Home / افيئر / علي محمد ڏاهري جو خون لڙهي ويندو؟
above article banner

علي محمد ڏاهري جو خون لڙهي ويندو؟

“هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ ڪهڙي صوبي سڀ کان پهرين پنهنجي اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪرائي؟ هن ملڪ جو باني ڪير هو؟ 70ع ۾ ملڪ ٽٽڻ بعد انهيءَ کي نئين سڃاڻپ ۽ آئين ڪنهن ڏنو؟ ڇا محترمه بينظير جهڙي ٻي ڪا ذهين عورت سياستدان هن ملڪ ۾ آهي؟ ڇا سائين جي ايم سيد، محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي نه هئا؟ جي ها ته پوءِ اهو راڳ ڇو ٿو الاپيو وڃي ته سنڌي اهل نه آهن. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ واري فيصلي دوران جيڪڏهن هڪ به سنڌي جج سپريم ڪورٽ ۾ هجي ها ته کيس ڦاسي نه اچي ها. هن ملڪ ۾ اسان سان ٻئي درجي واري شهري جهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي. ڇا توهان اسان کي هن ملڪ جو رهواسي نه ٿا سمجهو؟ اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 20 ججن مان سنڌي ججن جو تعداد فقط 5 آهي. جن مان به ٽي جج ڪنفرم نه آهن. چيو ٿو وڃي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا وڪيل انگريزي سٺي نه ٿا ڄاڻن. اها ڪهڙي پرک آهي؟ سنڌ توهان کي جسٽس ڀڳوان داس ۽جسٽس رحمت حسين جعفري جهڙا قابل جج ڏنا، جن جو تعلق سنڌجي ٻهراڙيءَ سان هو، پر اڄ جسٽس ڀڄنداس کي انهيءَ لاءِ ڪنفرم نه ڪيو ويو جو هو سنڌي ۽ هندو هو.”

اهي هئا شهيد علي محمد ڏاهري جي تقرير جا چند جملا جيڪا تقرير هن پنهنجي شهادت کان پنج ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ جوڊيشل ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ جي جج صاحبان ۽ وڪيلن جي اڳيان ڪئي هئي. علي محمد ظاهري طرح ذاتي دشمنيءَ جي تڪرار ۾ قتل ڪيل ڏسجي ٿو پر ائين نه آهي، صرف اڪيلي ذاتي دشمني هڪ اهڙي ماڻهو جي قتل جو سبب انهيءَ مهل ڪيئن ٿي پئي سگهي جڏهن علي محمد ڏاهري پاڪستان بار ڪائونسل ۾ سنڌي نمائندن آڻڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ صلاح الدين پننهور هڙي باشعور نوجوان کي پنهنجي ڪوششن سان پاڪستان بار ڪائونسل ۾ کٽرايو. ماتحت عدالتن ۾ ججن جي مقرري لاءِ گذريل چار امتحانن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جي اميدوارن 70 سيڪڙو کان به مٿي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ويٺل غيرسنڌي ججن ۽ سنڌ بار ڪائونسل ۾ ويٺل غيرسنڌي نمائندن جن جو سنڌ بار ڪائونسل تي قبضو آهي، انهن اهڙيون ٽيسٽون رد ڪرايون ۽ هاڻي 2010ع ۾ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي 80 کان مٿي خالي پيل سيٽن لاءِ سنڌ ٻهراڙيءَ جي اميدوارن کي روڪڻ لاءِ هڪ ٽيڪنيڪل ڌانڌلي رٿي جو اميدوارن کي بي خبر رکي اها ٽيسٽ هاءِ ڪورٽ جي بدران N.T.S کان وٺرائي وئي، جيڪا قانون جي سوالن جي بدران 80 سيڪڙو کان به مٿي انگريزيءَ جي سوالن تي مشتمل هئي. پرچي جي حل ڪرڻ جو وقت عين وقت تي ٻن ڪلاڪن مان گهٽائي صرف هڪ ڪلاڪ ڪيو ويو. وڏي ڳالهه ته انهيءَ سڄي ڪارگذاريءَ کان ڪراچيءَ جا اميدوار باخبر هئا ۽ ٻهراڙيءَ جا اميدوار بي خبر ته ٽيسٽ ڪهڙو ادارو وٺندو يا سوال ڪهڙي نوعيت جا هوندا.

اهڙي عمل جي خلاف شهيد علي محمد ڏاهري سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين هجڻ جي حيثيت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اڳيان احتجاج ڪيو، پريس ڪانفرنسون ڪيون، پر ٻهراڙيءَ جي اميدوارن سان گڏجي پريس ڪلب ڪراچي جي اڳيان احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ٿيو ۽ اهو اعلان ڪيائين ته اسان اهڙي ٽيسٽ جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، بعد ۾ اهي نتيجا سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ رد ڪري ڇڏيا.

علي محمد ڏاهري چيف جسٽس ۽ عدليه جي بحالي واري جدوجهد ۾ سنڌ اندر اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. کيس چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ذاتي طور تي اهميت ڏيندو هو. پر جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ججن کي ڪنفرم نه ڪيو ويو ته علي محمد ڏاهري تن ڏينهن ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ ايڊووڪيٽ ڪنوينشن جنهن جي صدارت چيف جسٽس کي ڪرڻي هئي، ۾ دعوت جي باوجود شريڪ نه ٿيو. ان سلسلي ۾ وڪيل برادري اڳيان واضح ڪيو ته اسان سنڌي صرف تماشبين ٿي ويا آهيون ۽ اسان کان تاڙيون وڄائڻ وارو ڪم ورتو ٿو وڃي، اسان عدليه جي بحالي ۾ لٺيون کاڌيون، پر اڃا سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ بند ناهي ٿيو. مون کان عمر جي هن حصي ۾ منافقت نٿي پڄي. آءٌ اهڙن پروگرامن ۾ شريڪ نه ٿيندس.”

انهيءَ کان ستت پوءِ هو پنهنجي ساٿين کي انهيءَ لاءِ اتساهيندو رهيو ته سنڌ جو ڪيس عدليه جي هن فورم تي کڻبو ۽ ڪو به مورچو خالي نه ڇڏبو. توڙي جو سندس سياسي وابستگي فنڪشنل ليگ سان هئي، پر سنڌ جي مفاد کان مٿي کيس ڪا جماعت نه لڳندي هئي، اهڙو منظر اسان سندس شخصيت ۾ گذريل ٽن سالن کان ڏٺو، هڪ دفعي چيائين ته آئون حر جماعت کي سورهيه بادشاهه واري جماعت بنائڻ ٿو چاهيان.

هن اسلام آباد جي جڊيشل ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته هندستان مان آيل مهاجرن کي پنجاب جي ماڻهن اهو چئي اڳتي روانو ڪيو ته “پاڪستان آگي هي” پر اسان کين جيءُ ۾ جايون ڏنيون پر اڄ اسان تي شڪ ٿو ڪيو وڃي ۽ حقن کان محروم ٿو رکيووڃي. سو خدارا سنڌ کي جائز حق ڏيو نه ته سنڌ ٻيو بلوچستان ٿيڻ پيو وڃي ۽ انهيءَ جا ذميوار توهان هوندئو اسان نه.

علي محمد ڏاهري طرفان اهم هنڌن تي سنڌ جي مسئلن تي اسٽينڊ وٺڻ سبب ڪير ته مٿس ڪاوڙيل هوندو جو کيس 23 سال پراڻي دشمنيءَ جو وجهه وٺي قتل ڪيو / ڪرايو ويو. اهڙي دشمني جنهن جا سڀئي ذميوار مري کپي ويا ۽ انهيءَ ڪيس ۾ نه ته هو ملوث هو ۽ نه ئي جوابدار هو، کيس قتل ڪرڻ واري واردات جيڪا ٽارگيٽ ڪلنگ هئي، پنهنجي نوعيت جي انوکي واردات آهي، جنهن پاڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. مثال طور پلاند ۾ قتل ڪندڙ واردات بعد واضح ڪندا آهن، نعرا هڻندا آهن ۽ گرفتاري پڻ پيش ڪندا آهن، کين ٻٽون ٻڌل هونديون آهن، جو اهڙي واردات ۾ شڪ جي گنجائش ناهي هوندي، پر انهيءَ جي ابتڙ هن واردات ۾ هٿياربند ٻٽون ٻڌي آيا، سندن ڪا به گولي خطا نه ٿي. ٻيو ته ٺهيو هنن علي محمد ڏاهري جي ڀرسان گاڏي ۾ ويٺل سندس معصوم ڏوهٽي کي به قتل ڪري ڇڏيو. وچ شهر ۾ واردات ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا ۽ اڄ گرفتار ناهن ٿيا. حقيقتن آڌار چئي سگهجي ٿو ته مذڪوره قتل پٺيان صرف ذاتي دشمني محرڪ نه آهي، پر اها ته صرف ڍال طور استعمال ٿي آهي. جڏهن ته اهو قتل معمولي واقعو نه آهي، پر سنڌ جي هڪ اثرائتي آواز کي خاموش ڪرايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته مقتول جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي وڪيلن اهو طئي ڪيو هو ته جيڪڏهن نئين مقررين ۾ سنڌي جج جهجهي تعداد ۾ نه کنيا ويا ته اسان ڪورٽن جي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪنداسين ۽ پڻ چيف جسٽس ي هٽائڻ جي تحريڪ هلائيندا. ان ڪري مذڪوره قتل واري واقعي جي گهڻ رخي جاچ ٿيڻ کپي جيئن نه فقط سچ منظر تي اچي سگهي، پر قاتل ۽ انهن جا اسپانسر ڪنهن به سزا کان بچي نه سگهن.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو