Home / افيئر / !ڏاڏي آدم جون ٻنيون
above article banner

!ڏاڏي آدم جون ٻنيون

هونئن سنڌ پنهنجي قدامت جي لحاظ سان دنيا ۾ وڏي اهميت رکندڙ ڌرتي آهي. جديد تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي حوالي سان ته سنڌ کي اها اهميت هميشه حاصل رهي آهي . پرسنڌ جي انهيءَ قدامت جو اندازو اتي جي پوکي، راهي۽ ماهيگيري واري قديمي انداز سان پڻ ڪري سگهجي ٿو. انساني تاريخ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ گهڻ پاسائين تحقيق لاڳيتو هلندڙ آهي۽ سائنسي سوچ تحت اها تحقيق لاڳيتو هلندي رهندي . پر مذهبي طور مسلمانن ۾ ڏاڏو آدم ۽ هندو مذهب ۾ شوِ ڀڳوان سڀ کان پهريان انسان چيا وڃن ٿا . ان بحث کان سواءِ سنڌ جي هڪ محقق ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ وڏي عرصي کان هڪ نئون بحث اهو شروع ڪيو آهي ته حضرت آدم عليه سلام جي هڪ پٽ جو نالو سنڌ هو. هن جو چوڻ آهي ته سنڌ ملڪ تي نالو ان جي پويان پيو. هن جو چوڻ آهي ته حضرت نوح عليه سلام جي پوٽي جو پڻ ان کان پوءِ سنڌ نالو رکيو ويو. ان نالي جي حوالي سان ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ وٽ ڪئين دليل آهن. جن سان اختلاف به ڪري سگهجي ٿو . پر انهيءَ محقق موجب سنڌ ۽ حضرت آدم عليه سلام جي حوالي جو پاڻ ۾ هڪ سٻنڌ ظاهر ڪيو آهي. مذهبي قصي موجب منع ٿيل( ڪڻڪ) کائڻ جي ڏوهه ۾ بهشت مان خارج ڪري زمين تي ڏاڏو آدم ۽ بي بي حوا الڳ الڳ لاٿا ويا .اهڙن قصن موجب بي بي حوا دنيا جي هڪ طرف(جده ) ڏانهن ۽ حضرت آدم عليه سلام سيلون لٿو. جڏهن ته ٻئي هڪ ٻئي کي ڪئين صديون ڳوليندا رهيا چيو وڃي ٿو ته ٻه سئو سال هڪ ٻئي لاءِ روئندا تڙپندا ۽ توبهه تائب ٿيندا رهيا. جنهن کان پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي کي ڳولي ورتو ۽ هڪٻئي کي سڃاڻي به ورتو. عربي ٻولي ۾ عرفه جي معنا (هن سڃاڻي ورتو ) آهي.چون ٿا ته عرفه جي نسبت سان انهيءَ جبل جو نالو عرفه پيو. جڏهن ته ميداني علائقي جو نالو وري عرفات پيو.اهڙي ريت ” سبيءَ جي سنڌي “ سنڌي ٻولي جي براهوي لهجي سان ڳالهائڻ واري موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر داد محمد بروهي پنهنجي انهيءَ تحقيقي ڪتاب ۾ آدم سنڌي نالو لڳندڙ ڄاڻايو آهي. هن آدم لفظ جو اشتقاق ڪندي چيو آهي ته آـ(اچ) دم ـ(روح) جنهن جي لفظي معنيٰ اچ، آدم جو روح، هن مجسمي ۾ داخل ٿي . مطلب ته ڏاڏي آدم جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪجهه بحث اڳم ئي هلندڙ آهي. اهڙي ريت انهيءَ بحث ۾ سنڌ ۾ ڏاڏي آدم جي ٻنين جو ذڪر ڪرڻ پڻ اجايو نه ٿيندو.

هونئن ٻه سنڌ جا آڳاٽا اهڃاڻ ڪنهن حوالي سان اهو ضرور ظاهر ڪن ٿا ته هن قديم ڌرتيءَ تي سڀ کان قديم انسان ( حضرت آدم عليه سلام) جو واسطو ضرور پيو آهي. ان ڪري اهو خيال پڻ موجود آهي ته هو سنڌ ۾ لٿو آهي. اتي ئي پنهنجو نسل وڌايائين. ان سلسلي ۾ ِ ملندڙ ڪجهه شاهديون هن ريت آهن.سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڏاڏي آدم نالي سان منصوب ٻنيون موجود آهن. جن ۾ هڪڙي اهڙي ٻني سيوهڻ کان لاهوت جي روحاني سفر لاءِ پيادل ويندڙن جي پنڌ ۾ واقع آهي . جتي هر لاهوتي سفر وارين ٻين زيارتن ۾ ڏاڏي آدم جي ٻني پوکڻ واري رسم واري زيارت پڻ ضرور ڪن ٿا. انهيءَ ٻني جي پوکي دوران لاهوتي ڪاٺيون هٿ ۾ کڻي ان سان انهيءَ اڇي پوٺي واري ٻنيءَ ۾ هر هلائين ٿا ٻيا وري ان ۾ ٻج ڇٽين ٿا اهڙي ريت ڪجهه لاهوتي انهيءِ ڏاڏي آدم واري ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽڻ واري علامتي انداز کان پوءِ سنهور (تر) به هڻن ٿا. اهڙي ريت لاهوتي پنهنجي انهيءَ پيادل روحاني سفر دوران ڏاڏي آدم واري ٻنيءَ جي پوکي ڪرڻ واري اهم زيارت ڪن ٿا. ساڳي طرح ڪڇ ڀڄ واري علائقي ۾ ٻني وارو ڳوٺ نما شهر آهي .وڏو چراگاه رکندڙ ڪڇ جي انهيءَ ٻني واري ڳوٺ لاءِ پڻ اها روايت آهي ته اها ڏاڏي آدم جي ٻني آهي. ٻني جي ڳوٺ بابت سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران شايع ٿيندڙ جرنل ۾ هڪ مضمون ٻني واري ڳوٺ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي بابت پڻ شايع ٿيو آهي . انهيءَ ڇپيل مضمون موجب انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪڇي، مارواڙي، گجراتي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون . انهيءَ ڳوٺ ۾ زراعت جو ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن جي ٻولي سنڌي ڳالهائي ويندڙ آهي جيڪي ڳوٺ جي آبادي ۾ اڪثريت رکندڙ آهن.ڪڇ جي ٻني واري ڳوٺ جي ٻولي تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ٻني ڳوٺ کي سنڌي ڪلچر جي ” زيارت“ سڏيو آهي. اهڙي ريت سنڌ ۾ تحقيق طلب ڪم هي پڻ آهي ته سنڌ جي هارين ۾ ڪڻڪ جي بچيل ٻج واري ڪڻڪ جي ان مان ڏاڏي آدم جي ياد ۾ خيرات جو رواج موجود آهي ته ان جي پوکي واري فصل جي بچي پيل ٻج واري ان مان ڏاڏي آدم کي قل ڏياريا ويندا آهن. ذاتي طور ڏاڏي آدم جي اهڙين هارين جي ٿيندڙ ڏاري ڀت جي خيرات وارين تقريبن ۾ شريڪ رهيو آهيان. اتي جا جهونا هاري ڪڻڪ جو پوکي کان بچي پيل بج جو ڏارو ڀت ڪري ڏاڏي آدم کي قل ڏياريندا آهن. ٽنڊو ڄام ايٽمڪ انرجي جي زرعي اداري وٽ ڪڻڪ جي ٻج جي جينيٽيڪل بئنڪ موجود آهي. جنهن ۾ ڏاڏي آدم واري ڪڻڪ جي ٻج کان وٺي موهن جي دڙي واري ڪڻڪ جو ٻج پڻ موجود آهي. پنهنجي نوعيت جي ڪڻڪ جي ٻج جي انوکي جينيٽڪلي بئنڪ آهي .جنهن تي پڻ گهڻ پاسائين ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. .( مذهب واري ڏند ڪٿا موجب ڏاڏي آدم جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪڻڪ جي داڻي جو ذڪر ضرور موجود آهي.) اهوئي سبب آهي ته سنڌ جي هاري وٽ ڏاڏي آدم سان سٻنڌ ڪڻڪ جي ٻج جي بنسبت آهي. اهڙي ريت سنڌ جا هاري قديم زراعت ۾ اناج طور ڪڻڪ جو ٻج متعارف ڪرڻ واري ڳالهه جو سبب هجي يا وري زراعت جي سکيا ڏيڻ جو سبب هجي ، پر سنڌ جي هارين ۾ ڪڻڪ جي بچي پيل ٻج مان ڏاڏي آدم کي قل ڏيارڻ جو پڻ انوکو رواج موجود آهي. هونءَ به روز ازل کان وٺي هن مٽيءَ جي پتلي آدم جو خاڪي هئڻ ئي ته ڪمتر سمجهيو ويو.هن جو خاڪي هئڻ جي ناتي۽ ڌرتيءَ سان واسطيداري جي ڪري تڪبر جي نشي ۾ چور ابليس کيس حقير۽ ڪمتر ڄاتوهو ۽ ان جي خلاف ازل تائين جنگ جوٽي بيهڻ جواعلان ڪيو.

هونئن سيلون ۾ پڻ ڏاڏي آدم جي حوالي سان ڪينڊي واري شهر ۾ اهڙو جبل آدم موجود آهي جتي ڪئين ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏاڏو آدم انهيءَ هنڌ تي ڌرتيءَ تي لٿو هو . جڏهن ته سيلون واري جبل آدم واري هنڌ بابت گهڻ پاسائون۽ دلچسپي وارو معلوماتي بحث اهو هلندڙ آهي، جنهن ۾ هڪ اها ڳالهه به چئي وڃي ٿي ته ان زماني ۾ سيلون سنڌ ملڪ جو حصو هئي. ٻيو دليل اهو ڏنو وڃي ٿو ته تنهن زماني ۾ اهو جبل آدم سنڌ ملڪ جي سمونڊ هيٺ هو جيڪو بعد ۾ سيلون هليو ويو آهي. جهڙي ريت ارضياتي علم ڄاڻندڙن جو چوڻ آهي ته چاليهه لک سال اڳ ۾ رني ڪوٽ وارو علائقو سيلون ملڪ جي سمونڊ هيٺ آيل هو. اهڙي ريت ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو هنڌ شو ڀڳوان جو يادگار آهي، جتي هو دنيا جو پهريون انسان ڌرتي تي لٿو هو. ساڳي طرح هنگلاج ماتا جي زيارتن ۾ چندرڪوپ واري مٽي اوڳاڇيندڙ پهاڙ جي زيارت وارو هنڌ پڻ موجود آهي.جتي شو ڀڳوان جي ٻني جي پوکي ڪرڻ واري زيارت پڻ هجي ٿي. انهيءَ زيارت دوران هڪڙا زيارتي نار هلائن ٿا ٻيا وري پوکي جو رسمي ڪم ڪن ٿا. هنگول نديءَ جي اوڀرين ڪنڌيءَ تي سمونڊ لڳ واقع اها ٻني شو ڀڳوان جي نالي سان منصوب آهي .( هندو مت موجب پهريون انسان شو ڀڳوان آهي) شو ڀڳوان جي انهيءَ ٻنيءَ جي پوکي وارو علائقو جيتوڻيڪ موجوده جاگرافيائي جوڙ جڪ موجب بلوچستان صوبي جي ايراضي وارو علائقو آهي پر هونئن اهو لطيف سائين جي پنڌ هيٺ آيل انهيءَ برفت ويلي واري علائقي ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. لاهوت جي سفر واري پنڌ ۾ ڪائي واري ماٿري ۾ انساني رهائش وارا جابلو غار پڻ اوائلي انسان جي رهڻ جا شاهد بنيل آهن . ساڳي طرح منڇر جي ماهيگيري پڻ اوائلي انسان جي شڪاري طريقا رکندڙ آهي. جيڪا عملي طور اڄ به موجود آهي.

 

اسحاق مڱريو

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو