Home / ڪئپيٽل افيئر / !آمريڪا بهادر کان امداد نه وٺڻ تي پنجاب اسيمبلي ميمبر ناراض
above article banner

!آمريڪا بهادر کان امداد نه وٺڻ تي پنجاب اسيمبلي ميمبر ناراض

3 جون تي ناڻي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ وفاقي بجيٽ پيش ڪئي، ان دوران ايوان ۾ ڇا ٿيو؟ اهو سڀني ڏٺو. وفاقي بجيٽ تي ٽيڪا ٽپڻي بجاءِ وفاق ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ سرد جنگ تي ٿورو ويچار ونڊينداسين. چئني صوبن مان وفاقي حڪومت تي سڀ کان گهڻي تنقيد پنجاب حڪومت ۽ خاص ڪري مسلم ليگ (ن) پاران ٿي رهي آهي. اها تنقيد گڊ گورننس کان وٺي، معاشي پاليسين، پرڏيهي پاليسي سميت مختلف معاملن تي ٿي رهي آهي. وفاق ۽ صوبن پاران هڪٻئي جي معاملن تي نظر رکڻ وارو سلسلو بهرحال تمام سٺو آهي، ڪيترن معاملن ۾ پنجاب حڪومت ۽ (ن) ليگ پاران وفاقي حڪومت ۽ خاص ڪري پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي بابت تنقيد جائز ۽ اٿاريل سوال انتهائي اهم آهن. پر ڳالهه اها آهي ته پنجاب حڪومت پاران جن معاملن تي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي، اهي خود پنجاب اندر به سواليه نشان بڻيل آهن. چيو اهو ٿو وڃي، پنجاب حڪومت جي ڪيترن ئي معاملن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. ميڊيا انهن معاملن تي ايئن ردعمل نه ڏيکاري رهي آهي. جيئن وفاقي حڪومت تي نواز ليگ پاران ٿيندڙ تنقيد کي اهم ملي رهي آهي. اها بلڪل ايئن آهي جيئن 3 جون جي اخبارن ۾ ئي خبرون آيون ته پيمرا غيرذميواراڻي رپورٽنگ ۽ نشريات هلائڻ تي ڪجهه پرائيويٽ ٽي وي چئنلن ڏانهن نوٽيس موڪليا آهن. اهي نوٽيس پي اين ايس مهراڻ تي ٿيل حملي بابت رپورٽنگ ۽ نشريات جي حوالي سان آهن. تمام سٺو، پيمرا آخر جاڳي آهي ۽ هي ٽن سالن کان مخصوص ٽي وي چئنلز ۽ اينڪرز صدر زرداري ۽ سندس پارٽي خلاف جيڪو رڻ ٻاري ڏنو هو، ان معاملي تي پيمرا ٽي وي چئنلن ۽ اينڪرز ڏانهن گهڻا نوٽيس موڪليا هئا؟ انهن معاملن کان اکيون بند ڪيو ويٺا هئا، ڇو ته تنقيد جو نشانو سياسي قيادت هئي، ان قيادت سان لک اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر لٺ ڀلي ڀاءُ پاران کڻجي، پر ڳالهه ته الله لڳ ڪرڻ گهرجي ته جڏهن مهراڻ بيس تي حملي بابت ڪيترائي سوال عوام جي ذهنن ۾ اٿي پيا ۽ ميڊيا تيز رپورٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي ته پيمرا ننڊ مان جاڳي پئي ڇو ته هاڻ تنقيد ڪنهن سياسي ڌُر يا قيادت تي نه پر ملڪ جي اصل طاقتور “ادارن” تي ٿي رهي هئي!! سوال ڪرڻ جي اجازت ناهي. هر ڳالهه معاف ۽ وري بجيٽ ۾ 12 سيڪڙو واڌ به!! ڇا ڳالهه ڪجي!!

پهرين جون کان 2 جون 2011ع تي لاهور ۾ مختلف سياسي اڳواڻن ۽ صحافي سماجي ڪارڪنن سان ملاقات جو موقعو مليو، سان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون، سستي روٽي کان دانش اسڪولن تائين صوبي جي بجيٽ جي صورتحال کان حڪومتي ڪارڪردگي تائين. هن دفعي صحافت بابت ٿيندڙ ورڪشاپ ۾ ڳالهه ٻولهه ته صحافتي ذميوارين بابت ٿي، پر ملاقاتون پنجاب تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي مسلم ليگ (ن) جي ذميوار اڳواڻن سان ٿيون. انهن ۾ پنجاب اسميبلي ۾ صوبي جي تعليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اڳواڻ عائشه جاويد ۽ صوبائي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي ميمبر محمد محسن خان لغاري شامل هئا، ٻئي پنجاب اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ نواز ليگ جا اعتماد وارا آهن. پر انهن سان ٿيل ڪچهريءَ مان لڳو ته پنجاب حڪومت ۾ سڀ ٺيڪ نه آهن، ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف راءِ يا تحفظات هوندي به ن ليگ جا ايم پي ايز وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف آڏو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن. پنجاب جي (ن) ليگ جي اڪثر ايم پي ايز کي سنڌ يا ٻين صوبن ۾ موجود ن ليگ جي حالتن جي سُڌ ئي ناهي. اهي حيران آهن ته سنڌ ۾ ن ليگ جو پارٽي ڍانچو نالي ۾ نهال آهي. ن ليگ جي ايم پي اياز کي ان ڳالهه تي به ڳڻتي هئي ته نواز شريف ٻين صوبن ۾ سرگرم ڇو نه ٿو ٿئي؟

مون کي ان ڳالهه تي به حيرت ٿي ته شهباز شريف پاران پنجاب لاءِ پرڏيهي امداد نه وٺڻ ۽ امداد رد ڪرڻ واري فيصلي تي خود سندس پارٽي متفق ناهي.

ان ڳالهه تي به حيرت ٿي ته شهباز شريف پاران پنجاب لاءِ پرڏيهي امداد نه وٺڻ ۽ معاهدا رد ڪرڻ واري فيصلي تي خود سندس پارٽي متفق ناهي.

“شهباز شريف جذبات ۾ پرڏيهي امداد نه وٺڻ ۽ معاهدا رد ڪرڻ جو اعلان ته ڪري ويٺو، پر صوبي جي ڳڻتي جوڳي مالي صورتحال جو کيس اندازو شايد نه هو. سندس اعلان کانپوءِ ڪجهه سينيئر اڳواڻن سندس فيصلي سان ڪو سڌو ۽ تکو اختلاف ته نه رکيو، پر صوبي جي مالي صورتحال سندس آڏو رکي ۽ کيس فيصلي تي نظرثاني لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ هن ٻئي ڏينهن اعلان ڪيو ته رڳو آمريڪي امداد نه ورتي ويندي ۽ ان سان ڪيل معاهدا رد ڪيا ويندا، پر عرب ملڪن، وچ اوڀر جي ملڪن سان ڪيل معاهدا برقرار رهندا.” محمد محسن لغاري چيو. پوءِ رازداري واري انداز ۾ هلڪي آوز ۾ چيائين “وچ اوڀر وارن ملڪن سان ته پنجاب حڪومت جو ڪو معاهدو ئي ناهي ته رد ڇا ٿيندو.” لغاري ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ سان پنجاب حڪومت جي گڏجاڻي رکيل آهي، ان ۾ هو پاڻ به شامل آهي. ورلڊ بئنڪ پنجاب ۾ زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ چاهي ٿي. مون چيو لغاري صاحب توهان جي وڏي وزير ته پرڏيهي امداد وٺڻ کان انڪار ڪيوآهي. توهان کي خبر آهي ته ورلڊ بئنڪ آمريڪا جي اثر هيٺ آهي. محسن لغاري هڪ دفعو وري ٽهڪ ڏنو “وڃون ڏسو ٿا ته ڇا ٿو ٿئي، عملي طور ممڪن ئي ناهي، ته پنجاب حڪومت آمريڪا کان امداد مڪمل طور نه وٺڻ جو فيصلو ڪري، جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ عالمي مالياتي ادارن سان سڀ گڏجاڻيون به رد ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن امداد وٺڻي ئي ناهي ته گڏجاڻيون ڇا جون؟”

عائشه جاويد جيڪي انڪشاف ڪيا اهي وري اڃا وڌيڪ حيران ڪندڙ هئا. “اڄ جون جي ٻي تاريخ آهي، پهريون دفعو آهي جو پنجاب حڪومت جا ملازم پگهار کان محروم آهن. ٽريزري وٽ پئسا ناهن. صورتحال ڏاڍي ڏکي آهي. هن ايڪسپريس لاهور جي صحافي رضوان جي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته پنجاب حڪومت جا ٺيڪيدار مصيبت ۾ اچي ويا آهن. هنن پنهنجي لاڳت سان ڪم ته ڪيا آهن، پر هاڻ پنجاب حڪومت جا چيڪ بائونس ٿي رهيا آهن، انهن کي پئسا نه ٿا ملن.

عائشه جاويد پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پاران دانش اسڪولن جي ڪهاڻي به کولي ٻڌائي. “صوبو مالي بحران جو شڪار آهي، قرض تمام گهڻو ٿي ويو آهي، وڏي وزير جو خيال هو ته 150 ارب رپين جي لاڳت سان 200 کن دانش اسڪول کوليون، خواب ته سٺو هو، پر حقيقت ۾ ممڪن ناهي. ڇو ته اڳ ۾ ئي سرڪاري اسڪول ڏکي صورتحال مان گذري رهيا آهن. انهن تي رقمون خرچ ڪرڻ بجاءِ هڪ نئون هاٿي پالڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ وڏي ڪوسش کانپوءِ هو دانش اسڪولن جو تعداد هڪ سئو ۽ پوءِ رڳو 25 تائين ڪرڻ تي راضي ٿيو، کيس سمجهايوسين ته سرڪار اهي رقمون رڳو هڪ دفعو نه هر سال گهربيون، ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟ ن ليگ جي ايم پي ايز جو خيال هو ته قيادت وٽ ذاتي پسند ناپسند ٿي هلي، هڪ ماڻهو وٽ تعليم جي وزارت، صحت جي وزارت، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن جي وزارت سميت پنج کن وزارتون آهن، پوءِ ڪم ڪيئن ٿيندو؟ هُن ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن هڪ وزارت سان به انصاف ڪري سگهي.

پري کان ويهي شايد نظر نه اچي، پر پنجاب ۽ خاص ڪري لاهور ۾ وڃي اندازو ٿئي ٿو ته واقعي ن ليگ ڏاڍي ڏک صورتحال ۾ آهي. ڀلي هنن ق ليگ کي ٽوڙي هم خيال ته ٺاهيا آهن، پر خود (ن) ليگ ۾ اندر به وڏي ڇڪتاڻ آهي، ان جو اثر ايندڙ چونڊن کان اڳ سينيٽ جي اليڪشن ۾ به سامهون ايندو. ذاتي ڪچهرين ۾ ن ليگ جا اڳواڻ پيپلز پارٽي يا ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پارٽي جي اندروني صورتحال تي پريشان آهن ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ تي سخت تنقيد ڪن ٿا.

ايندڙ وقت ۾ ن ليگ ۽ خود پيپلز پارٽي لاءِ اصل جنگ جو ميدان پنجاب ئي هوندو ۽ ٻنهي جي ڪارڪردگيءَ بابت سوال موجود آهن.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو