِ راضي هئا ته اهڙي صورتحال ۾ اگر موجوده حڪومت بچائڻ جو ئي فرض نڀائڻو هجي ته پوءِ ايجنسين سان ڦٽائي نه ٿو سگهجي. ايئن ناهي هوندو ته سگهارا ادارا هر هڪ پارٽيءَ سان هر وقت لاڳاپا سٺا رکڻ چاهيندا آهن، لاڳاپن جا سڳا هڪ ئي وقت ۾ مخالفت ۽ حمايت ۾ ڇڪبا رهندا آهن. مسلم ليگ(ق)، ايم ڪيو ايم، اي اين پي، مسلم ليگ (فنڪشنل)، اين پي پي ۽ فاٽا جي سمورن ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کي حڪومت ۾ شامل ڪرائي قومي حڪومت ٺهرائي وئي آهي. مطلب اهي سموريون ڌريون سگهارن ادارن جي خواهش جي تڪميل يا تعميل ۾ ايئن ڪري رهيون آهن. جنهن جو ٻيو مطلب اهو آهي ته سگهارا ادار پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي بچائڻ چاهن ٿا ۽ سڀ سگهارا ادارا ان قومي حڪومت متعلق هڪ ئي پاليسي رکن ٿا. قومي حڪومت اڄ جي ضرورت آهي پر اهو ضروري ناهي ته قومي حڪومت هوندي پيپلزپارٽي پنهنجي ايجنڊا تي ڪم ڪري سگهي ۽ ايئن ٿي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجي منشور، نظرئي ۽ واعدن کان ڪوهين پري بيٺل آهي. ٻي حقيقت به گڏوگڏ هلي پئي جنهن کي نظرانداز ڪرڻ به آسان ناهي ته ميڊيا، مسلم ليگ(ن) ۽ تحريڪ انصاف جيڪي ڳالهيون ڪن پيا، ٿي سگهي ٿو ته اهي بيان ٻن سگهارا ادارن وچ ۾ اختيارن تان هر ڀيري ٿيندڙ جهيڙي جو نئون رنگ هجن!!

پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ته فوجي حڪمرانن جي دور ۾ ملٽري انٽيليجنس کي هميشهه فيصلا ڪن اختيار ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته سولين دور ۾ هڪ سگهاري اداري جو پلڙو ڀاري هوندو آهي. اهي ٻه ادار بلوچستان ۾ اڪبر بگٽيءَ جي مارجڻ کان وٺي، لاپتا ماڻهن جي ڪيس، عدليا جي بحالي، پاڪستاني طالبان متعلق حڪمت عمليءَ ۽ دفاعي نوعيت جي ٻين معاملن تي هيمشه هڪ ٻئي سان اختلاف رکندا اچن پيا. انهن ادارن جو موقف سياستدانن، ميڊيا جي نالي چِڙهيل رپورٽرن، تبصري بازن، ڪجهه دانشورن ۽ دفاعي تجزئي نگارن واتان سمجهڻ لاءِ دستياب ٿيندو آهي. ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف وچ ۾ اسامه آپريشن بعد عسڪري ادارن تي تنقيد جي حوالي سان جيڪي اختلاف پيدا ٿيا آهن انهن جي باري ۾ به اهي انومان آهن ته ٻئي ڀائر مختلف ادارن جي ويجهو هجڻ ڪري پنهنجي پنهنجي اداري جي پاليسيءَ کي اڳتي ڪرڻ چاهن پيا. ڪجهه به هجي ميان نواز شريف هن دور ۾ پنهنجي نئين شخصيت متعارف ڪرائي آهي. پر پيپلزپارٽيءَ جي قيادت ايئن ئي پنهنجي سحر کي ٽوڙي وڌو آهي جيئن هڪ سگهاري اداري جو ٻاهرين دنيا تي قائم خوف گهٽجي ويو آهي. پيپلزپارٽي قيادت ثابت ڪيو آهي ته سندن سوچ ۽ عمل انقلابي نه آهي محض اقتدار سان چنبڙيل هجڻ کي هو مفاهمت واري جمهوريت طور ڳڻائن ٿا. پيپلزپارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت ان شاطر جواريءَ وانگر آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ هارائڻ ناهي چاهيندو پر کٽڻ لاءِ راند جا اصول به ٽوڙي وجهندو آهي. سينيٽر جان ڪيريءَ جي دوري بعد حالتن ۾ ڦيرو اچڻ شروع ٿيو آهي آمريڪا پاڪستان جي مالي امداد شايد جلد معطل نه ڪندو جڏهن ته دفاعي ۽ انٽيليجنس شعبي ۾ هڪ ٻئي تي سندن بي اعتمادي جاري رهندي. اهڙي صورتحال جو جمود به اگر برقرار رهيو تڏهن به پاڪستان جا سگهارا ادارا صورتحال کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري وٺندا. اردو زبان ۾ ايندڙ چند مشهور اخبارن جي مشهور ڪالم نگارن جون لکڻيون اڄ ڪلهه انتهائي معني خيز آهن. هڪ گروپ سگهارا ادارن ۽ فوج جي حمايت ۾ ڳالهين کي گهمائي ڦيرائي آصف زرداريءَ ۽ نواز شريف تي حُلهون ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻيو گروپ هڪ سگهاري اداري جي ناڪاميءَ جو روئڻو روئندي ميان نواز شريف کي صلاح پيو ڏئي ته هو انقلاب آڻي. ان قسم جا ڪالم نگار عوام کي گهرن مان نڪري اچڻ جي صلاح به ڏين پيا. انهن سڀني ڳالهين جو حاصل مطلب اهو ئي آهي ته پاڪستان جا سگهارا ادارا ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪمزور ٿيا هئا، پر انهن ادارن پاڻ کي سنڀالي ورتو آهي. سياستدانن ۾ ايتري جرئت ۽ سياسي بصيرت نه آهي ته هو انهن ادارن جي طاقت ٽوڙڻ لاءِ ڪي گڏيل قدم کڻن. سو ملڪ تي اڃان ته آمريڪا، سگهارا ادارا ۽ سندن ساٿي سياستدان ايئن ئي راڄ ڪندا رهندا، جيئن ڪندا رهيا آهن.

 

ياسين جوڻيجو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو