Home / افيئر / مهاڻن جي عالمي اسيمبلي
above article banner

مهاڻن جي عالمي اسيمبلي

هونءَ ته کڻي ائين چئجي ته ڪراچيءَ ۾ مهاڻن جي ٿيندڙ عالمي اسيمبلي ٿيڻ سان سنڌ جي مهاڻن جو ڪيس عالمي فورم جو حصو بنجي ويو آهي. ته به ڪا غلط ڳالهه نه آهي پر فرانس جي ڪيريبين سي ۾ صدين کان ڪيل قبضي وارن ٻيٽن تي رهندڙ مهاڻن جي مسئلي کان انڊونيشيا جي ٻيٽن تي رهندڙ مهاڻن جي مسئلن کان وري سنڌ جو مهاڻو به واقف ٿيو. ڪراچي واري مهاڻن جي عالمي ڪانفرنس اهڙو فورم هو جنهن ۾ هر مندوبين پٿر پرائو پر سور سڀڪو پنهنجا روئڻ واري ڳالهه ڪئي هئي.انهيءَ عالمي اسيمبليءَ ۾ 32 ملڪن جون 36 ماهيگير آرگنائزيشنون شريڪ ٿيڻيون هيون. پر پاڪستان ۾ هلندڙ دهشت گردي وارين حالتن جي ڪري انهيءَ ڪانفرنس ۾ فقط 13 ملڪن جا 30 مندوبين شريڪ ٿيا. ترجمي ڪندڙن جي مدد سان هڪ ئي وقت پنجن ٻولين ۾ انهيءَ اسيمبليءَ جي ڪاروائي هلندڙ هئي. انگريزن جي بيٺڪيت ۾ رهڻ ڪري اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن تي انگريزي ٻوليءَ جو گهڻو نفسياتي اثر هجي ٿو. پرانهيءَ عالمي مهاڻن جي اسيمبليءَ ۾ محسوس ٿيو ته ٻئي هنڌ دنيا ۾ ائين نه آهي . ان ڪري هر ملڪ جي مندوب مهاڻن جي انهيءَ عالمي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهايو. البت ڪجهه مندوبين انگريزي ۾ ڳالهايو ٿي. ان ڪري ڪراچي واري مهاڻن جي عالمي اسيمبليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ پنهجي نوعيت جي انوکي تجربي مان گذري رهيا هئا. ٿائيلنڊ جا مهاڻا انگريزي مان سندن ٻوليءَ ۾ مترجم زريعي ڪنن تي لڳل مائڪروفون تحت ٻڌي رهيا ها. جڌنهن ته اسپين جا مهاڻا ۽ مهاڻيون ساڳئي طريقي اسينش ٻولي ۾ ڪاروائي ۾ حصو وٺي رهيا هئيا. اهڙي ريت وري فرينچ ٻولي ڳالهائڻ وارن سينيگال۽ ڪيريبين سمنڊ جي ٻيٽن تان آيلن لاءِ سڌو سنئون فرانسيسي ۾ ترجمون ٿي کين ملي رهيو هو. جڏنهن ته سائوٿ آفريڪا، شريلنڪا، انڊونيشيا، فلپائن ، پاڪستان ۽ انڊيا وارن لاءِ انگريزي ۾ ڪاروائي هلندڙ هئي . ساڳي ريت پاڪستانين ۽ انڊيا جي مهاڻن لاءَ اردو ۾ پڻ ڪاروائي هلندڙ هئي. ان ڪري جهڙي ريت ٻوڙو ماڻهو ڪچهريءَ ۾ جيئن ٻه دفعا کلنندو آهي . هڪ ٻين کي کلندو ڏسي ۽ ٻيو دفعو ڳالهه ٻڌي کلندو آهي ساڳي ڳالهه انهيءَ اسيمبلي ۾ پڻ هلندڙ هئي. انهيءَ مهاڻن جي اسيمبليءِ ۾ ننڍي روايتي ماهيگيري کي صنعتي ڦهلاءَ ۽ گلوبلائزيشن کان وٺي ملٽائنينشنل جي وڌي ويل ڦهلاءَ کان پوءِ درپيش چيلينجز ئي ايجنڊا تي هئا. ان ڪري هر ملڪ جي مهاڻن پنهجا ماهيگيري کي درپيس مسئلا ٻڌايا. جن ۾ سمنڊ ، دريائن، نندين۽ ڍنڍن مان مڇيءَ جي کٽي وڃڻ جو ذڪر هر مهاڻو ڪري رهيو هو. ڪيريبين سي ۽ آفريڪا جا مهاڻا اها ڳالهه ڪري رهيا هئا ته يورپي ملڪن جا وڏا بحري جهاز ۽ ٻيڙا سندن ملڪن مان مڇي ماري وڃن ٿا. جنهن جي ڪري سندن ملڪن جي ننڍي ۽ روايتي ماهيگيريءَ کي وڏو خطرو درپيش ٿي ويو آهي. هنن جو اهو به چوڻ هو ته اسان جي سمونڊن مان ماريل مڇيءَ جو عالمي ماهيگيري واري پيداوار ۾ اندراج پڻ نه ٿو ڪيو وڃي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو اهو سڀ ڪجهه چوري ڪيو وڃي پيو. سينيگال مان ڪاري رنگ واري ڊائو انهيءَ صورتحال تي تفصيلي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سمونڊن مان يورپي جهاز مڇي ماري ان جو اندراج اسپين ۾ ڪري اسان جي سمونڊن مان ماريل مڇي سڄي دنيا ۾ وڪڻي رهيا آهن. هن چيو ان سڄي معاملي جي هن وقت ته ڪٿي ايف آءِ آر به داخل نٿي ڪئي وڃي.جڏنهن ته انڊو نيشيا جي مهاڻن پنهنجي ڳالهه ۾ چيو ته اسان جي سمونڊ ۽ ٻيٽن مان گئس تيل ۽ ٻيون کاڻيون دريافت ٿيون آهن. ان ڪري انهن جي کوٽائي جي ڪري هڪ طرف اسان جو سمنڊ ۽ ٻيٽ آلودگي ۾ اچي ويا آهن. ان کان سواءِ ٻيٽن تي ٿيندڙ زرعي فصلن ۾ تمام گهڻو ڪيميڪل استعمال ٿئي ٿو ان ڪري هڪ طرف انهيءَ عمل جي مڇيون اسان جي سمنڊ مان گم ٿي ويون آهن ٻيو وري انهن کاڻيون کوٽيندڙ ڪمپنين وارن سمند جا ڪئين حصا زررو ڪرائي ڇڏيا آهن جتي اسان جا مهاڻا مڇي جي شڪار لاءَ وڃي نٿا سگهن. ان صورتحال اسان جي مهاڻي کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي . ساڳي ڳالهه انڊيا جي مهاڻن شروع ڪئي. هنن نربدا ڊئم ٽهڻ ڪري جن دريائن پڇڙ تائين وهڻ بند ڪري چڏيو آهي . انهي جي ڪري انهن دريائن تي هاڻ نه ٿيندڙماهيگري وارا مسئلا ٻڌايا۽ انهن ماڻهن جي لڏ پلاڻ کان آگاه ڪيو. جڏنهن ته انديا جي ماهيگير ٿامس ڪوچيري وري ملڪن جي سامونڊي باڊرس جي ڪري مهاڻن تي گذرندڙ وارتائون ٻڌايون . هن چيو ته جيئن سمونڊ ۾ مچي آذادي سان جتي چاهي وڃي سگهي ٿي اهڙي ريت مهاڻي کي پن سمونڊن ۾ اچ وڃ کان نه روڪيو وڃي. جڏنهن ته انڊيا جي گجرات مان آيل مهاڻي آر ڪي پاٽيل پنهجا تجربا ٻڌائيندي چيو ته بندش هئڻ ڪري ٻارڊر واري هنڌ تي مڇي وڌيڪ هجي ٿي ان ڪري ماهيگير مڇي واري شڪار جي لالچ م بارڊر ڀلجي وڃي ٿو ۽ ڦاسي پوي ٿو. هن ٻڌايو ته هو هڪ دفعي پور بندر جي لائيٽ هائوس جي روشني سمجهي ڪراچي اچي ويو هوس جتي هڪ مهاڻي کان پڇيم هي ڪهڙو شهر آهي جنهن مونکي خبردار ڪندي چيو تون ته ڪراچي اچي ويو آهين، نڪري وڃ پڪرجي ويندين. جنهن کان پوءِ آئون ڀڄي ويس. مهاڻن واري اسيمبلي ۾ انڊيا ۽ شريلنڪا جي سامونڊي ٻارڊر جا واقعا ٻه سامون آيا ۽ ڳالهه اها سامون آئي ته جن ملڪن جا تعلقات صحيح نه آهن انهن ملڪن جا مهاڻا وڌيڪ تقليفن مان گذرن ٿا . اسيمبلي جي اجلاس ۾ اها ڳالهه به سامون آئي ته بارڊر واري تڪليف وارو معاملو فقط ننڍي ماهيگير واري مهاڻي سان درپيش آهي جڏنهن ته وڏن ماهيگيري وارن جهازن( ڊيپ سي ٽرالرز) تي اهڙي قسم جي ڪا به پابندي يا ته آهي ڪون يا وري بارڊرز جي خلاف ورزي ڪندڙ اهڙا ٽرالرز کي گرفتار ڪرڻ ۽ سندن ٽرالرز ظبط ڪرڻ جي بدران انهن تي فقط ڏنڊ وڌو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسيمبلي جي سفارشن ۾ گهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سئون نارٽيڪل ميلن وارو علائقو ننڍي ماهيگيري ڪندڙن لاءِ بفر زون قرار ڏنو وڃي. ته جيئن ننڍا ماهيگير پنهنجو ڌنڌو بي کٽڪو۽ سلامتي سان ڪري سگهن . مهاڻن واري اسيمبلي ۾ ٺٽي جي ڪيٽي بندر واري علائقي مان آيل گلاب شاه سنڌو درياءَ تي جوڙيل ڊئمن جو ذڪر ڪيو. هن ڊئمن کان اڳ واري ڊيلٽائي علائقي ۽ انڊس واٽر ٽريٽي واري ٺاه کان پوءِ انڊس ڊيلٽا تي پندڙ تباهڪن اثرن تي ڳالهايو ۽ لکين ماڻهو درياءَ جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن ۽ اهي ماڻهو ڪيڏي نه ڏکي صورتحال مان گذريا آهن. جڏنهن ته طاهراعلي وري لڌ پلاڻ ڪندڙ خاندانن جون وڏين تڪليفن مان گزرندڙ عورتن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته اهي جڏنهن ڌنڌي جي لحاذ سان ڪراچي ۾ اچن ٿا اڳم ڪراچي ۾ رهندڙ ماهيگيرن ۽ انهن ڏتڙيل ماهيگرن جي وچ ۾ ڪئين مسئلا جنم وٺن ٿا. جن ۾ عورتون وڌيڪ سفر ڪن ٿيون. اهڙي ريت فشر فوڪ جي مجيد موٽاڻي ورلڊ فشر فوڪ جي نمائندن جو بدين جي ماهيرن جي رينجرس جي فلاف هلايل جدوجهد ۾ ۽ انڊيا ۾ گرفتار ٿي ويندڙ جي آذادي لاءِ مدد ڪرڻ۽ ساٿ ڏيڻ تي سندن خاص ٿورا مڃيا سائوٿ آفريڪا جي نسيغ چيو ته اوئر فشنگ ۽ سمنڊ ڏانهن غير ماحولياتي ورتاءَ جي ڪري 60 سيڪڙو مڇي ختم ٿي وئي آهي . ان لاءِ اپاءَ نه ورتا ويا ته روايتي ماهيگير ممڪن نه ٿي سگهندي. ان ڪري اهڙن سمورن معاملن تي عالمي سجاڳي لاءِ بين اقوامي عوامي ٽربيونل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي دنيا جي ماهيگيري جا معاملا عوامي عدالت م هلايا ويندا. ان علاوه موسمي تبديلين ڪري روايتي ماهيگيري تي پوندڙ ناڪاري اثر، سمونڊن ۾ مائينگ ڪرڻ، مالياتي ادارن پاران ڊئمن لاءِ پئسن ڌين واري عمل ،ڪمرشل اڪواڪلچر۽ فشريز جون ناڪاري پاليسين خلاف عالمي طور ڳالهايو ويندو. 1998 ۾ دهليءَ ۾ ٺهندڙ ورلڊ فشر فوڪ پيپلز جي نالي واري انهيءَ اسيمبليءَ جو ڪراچيءَ وارو ٽيون اجلاس هو . ان کان اڳم پهرين انڊيا ۾ ان جي سيڪٽوريٽ قائم ڪئي وئي . جڏنهن ته ٽن سالن کان پوءِ اها سيٽوريٽ شريلنڪا ڏانهن هلي وئي . اهڙي ريت ڪراچي واري اسيمبلي ءَ م اها مهاڻن واري اسيمبلي ايندڙ ٽن سالن لاءِ پاڪستان ۾ منتقل ٿي . جنهن جو ٽن سالن لاءِ شري لنڪا جي مهاڻي هرمن ڪمارا جي جاءِ تيز پاڪستان فشر فوڪ جو سربراه محمد علي شاه ايدڙ ٽن سالن لاءِ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کان علاوه خزانچي اسپين جي مهاڻي نتيالا مقرر ڪئي وئي ۽ مهاڻن واري اسيمبلي کي وڌيڪ هلائڻ لاءِ سائوٿ آفريڪا جو نسيغ جعفر ۽ ڪئنيڊا جي مهاڻي شيري کي ڪنوينر نامزد ڪيو ويو. ان کان علاوه هر کند جو پڻ هڪ هڪ ڪنوينر نامزد ڪيو ويو. جڏنهن ته ايندڙ مهاڻن جي اسيمبلي لاءِ سائوٿ آفريڪا جي چونڊ ڪئي وئي. چئن ڏينهن جي انهيءَ عالمي مهاڻن واري اسيمبليءَ جي مهورت لطيف سائين جي روايتي راڳ سان ٿي . جڏنهن ته انهيءَ تقريب ۾ شيماڪرماني پنهنجي ٽيم سان ماهيگيري فوڪ واري ڊانس ڪئي. ساڳي طرح ابراهيم حيدري جي مهاڻي استاد يوسف بينجي تي لطيف سائين جي ڪلام واري ڌن ( چوندي سانءِ پيرين پوندي سانءِ رهي وڃ رات ڀنڀور ۾) وڄائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ عالمي مهاڻن کي پڻ نچڻ تي مجبور ڪيو . دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل مهاڻن ۽ مهاڻين کي ته بي خودي سان نچڻ تي ته ابراهيم حيدري ۾ پاڪستان فشر فوڪ پاران ڏنل آجياڻي ۾ مصري جوڳي جي مرلي واري ڌن ، بلوچي ليوا ڊانس ۽ هو جمالو واري سنڌي جهومر تي ائين نچي رهيا هئا جو ان دوران ٻولين جي سمجهڻ وارو معاملو ئي ختم ٿي ويو هو. مهاڻن جي اسيمبلي ۾ انڊيا جي سرڳواسي هري ڪرشنا جو تعزيتي رفرنس ڪيو ويو. ڪاروائي جي شروعات ۾ بن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي . هري ڪرشنا بنگالي مهاڻو هو جنهن ورلڊ فشر پيپلز جو بنياد وڌو هو. هر ملڪ جي مقرر پنهنجي ڳالهه چوڻ کان اڳم هري ڪرشنا جو ذڪر ضرور ڪيو ٿي. جڏنهن ته ان جي زندگي تي ڳالهايو پئي ويو ته ڄاڻ ملي ته هري ڪرشنا بنگلاديشي هو. هو عوامي ليگ جي نوجوانن واري تنظيم جو اڳواڻ ۽ شيخ مجيب جو انتهائي ويجهو ۽ ڀروسي وارو ساٿي هو . شيخ مجيب هن کي انديا ڏانهن ان ڪري موڪيو هو ته جيئن بنگلا ديش ۾ مارشلا واري ايندڙ بدبوءَ کان انهن کي آگاهه ڪري سگهجي . هري ڪرشنا اڃان پنهنجي سفارتي مهم هلائي به ڪونه سگهيو هو ته مٿان شيخ مجيب جي خلاف بغاوت اچي چڪي هئي . ان کان پوءِ هري ڪرشنا مغربي بنگال جي مهاڻن سان سڄي عمر جلاوطني ۾ گذاري ڇڏي . جنهن ۾ هن جڏنهن مهاڻن کي ويجهڙائي سان ڏٺو ته پوءَ انڊيا ۾ راجستان کان وٺي ڪلڪتي تائين انڊيا جيمهاڻن جي مسئلي لاءَ ست هزار ميلن جي سفر واري ريلي ڪڍائي هئي

 

اسحاق مڱريو

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو