Home / ڪرنٽ افيئر / ايبٽ آباد آپريشن جو پهريون شهيد صحافي
above article banner

ايبٽ آباد آپريشن جو پهريون شهيد صحافي

2 مئي تي اسامه بند لادن خلاف ايبٽ آباد آپريشن کان ترت پوءِ اسلام آباد ۾ ايشيا ٽائمز آن لائن جي بيوروچيف سليم شهزاد کي اهو اعزاز حاصل ٿيو ته هن عالمي سطح تي خطرناڪ آپريشن جي باري ۾ سندس موڪليل رپورٽن کي سڄي دنيا جي صحافتي حلقن طرفان غور سان پڙهيو ويو، هن پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ايبٽ آباد آپريشن آمريڪي سي آءِ اي پاڪستان جي هڪ سگهاري اداري جي سان سهڪار سان ڪيو هو. بين الاقوامي تناظر ۽ افغانستان جي جنگين بات گهري ڄاڻ رکندڙ هن کري صحافي کي اها خبر نه هئي ته ايبٽ آباد آپريشن جي باري ۾ هو پنهنجي ڪمپيوٽر تي جيڪا رپورٽ ٺاهي رهيو آهي، اها سندس لاءِ “ڊيٿ وارنٽ” ثابت ٿيندي ۽ هتان جا طاقتور ادارا کيس ايئن ظالماڻي طريقي سان قتل ڪري سندس مڙهه واهڙ ۾ لوڙهي ڇڏيندا.

سليم شهزاد جي ايبٽ آباد آپريسن کانپوءِ پي اين ايس مهراڻ تي ٿيل حملي بابت رپورٽ به هڪ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو هو. هن قبائلي علائقن ۽ افغانستان جي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رپورٽنگ ڪئي، جنهن ڪري کيس وڏي مقبوليت پڻ ملي. ياد رهي ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ونسٽن چرچل به انهن علائقن ۾ جنگي رپورٽر جي حيثيت سان رپورٽنگ ڪئي هئي.

شهيد سليم شهزاد عالمي سياست جي حساس موضوع تي ڪتاب به لکيو هو، جنهن کي هڪ پرڏيهي پبلشر شايع ڪيو آهي. ان ڪتاب جو نالو آهي: “Inside Al-Qaida and The Taliban Beyond Bin laden and 9/11”

اڃا اهو گهڻا راز فاش ڪندڙ ڪتاب پبلش ئي ٿيو پئي جو ڪن ڌرين کي اها ڳالهه نه آئڙي ۽ هن بهادر صحافي کي رستي تان هٽائي ڇڏيائون. جيتوڻيڪ ان قتل جي عالمي سطح تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن به مذمت ڪئي آهي، ليڪن وفاقي گهرو وزير ان بي رحماڻي قتل کي ذاتي دشمني جو رنگ ڏئي ٿو. جيڪو پڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ڇو ته هاڻي اها ڳالهه ڪو راز ناهي رهي ته سليم شهزاد جي قتل ۾ ڪير ملوث آهن؟

ٻئي طرف سليم شهزاد کي قتل ڪري ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي هڪ سگهاري اداري طرفان اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪو به حق سچ جي ڳالهه ڪندو ان جو اهڙو حشر ڪيو ويندو. ان حوالي سان حميد هارون، مجيد نظامي ۽ عاصمه جهانگير اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، انهن کي مذڪوره سگهاري اداري کي گوڏا ٽيڪائڻ لاءِ اڳتي اچڻ کپي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي عمر چيمه ڪيس وانگر هن قتل تي خاموش رهڻ بدران عدالتي حڪمن ذريعي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي.

سليم شهزاد عالمي سڃاڻپ رکندڙ صحافي هو، هن جا سفارتي حلقن سان به لاڳاپا هئا ته هو عالمي سطح جا رابطا پڻ رکندو هو، اهو ئي سبب آهي جو کيس سازشي ٽولي راهه ۾ رنڊڪ سمجهندي راهه تان ئي هٽائي ڇڏيو. ليڪن ياد رکڻ گهرجي ته ظلم ۽ جبر سان ڪنهن کي ڪيترو به دٻائجي اهو دٻجي نٿو سگهي، ظلم ۽ بيداد نشانبر هوندا آهن، ان ڪري مظلوم مري ته سگهن ٿا پر ختم نٿا ٿي سگهن، خاتمو نيٺ ظالم جو ئي اچڻو آهي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو