Home / افيئر / !ٻنڌڻ ٻاروچن جا
above article banner

!ٻنڌڻ ٻاروچن جا

ڪتابن جي به پنهنجي اهميت آهي. لعل پُشپ پنهنجي سوانح جي ڪنهن جلد ۾ ڪتابن بابت لکيو آهي، “ماڻهن وانگر ڪتابن جو به پنهنجو پنهنجو نصيب آهي، ڪي لکيا ويندا آهن، وساريا ويندا آهن ڏهاڪا صديون ڪنهن زلزلي هيٺ زمين دوز ٿي ويند اآهن، پوءِ اوچتو ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرندا آهن ڪن ٻين زمانن ۾، زمين منجهان لڪل پاڻيءَ جي چشمي وانگر، ڪنهن ٻي زماني جي معنائن، حالتن کان متاثر ٿي، نصيب هٿ ڪري ۽ ڪي ڪتاب وري نڪرن، اڏامن ۽ پنهنجي زماني جي زبان بڻجن ٿا.”

هي ڪتاب به اهڙو ئي ڪتاب آهي. جيڪو گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي مطالعي هيٺ رهيو آهي ۽ ڪتابن وانگر وري ماڻهوءَ جو ڀاڳ به ايئن ئي آهي. ڪي ماڻهو وقتي طور وسري ويندا آهن. ڪي وري سالن ۽ صدين تائين ڪي ته وري اهڙا وسريو وڃن يا گمنام ٿيو وڃن، جو انهن کي ٻيهر ڊسڪور ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ يا ايڇ ٽي سورلي جي گهرج پوندي آهي. “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ڪتاب جو ليکڪ به ڄڻ يڪو منظر تان غائب يا گمنام رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ هو نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي هڪ سماجي ڀلائي تنظيم جي حوالي سان هڪ نئين روپ ۾ سامهون آيو هو. پر هاڻ عمر وڏي ٿي وڃڻ سبب ڪنهن کي ڪٿي نظر آيو ته واهه نه ته مڙيئي خير…. پر هاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻنڌڻ ٻاروچن جا لکي، هو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ادب ۾ حوالو بڻجي ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس ماضيءَ جي ڪيل ادبي خدمت جو حوالو سنڌي ادب جي ڪنهن به تاريخ ۾ نٿو ملي.

اهو شخص جڏهن 1943ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهندو هو ته سندس استاد ڪو ٻيو نه پر محترم محمد ابراهيم جويو هو ۽ منجهس جيڪا شعور جي سُتي پيئي ان ۾ محمد ابراهيم جويي جو به وڏو هٿ هو ۽ اهو شخص اڄ به جويي صاحب جو وڏو مداح آهي ۽ ساڻس جُهڪي ملندو آهي.

اُن شخص 1971ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ جو ماهوار رسالو “ملير ڊائجسٽ” شايع ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو ٺيٺ “سنڌيت” جو پرچارڪ رسالو هو. جنهن جا سلسلا سونن نالن وارو دستاويز ۽ سنڌي ٻوليءَ کي للڪار وغيره اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا. اهو رسالو 1974ع تائين شايع ٿيندو رهيو، ان جا ڪُل 26 پرچا شايع ٿيا. 1970ع ۾ هن بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ هاڻوڪي پاڪستان ۾ لاڳو ٿيندڙ 1973ع جي آئين جي مخالفت ۾ لکيو ۽ هو پهريون شخص هو، جنهن لکيو ته اهو آئين پاڪستان کي هڪ نئين ون يونٽ ۾ تبديل ڪندو ۽ پاڻ وڌيڪ سوڙهو ڪندو. اهو پاڪستان کي نئين ون يونٽ ۾ بدلائڻ جو دستاويز آهي. ان ۾ ننڍيون ننڍيون قومن استحصال ۾ مري وينديون. اهڙو ايڊيٽوريل لکڻ جي پاداش ۾ کيس جيل ۾ وڌو ويو. اڳتي هلي 1973ع جي آئين تي ڪئين تبصرا ۽ تنقيدون ٿيون، پر هو سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جنهن ان آئين جي خامين تي کليل لفظن ۾ تنقيد ڪئي.

جيل مان ڇٽڻ ۽ ملير ڊائجسٽ تي پابندي پوڻ کانپوءِ هو گذر سانگي وڃي ڪنهن نوڪريءَ سان لڳو، پر ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ پنهنجي ڪرت ۾ لڳو رهيو. نيٺ هن جو پورهيو يعني شاهه جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو 1986ع ۾ Celestal Sunrise from Sindh (سنڌ مان روحاني پرهه ڦٽي) جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. پر هو وري به گمنام ٿي رهيو. ڇو ته ان جي نه ڪا مهورت ڪرايائين ۽ نه وري گهڻي ڪا مشهوري. مهورت جي حوالي سان سندس خواهش به عجيب هئي. جنهن بابت هو ٻنڌڻ ٻاروچن جا ۾ لکي ٿو “ڪنهن کان مهورت ڪرايان ها. هڪ آمر (جنرل ضياءَ) جي حڪومت هئي ۽ وزيراعظم ان آمر جو ترجمو (محمد خان جوڻيجو) هو، سو شاهه جي رسالي جو هڪ آمر کان ڪيئن مهورت ڪرايان ها. اهو ته ٿيو هڪ آمر جو حوالو، پر شاهه صاحب سان سندس محبت جي ڪسوٽي به عجيب آهي ۽ ان شخص جو پنهنجو نقطئه نظر آهي. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم ٿي ته ان شخص خيال ڪيو ته سندس رسالي جو مهوريت هوءَ ڪري. ان بابت هو لکي ٿو ته “اها عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي سڀني ولين جي درگاهن تي پهرين سلام تي ويئي، پر شاهه لطيف جي درگاهه تي رڳو ميلي وقت آئي ۽ تمام دير سان، اُن ڪري، هن جي شاهه سان محبت سمجهي ويس. پر پوءِ به اُن کي لکيم، چورايم، پر شاهه جي تعليم، سندس تازو ٿيل سياسي معاهدي جي شايد ابتڙ هئي، ڪو جواب ئي نه ڪو نه ڏنائين.”

مٿين حوالن مان اميد اٿم ته اوهان سمجهي ويا هوندا ته آئون ڪنهن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، پر جي نه سمجهو اٿوَ ته پوءِ ٻڌو… اهو شخص آهي فقير عبدالغفور الستي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ آتم ڪهاڻيون هونئن به نه هئڻ جي برابر آهن، بس انهن جو انگ مشڪل سان چاليهن تائين مس پهچندو ۽ سنڌ ۾ اڃا آتم ڪهاڻيون لکڻ جو ايترو رواج ناهي، پر ويجهڙ ۾ ايندڙ ڪجهه آتم ڪهاڻيون سٺو سنون آهن. فقير عبدالغفور الستي جي آتم ڪهاڻي ٻنڌڻ ٻاروچن جا به انهن مان هڪ آهي. “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” ڪتاب به لعل پشپ جي لفظن ۾ پنهنجي زماني جي زبان آهي، جيڪو پڙهڻ، بار بار پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ گهرجي. هي ڪتاب نه رڳو ليکڪ جي آتم ڪهاڻي اهي، پر سندس زندگي جي تجربن، مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. جيڪو ڪنهن مهل کلائي ٿو ۽ خواب کلائي ٿو ۽ ڪنهن مهل وري روئاري ٿو ۽ خواب روئاري ٿو. ته ڪٿي وري سوچڻ تي مجبور به ڪري ٿو. سچ ته هي هڪ عجيب ڪتاب آهي. جيڪو آتم ڪهاڻي جي روپ ۾ هڪ “ڪيئي ڪتاب” آهي، هڪ ڊرامو به آهي ته هڪ افسانو به نثر ۾ ڪيل شاعري به آهي ته هڪ ناول به. گهرن روحاني ۽ دنياوي تجربن جو نچوڙ به آهي ته مستقبل جي حوالي سان لطيف جي فلسفي سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. جي تشريح به، ان تشريح جي ذريعي هو محبت جو درس به عجيب نموني ڏئي ٿو. هڪ عجيب عالمي ۽ ملڪي نظام جي ڳالهه ٿو ڪري، هو هن دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙي ملڪ جي ڳالهه ٿو ڪري، جنهن جو نالو ئي هجي First Republic of United Human Being (متحده انسانيت جو پهريون جمهوري ملڪ) ۽ ان جي شروعات هو پاڪستان کان ڪرڻ ٿو چاهي، جيتوڻيڪ اهو خيال يوٽوپيائي ئي سهي، پر ڇا هر دور ۾ عظيم ليکڪن اهڙ اخيال پيش نه ڪيا آهن. افلاطون جي ريپبلڪ ٿامس مور جي يوٽوپيا ۽ ايلڊس ڪسي جي Breve a New World جي خيالن جي به ته پنهنجي اهميت آهي. ايئن الستي فقير متحده انسانيت جي پهرين جمهوري ملڪ جو نقشو پنهنجي ڪتاب ۾ هيئن ٿو چٽي:

“اهڙو آئين ٺهي، جنهن ۾ انسان کي خدا جو اظهار سمجهيو وڃي. ڪو ڪنهن کان مهذب، فرقي، نسل، رنگ، ٻولي، جنس ۾ گهٽ وڌ نه هجي. سڀ انسان پاڻ ۾ برابر هجن ۽ سڀ عزت ۽ تعظيم جا لائق، جيئن صوفين جي تعليم آهي. ان لاءِ سڄي پاڪستان جي دولت کي سڀني لاءِ هڪجهڙي ڪجي. ان جا ڪيترائي انتظامي يونٽ هجن. گهڻ ترقي يافته يونٽن کي پهرين ترقي يافته يونٽن جي برابر آندو وڃي. اهڙي ملڪ جو نالو به مذهبي نه هجي، پر نج انساني ڀائپي وارو هجي يعني عالميت وارو جيئن متحده انسانيت جو پهريون جمهوري ملڪ يا اهڙي معنيٰ سان ملندڙ جلندڙ، ان ۾ فوج ڪا به نه هجي ۽ پهريان ڏهه سال ان کي سڌو اقوام متحده جي اداري هيٺ ڏنو وڃي. انتظامي مشنري هلائڻ جي لاءِ ان جي اقتدار تي سڀ ٻاهريان ماڻهو هجن يعني اقوام متحده جا، جن جو هن ملڪ جي ماڻهن سان رڳو انسانيت وارو ناتو هجي، ٻيو ڪو به نه. نه تاريخي، نه تمدني، سڀني وڏن ادارن تي سربراهه اهڙا ماڻهو هجن، هڪ ملڪي ڪائونسل هجي، جيڪا انهن ئي ماڻهن جي هجي، جا سڄي ملڪ کي اقوام متحده جي سڌي نگراني هيٺ هلائي. ان ڪائونسل ۾ هر انتظامي يونٽ جا مقامي ماڻهو به هجن، پر اهي چونڊيل نه ٿاڦيل هجن. هڪ هڪ سال لاءِ اهڙن ماڻهن کي اها ڪائونسل ٿاڦي، جيڪي ان يونٽ جا انسان دوست ۽ خدمتگار ماڻهو رهيا هجن. مطلب ته ملڪ ڏهه سال اقوام متحده جي هٿ هيٺ رهي. جنهن عرصي ۾ ان جا ٻاهريان قرض ختم ٿي سگهن، سڀ ان جا رهواسي تعليم يافته ٿي سگهن ۽ اقتصادي طرح هي ملڪ خوشحالي ڏانهن وک وڌائي ۽ دولت جي حد ان ۾ مقرر هجي. هر ڪنهن کي ڪپڙي، روٽي ۽ مڪان جي ضمانت هجي، غرض ته اهو ملڪ سڄي دنيا ۾ انسان ذات لاءِ هڪ محبت، خوشحالي ۽ انساني برادريءَ جو پهريون نمونو ٿي اُڀري، جيئن نئين دنيا جا ٻيا ملڪ ان جي تقليد ڪن.

آهن نه عجيب خيال!

عبدالغفور الستي جي اها آتم ڪهاڻي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا” سنڌي ادب جي ڪجهه اهم ڪتابن مان هڪ آهي، ۽ نيوڪلاسڪ جو درجو ٿي رکي. وڌيڪ فيصلو اوهين پڙهڻ کانپوءِ پاڻ ڪجو.

 

يوسف سنڌي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو