Home / افيئر / !خروٽ آباد واقعو: چيچن عورتن کي آپگهاتي بمبار ڄاڻائي قتل ڪرڻ جي دردناڪ ڪٿا
above article banner

!خروٽ آباد واقعو: چيچن عورتن کي آپگهاتي بمبار ڄاڻائي قتل ڪرڻ جي دردناڪ ڪٿا

بلوچستان ۾ رتو ڇاڻ جي ڪهاڻي ڪا نئين ڳالهه ڪونهي .بلوچ قوم پرستن جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نا انصافين ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ پئي چاهيو ته سرڪار ۽ ميڊيا قوم پرستن جي ڳالهين کي اجائي تنقيد قرار ڏيندي ڪا به اهميت نه ڏني پر اها هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پنهنجي ملڪ ۾ هميشه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بالادستي رهي آهي. اهي ادارا امن و امان جي حوالي سان جيڪو به قد م کڻندا آهن حڪمران طبقو سندن مڪمل پٺڀرائي ڪندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ادارا اهڙا قدم کڻي ويندا آهن. جنهن سان هن ملڪ جي عوام جو ڪنڌ به شرم ۾ جهڪي ويندو آهي. انهن ادارن جي ڪجهه ذميوار اڳواڻن جي نااهلي سبب بيگناهه ماڻهو هميشه هميشه لاءِ موت جي آغوش ۾ سمهي رهندا آهن.

جنهن جو تازو مثال 17مئي واري ڏينهن ڪوئيٽا جي علائقي خروٽ آباد ۾ پيش آيو جت فرنٽئر ڪور ۽ پوليس اهلڪارن ايشيائي ملڪ چيچنيا سان تعلق رکندڙ ٽن عورتن سوڌي پنج پرڏيهين کي آپگهاتي حملو ڪندڙ قرار ڏيندي گوليون هڻي موت جو ننڊ ته سمهاري ڇڏيو جن ۾ هڪ عورت اهڙي به هئي جيڪا اميد سان هئي سندس پيٽ ۾ اٺن مهينن جو ٻار پڻ هو. دنيا ۾ قدم رکڻ کان اڳ ئي کيس دهشت گرد قرار ڏئي ماريو ويو ۽ اهو ته الله ڀلو ڪري ميڊيا جو جنهن الائي ڇو بندوق واري سرڪار سان مهاڌو اٽڪائيندي سچ کي نروار ڪيو.

خروٽ آباد جي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي رڳو محافظن جي اصل چهرن تان نقاب ڪو نه لاٿو آهي پر ڪيترن ئي سوالن کي جنم پڻ ڏنو آهي جن جا جواب اڄ به گهربل آهن جيتوڻيڪ اڄ بلوچستان سرڪار پاران انهي لڱ ڪانڊارينڊڙ واقعي جي جاچ لاءِ چيف سيڪريٽري بلوچستان جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي بلو چستان هائيڪورٽ جي جج محمد هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ هڪ عدالتي ٽريبونل پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ڪيترن ئي شاهدن ۽ گواهن جا بيان قلم بند ڪيا ويا آهن عدالتي ٽريبونل واقعي واري ڏينهن هت موجود اهلڪارن کان ڊيوٽي نه وٺڻ جو حڪم نامو پڻ جاري ڪيو آهي.

بلوچستان ملڪ جو واحد صوبو آهي. جتي امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. بلوچستان جي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا ظلم وڏي وڌي رهيا آهن. 17مئي 2011 تي جڏهن ٽن عورتن سميت چيچنيا جي پنج رهواسين کي آپگهاتي حملي آور قرار ڏيندي موت جو ننڊ سمهاريو ويو ته ان مهل سي سي پي او ڪوئيٽا دائود جوڻيجو ۽ ايف سي ڪرنل فيصل ميڊيا سامهون اچي ديده دليري سان ٻڌايو ته اسان دهشت گردن کي ماري وڌو آهي موقعي تي انهن آفيسرن جي بيان ۾ تضاد مان ڪوڙ جي بوءِ محسوس ٿيڻ لڳي پر جڏهن وقت گذرندو ويو ۽ ميڊيا دهشت گرد قرار ڏئي ماريل پرڏيهين جا لاش ڏٺا ته ميڊيا جو ستل ضمير به جاڳي پيو ۽ ميڊيا اهو انڪشاف ڪندي ممڻ ٻاريو ته خروٽ آباد واري علائقي ۾ چار مارجي ويل 5 پرڏيهين وٽان آپگهاتي جيڪٽس هٿ نه آيون.سڪيورٽي اهلڪارن دعويٰ ڪئي هئي ته عورت سميت مارجي ويل 5 ئي پرڏيهي شهري آپگهاتي بمبار هئا.بم ڊسپوزل عملي پنجن ئي لاشن جو معائنو ڪرڻ بعد هڪ بيان جاري ڪندي واضح ڪيو ته ڄاڻايل ماڻهن وٽان ڪنهن به قسم جون آپگهاتي جيڪٽس هٿ نه آيون هيون.بيان ۾ ٻڌايو ويو ته مارجي ويلن جي لاشن ڀرسان دستي بمن جون سيفٽي پنز مليون هيون. اهي پڻ خبرون آهن ته روس جي سرڪار پاڪستان سرڪار کان واقعي جا مڪمل تفصيل گهريا آهن بلوچستان جي گهرو سيڪريٽري ظفرالله بلوچ ٻڌايو ته مارجي ويلن جا لاش حوالي ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪنهن به ماڻهو ساڻن رابطو ناهي ڪيو.هوڏانهن بولان ميڊيڪل اسپتال جي پوليس سرجن ڊاڪٽر باقر شاهه ٻڌايو ته خروٽ آباد واقعي ۾ مارجي ويل 5 پرڏيهين جو موت ڪنهن ڌماڪي سان نه پر گولين لڳڻ سبب ٿيو آهي ۽ انتهائي ويجهي کان گوليو ن هلا يون ويون آهن خروٽ آباد ۾ ايف سي ۽ پوليس جي ڪارروائي ۾ مارجي ويل 5 پرڏيهين جي لاشن جو بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ٿيو. پوليس سرجن ڊاڪٽر باقر شاهه جو چوڻ هو ته ظاهري طور ڏسڻ ۾ سڀني ماڻهن جو موت گوليون لڳڻ سان ٿيو آهي. سندن جسم جو ڪو به حصو ڌماڪي سان نه متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته هڪ عورت جي جسم مان 4 گوليون ڪڍيون آهن، جيڪا 7 مهينن جي حمل سان هئي. ان عورت ۽ سندس ٻار جو موت گوليون لڳڻ سان ٿيو آهي

پوسٽ مارٽم رپورٽ پڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي ڪوڙ کي وڏيڪ وائکو ڪري ڇڏيو آهي خروٽ آباد ۾ 5 پرڏيهين کي ڪارروائي ۾ مارڻ واري واقعي جو حڪومت پاران نوٽيس وٺڻ کان پوءِ هڪ پوليس آفيسر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ذريعن موجب حراست ۾ ورتل آفيسر کي اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

اصل حقيقت ڇا آهي اهو ته ٽريبونل رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد معلوم ٿيندو پرجڏهن “افيئر” پاران انهيءِ سڄي مامري جي اصل حقيقت ڄاڻڻ جي ڪو شش ڪئي ته ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پنج پرڏيهي بمبار ۽ آپگهاتي نه هئا اهو پوليس جو ٽوپي ڊرامو آهي ذريعن چواڻي مارجي ويل افغانستان سان لگندڙ بلوچستان جي سرحدي علائقي چمن وٽان داخل ٿيا انهن همراهن بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ مان ٽوئنس ڪار ڪوئيٽا لاءِ ڀاڙي تي حاصل ڪئي اهي ماڻهو بليلي چيڪ پوسٽ ڪراس ڪندي جڏهن ائير پورٽ ٿاڻي جي حد ڪلي خيزي خروٽ آباد پهتا ته کين پوليس اهلڪارن روڪيو جت پوليس اهلڪارن ۽ انهن پرڏيهن وچ ۾ ڳالهه ڪا نه ٺهي ته پوليس اهلڪارن کين ٿاڻي وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ پوليس وارو ساڻن گڏ گاڏي ۾ ٿاڻي ڏانهن روانا ٿيا ڪجهه پنڌ بعد گاڏي ۾ ويٺل همراهن پوليس اهلڪار کي گاڏي تان لاهي ڇڏيو ۽ ڊرائيور گاڏي ڊوڙائي ڏني ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد گاڏي تان لهي اهي پرڏيهي ويجهي واري ڪلي يعني پاڙي ۾ گهڙي ويا گاڏي تان زبردستي لاٿل پوليس اهلڪار ٿاڻي تي اطلاع ڏيندي پوليس موبائل گهرائي ورتي انهن پوليس وارن علائقي کي ڪڙو ڇاڙهي ڇڏيو ۽ پرڏيهين جي ڳولها شروع ڪري ڏني انهي دوران اهي پرڏيهي هڪ مسجد ۾ داخل ٿيا جت نماز پڙهندي نفل ادا ڪيا ۽ علا.ئقي واسين کان رستو پڇائيندا رهيا ۽ پناهه جي ڳو لها شروع ڪري ڏني ايتري دير ۾ پوليس هت پهڇي وئي ته انهن هت ويجهي موجود ايف سي اهلڪارن ڏانهن ڊوڙ پاتي ته اهي کين پوليس کان بچائيندا .انهيءِ کان پوءَ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پوليس ۽ ايف سي عملدارن ميڊيا آڏو سينو تاني ٻڏايو پر جيڪو ڪجهه ٻڌايو ويو اهو سچ ڪونهي .

اکين ڏٺن شاهدن چواڻي ته مارجي ويل پرڏيهي ڀڳل ٽٽل پشتو ٻولي پيا ڳالهائن اهي مختلف ماڻهن کان رستو پڇندا رهيا هڪ همراه جو چوڻ هو ته جڏهن اهي پرڏيهي ڪلي اندر داخل ٿيا ته انهن مان بن ڄڻن جي پيرن ۾ جتي پڻ ڪو نه هئي مون کين جتي وٺرائي ڏني پو۽ جڏهن فائرنگ شروع ٿي ته پهريان عورتن جي روئڻ جو آواز پئي آيو جيڪي رڙيون ڪري رهيون هيون .پر جيئن جيئن گولين جي گونج وڌندي پئي وئي آواز خاموش ٿيندو ويو .

ٽيڪسي ڊرائيور عطا محمد ڪچلاڪ جو رهواسي سرڪاري ملازم آهي جيڪو پارٽ ٽائيم ٽيڪسي هلائيندو آهي پوليس کيس پهرين ڏيئهن گرفتار ڪري ورتو انهي ته ڪهاڻي ٻي پئي ٻڌائي جنهن ٻڌايو ته پرڏيهين جو انگ پنج نه پر ست هو جن مان ٻه فرار ٿي ويا.

پوليس ۽ سيڪورٽي اهلڪارن پرڏيهين کي موت جي منهن ۾ ته ڌڪي ڇڏيو پر ڪيترا ئي سوال اٿي کڙا ٿيا ته اهي ڪهڙا آپگهاٿي هئا جن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو پر جيڪٽس ڪو نه ڦاٽيون؟ بمبار عورت هٿ کڻي فائرنگ نه ڪرڻ جو اشارو ڇو پئي ڪيو ؟اهي پرڏيهي سرحد پار ڪري ڪوئيٽا تائين ڪيئن پهتا؟ چمن ڪچلاڪ ۾ کين گرفتار ڇو نه ڪيو ويو ؟جيڪڏهن حملو ڪرڻ لاءِ آيا ته گوليون هلائيندڙ هڪ اهلڪار تي به بم ڇو نه اڇلايو ؟پنهنجي بارود سان پاڻ کي موت ڏيڻ جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو ؟

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته واقعي جي پهرين ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي نالي سان محڪمه تعلقات عامه پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو پر 19 مئي 2011 تي نواب رئيساڻي انهي واقعي کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي بلوڇستان جي چيف سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ 21 مئي تي بلوچستان هائيڪورٽ جي جج جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ عدالتي ٽربيونل جوڙيو ويو انهي واقعي جي جاچ لاءِ . ٽربيونل پنهنجو ڪم شروع ڪري ڌنو آهي . سٽون لکڻ مهل تائين ٽريبونل پنج شاهدن جا بيان ريڪارڊ ڪري ڇڏيا جن مان هڪ شاهد نوجوان فوٽو جرنلسٽ جمال تره ڪئي پڻ آهي جيڪو انهي ڏينهن موقعي تي موجو د هو هن انهي واقعي کي پنهجي ڪيمرا سان فلم بند پڻ ڪيو ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ فوٽو پڻ ٺاهيا جمال تره ڪئي ٽريبونل جي جج کي ٻڌايو ته جتي پرڏيهين کي ماريو ويو مان اتان رڳو ٽي گز جي فاصلي تي هئس مون ڏٺو ته هڪ عورت ۽ ٻه مرد مري چڪا هئا ۽ ٻه عورتون جيئيريون هيون ٻنهي عورتن هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي قرآن جو آيتون پڙهڻ شروع ڪيون ۽ هڪ هٿ مٿي ڪري الله اڪبر چوندي ۽ ڪلمو پڙهندي رهي فائرنگ هلي رهي ته ڏهه منٽ گذريا هوندا ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر دائود جوڻيجو هت پهتو هن زخمين ۽ لاشن کي کڻڻ جي ڪو شش ڪئي پر موقعي تي موجود اهلڪارن کين اهو چئي منع ڪيو ته انهن حملي ڪندڙن وٽ آپگهاتي جيڪٽس ۽ دستي بم آهن اهي ڦاٽي پيا ته اسين سڀ مارجي وينداسين پوليس آفيسر کان پوءِ ايف سي جو ڪرنل فيصل وڌيڪ نفري سان گڏ پهتو کيس به ايف سي چوڪيءِ ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو .جمال ٽريبونل کي ٻڏايو ته جنهن ڏينهن کان شاهدي لاءِ نالو لکرايو آهي ته پراسرار گاڏي منهنجو پيڇو پئي ڪري سندس چوڻ هو ته سي سي پي او جي منع ڪرڻ باوجود اهلڪار گوليون هلائيندو رهيو جيستائين انهن پرڏيهين دم نه ڏنو

ٽريبونل جي جاچ هلندڙ آهي پر مارجي ويل پرڏيهين جي سڃاڻپ چيچن نه پر روس جي شهرين طور ٿي آهي

پاڪستان ۾ روس جي سفارتخاني جا عملدار بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا پهتا انهن بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ۾ رکيل مڙهه ڏٺا انهن چيو ته مارجي ويل چيچينيا جا نه پر انهن مان چار روس جا رهواسي آهن هڪ تاجڪستان جو آهي ٽريبونل جي ڪارروائي هلندڙ آهي اسين ان جي فيصلي جو انتظار ڪنداسين ۽ پنهنجي طور اها جاچ ڪنداسين ته هي پاڪستان ڪيئن ۽ ڇو آيا.؟ مائيڪل اٽاچي نالي روسي عملدار چيو ته ٽريبونل جي رپورٽ جي اچڻ کان اڳ ڪا به راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي جيڪڏهن اسين مطمئن نه ٿياسيبن ته پوء پوسٽمارٽم ٻيهر ڪرائينداسين .

مختلف سياسي پارٽين انهي مامري کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن اختيار جو غلط استعمال ڪندي پرڏيهين کي موت جي ننڊ سمهاريو آهي کين معاف نه ڪرڻ گهرجي جماعت اسلامي بلوچستان پاران ته خروٽ آباد جي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي خلاف توبهه جو ڏيهاڙو ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي .جوڙيل ٽرببونل پاران واقعي واري ڏينهن موقعي تي ڊيوٽي ڏيندڙ اهلڪارن کي ڪم ڪرڻ ڪان روڪيندي لاڳاپيل اختيار ڌڻين کي سندن ٽرانسفر نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر ٻئي گذريل ڏينهن پوليس اهلڪارن جي حق ۾ هڪ مظاهرو پڻ ٿيو آهي اهڙو عمل نه رڳو ٽريبونل تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو پر انهي مامري کي ويتر وچڙائڻ جي ڪو شش ڪري سگهي ٿو

انهن سڀني پاسن کي سامهون رکندي جاچ مڪمل ڪئي وڃي جيئن ٻيهر ڪو به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي جرائت نه ڪري جيڪڏهن ماضي کي ورجائندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ ماڻهن جو اعتماد انصاف جي ادارن تان پڻ ڪڄي سگهي ٿو ……………….!؟

 

ارشاد مستوئي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو