Home / ڪور افيئر / !آمريڪا جون بدلجندڙ پاليسيون: پاڪستان ٻه واٽي تي
above article banner

!آمريڪا جون بدلجندڙ پاليسيون: پاڪستان ٻه واٽي تي

مئي 1998ع ۾ چاغيءَ ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻيو هو. اُن وقت افغانستان ۾ انهن انتهاپسند طالبان جي حڪومت هئي، جن کي بينظير ڀٽو جو وفاقي گهرو وزير نصيرالله بابر منهنجا ڇوڪرا چوندو هو. بينظير جي حڪومت (96-1993) دوران ئي پاڪستان جي هڪ سگهاري اداري طالبان کي افغانستان تي قبضو ڪرايو هو. اُن آپريشن جا مُک ڪردار سگهارو ادارو، بينظير ڀٽو، مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا سميع الحق هيا.

آءِ ايس آءِ ۽ آمريڪي اختيارين جو گڏيل مفاد“ترڪمانستان-افغانستان-پاڪستان” گيس پائيپ لائين هئي، جيڪا آمريڪي ڪمپني “يونوڪال” تعمير ۽ آپريٽ ڪرڻ ٿي چاهي. سگهاري اداري ان منصوبي ذريعي طالبان حڪومت آمريڪا کان تسليم ڪرائڻ ٿي چاهي. طالبان نمائندن ۽ آمريڪين وچ ۾ ان منصوبي متعلق ملاقاتن جون وڊيوز انٽرنيٽ تي موجود آهن.

بينظير ڀٽو ترڪمانستان-افغانستان- پاڪستان گيس پائيپ لائين منصوبي جي حامي ته هئي، پر اهو منصوبو آمريڪي ڪمپني “يونوڪال” بدران ارجنٽينا جي ڪمپني “بريداس” کي ڏيڻ ٿي چاهيائين. 1996ع ۾ سندس حڪومت ختم ٿيڻ جي سببن مان هڪ وڏو ۽ شايد سڀ کان وڏو سبب “يونوڪال” جي مخالفت ۽ “بريداس” جي حمايت ڪرڻ هو. سندس جانشين وزيراعظم نواز شريف، تيل واري وزير چوڌري نثار علي خان، دفاعي اداري “يونوڪال” جي حمايت ڪئي.

1998ع ۾ ڀارت پاران ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ جو مقصد پنهنجي علائقائي ۽ عالمي طاقت واري حيثيت دنيا کان مڃرائڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ميمبر واري سيٽ حاصل ڪرڻ هو. آمريڪا ۽ يورپ لاءِ ڀارت اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ ملڪ آهي. آمريڪي، ڀارت کي چين جي متبادل ۽ مقابل طاقت طور ڏسن ٿا. پاڪستان جي چين نواز ۽ ڀارت مخالف پاليسي ڪنهن به ريت آمريڪي مفادن سان ٺهڪندڙ ناهي. چين پاران پاڪستان کي ڀارت جي مقابلي ۾ ايٽمي طاقت بنائڻ پٺيان پڻ چينين جا پنهنجا مفاد آهن. جيڪي آمريڪي ۽ ڀارتي مفادن سان ٽڪراءَ ۾ آهن. گوادار بندرگاهه چين حوالي ڪرڻ واري پاڪستاني عمل چينين کي ايراني نار جي منهن تائين پهچائي ڇڏيو آهي، جتان دنيا جو 40 سيڪڙو تيل (جهازن ذريعي) لنگهي ٿو. گوادر کان چيني شهرن اُرمچي ۽ ڪاشغر تائين هاءِ ويز جي تعمير سان چين جو اولهه وارو علائقو تيزيءَ سان ترقي ڪندو ۽ سڄي دنيا مان سيڙپڪاري ٿيندي (ٿي رهي آهي). اها اڳڀرائي پڻ آمريڪي ۽ ڀارتي مفادن خلاف آهي.

ڀارت پاران ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان پڻ ردعمل ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪندو. اهو ڪو راز ڪو نه هو. ڀارتي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ اقتصادي پابندين ۽ معيشت جي زوال کي منهن ڏنائين.

1998ع ۾ پاڪستان اعلانيه ايٽمي طاقت بڻيو ۽ 2001ع ۾ يعني لڳ ڀڳ ٽن سالن کان پوءِ 11/9 سانحو ٿيو. انهن ٽن سالن ۾ اُسامه بن لادن سوڊان کان افغانستان منتقل ٿي چڪو هو. القاعده اصل ۾ اينگلو- آمريڪي ملٽري-انٽيليجنس آپريشن آهي، جنهن ۾ اسانجا جنرل Trap ٿيا. جنرل محمود (سابق ISI سربراهه) ۽ 11/9 جي مُک هائيجيڪر محمد عطا وچ ۾ رابطو ئي سندس برطرفيءَ جو سبب بڻيو.

اسانجا جنرل آمريڪي امداد سان سوويت يونين کي افغانستان ۾ اُلجهائي، ٿڪائي ۽ گوڏا کوڙائي چڪا هئا ۽ سندن مهم جُو طبيعت کين ڀارت ۽ آمريڪا کي ترتيبوار لشڪر طيبه ۽ القاعده جهڙين پُرتشدد تنظيمن ذريعي اُلجهائڻ، ٿڪائڻ ۽ گوڏا کوڙائڻ واري مهم جوئيءَ تي مجبور ڪيو. سچ ته اهو آهي ته اهڙي مهم جوئيءَ 2000-1999ع ۾ ڪارگل معرڪي وقت ذري گهٽ اسان جو سِرُ ٿي نيو. 11/9 کانپوءِ ڀارتي ڪشمير ۾ لڳ ڀڳ سانت آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي پنهنجي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ ڏيڻ بين الاقوامي ڏوهه آهي.

ISPR جو سربراهه مڃي چڪو آهي ته ممبئي حملن ۾ هڪ سگهاري اداري جا سابق آفيسر ملوث ٿي سگهن ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا سابق آفيسر Reserve طور ڊيوٽيون نه ڪندا اهن؟ سوال اهو به آهي ته انهن سابق آفيسرن وٽ ان آپريشن لاءِ وسيلا (ڪروڙين رپيا) ڪٿان آيا؟

دهشتگرديءَ کي پاليسيءَ طور اختيار ڪرڻ ۽ اڻ برابر وحداني وفاقي ڍانچي کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪي وحدتن ۽ شهريتن خلاف 4th Generation Warfare جي استعمال جي نتيجي ۾ اهو ئي سڀ ٿيڻو هو جيڪو ٿي رهيو آهي ۽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي.

سڌي آمراڻي حڪومت يا ڪٺ پُتلي نمائشي جمهوري حڪومت ٻنهي صورتن ۾ پاڪستان تي 1951ع کان فوج ئي حڪومت ڪئي آهي. اسين ساليانو 3.65 ارب ڊالر دفاعي اداري تي خرچ ڪريون ٿا. جيڪو بيڪريون، بينڪون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، پيٽرول پمپ، پاور پلانٽ، فوڊ ۽ ڀاڻ جا ڪارخانا ۽ ريئل اسٽيٽ امپاير هلائي ٿو.

جنرلن پاڪستان کي اقتصادي طاقت بجاءِ دفاعي قوت بڻائڻ چونڊيو ۽ اڄ اسان وٽ ايٽم بم ۽ ميزائل ته آهن پر 6 ڪروڙ 20 لک شهري غربت جي لڪير کان هيٺ ذلتن ڀري زندگي گهاري رهيا آهن. 30 لک ماڻهو انڌا، 37 لک جسماني معذور، 90 لک منشيات جا عادي، 2 ڪروڙ، 25 لک بيروزگار ۽ هڪ لک ماڻهو ايڊز جا مريضن آهن. انهن سڀني شهرين جو تعداد 10 ڪروڙ ٿئي ٿو، (بيورو آف اسٽيسٽڪس، اسٽيٽ بينڪ، روزاني نيشن ۽ ٻين ذريعن جا انگ اکر) سنڌ جي علائقي ٿر جي ڳوٺ گلشير گورچاڻيءَ جي اڌ آبادي (500 ماڻهو) گونگي ۽ ٻوڙي آهي. ڇا دنيا ۾ ڪٿي اهڙو ڪو ٻيو مثال آهي. ڪوتاهه نظري ۽ مهم جوئيءَ جي نتيجي ۾ 5 ڪروڙ 60 لک ليبر فورس رکندڙ (دنيا ۾ ڏهون وڏو ملڪ) مجموعي قومي پيداوار GDP جي لحاظ کان دنيا ۾ 135هين نمبر تي آهي.

37.5 ارب ڪيوبڪ ميٽر گيس ۽ 60 هزار بيرل تيل روزانو پيدا ڪندڙ ملڪ جا پرڏيهه ۾ رهندڙ 70 لک شهري 8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلين ٿا ۽ ملڪ روانگي واپار مان 20 ارب ڊالر ساليانو ڪمائي ٿو.

سنڌ جو 175 ارب ٽن ڪوئلو 618 ارب بيرل تيل جي برابر آهي، جيڪو دنيا جي چئن ٽاپ جي تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي مجموعي ذخيرن برابر آهي. بلوچستان جي ريڪوڊيڪ کاڻ دنيا جي ڇهين وڏي سون ۽ ٽامي جي کاڻ آهي، جتي 60 کان 75 ارب ڊالرن جا ذخيرا آهن. ان هوندي به پاڪستان تي 57 ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض (GDP جو 50 سيڪڙو) آهي ۽ مقروض ملڪن جي فهرست ۾ اهو 52هين نمبر تي آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جي خواندگيءَ جي شرح 57.7 سيڪڙو آهي، ايئن ان ڪري آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي مقتدر جنرلن جي پرچار اڻ پڙهيل ماڻهن تي وڌيڪ اثر ڪري ٿي. پڙهيل آباديءَ لاءِ وٽن ڏنڊو ۽ لالچ ٻئي آهن.

گلوبل ريسرچ ڪئناڊا جي پروفيسر مائيڪل چوسودو وسڪيءَ جو خيال آهي ته آمريڪا، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. 2008ع ۾ سينيٽر نثار ميمڻ سينيٽ جي اجلاس ۾ پڻ مائيڪل چوسودو وسڪيءَ کي Quote ڪري چڪو آهي.

بينظير ڀٽو جو قتل پاڪستان ۾ سياسي خلا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن تيزيءَ سان ڌڪڻ لاءِ ڪرايو ويو هو. هاڻي پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي سياست شخصيت ڪانهي، جيڪا چئني صوبن لاءِ قابلِ قبول هجي. دهشتگرديءَ کي لشڪر طيبه ۽ ٻين گروپن ذريعي ڀارت خلاف، طالبان ذريعي، افغانستان خلاف، جُندالله ذريعي ايران خلاف ۽ القاعده ذريعي آمريڪا، برطانيا (7/7 جا بم ڌماڪا) ۽ اسپين (ميڊرڊ ٽرين ڌماڪا) خلاف ملڪي پاليسيءَ طور اختيار ۽ استعمال ڪيو ويندو ته ان عمل جي ردِعمل طور لازمي آهي ته ڀارتي، افغاني، ايراني، آمريڪي ۽ برطانوي ايجنسيون پاڪستان کي سياسي طور غيرمستحڪم ۽ انتشار جو شڪار، اقتصادي طور ڪمزور ۽ سفارتي سطح تي اڪيلو ۽ بدنام ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽائينديون.

بين الاقوامي سطح تي پاڪستان بُري ساک رکندڙ ملڪ وارو تعارف رکي ٿو، ان ساک جي بُحران مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي دهشتگردي کي Sponsor ۽ Export ڪندڙ ملڪ نه پر دهشتگرديءَ جي شڪار ملڪ طور پيش ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. روزاني بنيادن تي دنيا کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اسان جا هزارين شهري ۽ فوجي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ماريا ويا آهن.

GHQ ۽ PNS مهراڻ تي حملا ممڪن آهي ته دفاعي اداري کي نااهل ثابت ڪرڻ ۽ ان جو مورال ڪيرائڻ لاءِ پرڏيهي ايجنسين ڪرايا هجن ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته جيڪا فوج پنهنجي هيڊڪوارٽر ۽ نيويءَ جي هوائي اڏي تي حملي جو نه ته اڳواٽ پتو لڳائي سگهي ۽ نه انهن حملن کي روڪي سگهي (سيڪيورٽي لاپرواهي / نااهلي) اها ملڪي ايٽمي اثاثن جي حفاظت ڪيتري قدر ڪري سگهندي: يعني پاڪستاني ايٽمي اثاثا محفوظ هٿن ۾ ناهن.

اهو پڻ ممڪن آهي ته اهي حملا پاڻ ڪرايل هجن ته جيئن دفاعي اداري کي دهشتگردي جي شڪار اداري طور پيش ڪري سگهجي. جيڪڏهن ايئن آهي ته انهن عملن سان فائدو ته ڪو نه ٿيو، پر 100 ملين ڊالرن کان به وڌيڪ جا فوجي اثاثا ۽ اهلڪارن جون زندگيون ضايع ٿي ويون. پاڪستان دهشتگرديءَ جو اسپانسر آهي يا شڪار؟ هو اهو سمجهن ٿا ڇو ته انهن وٽ ڄاڻ جا اُهي وسيلا آهن جيڪي ڪنهن به ٻئي وٽ ڪونهن پوءِ کڻي اهو ڪيترو به سڄاڻ شهري ڇو نه هجي.

2 مئي تي ايبٽ آباد آپريشن کانپوءِ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن وٽ ٻه آپشن وڃي بچيا. هڪ اِهو ته اُسامه بن لادن سندن تحويل / حفاظت ۾ هيو ۽ ٻيو اهو ته کين اُسامه جي موجودگيءَ جي خبر نه هئي. پهرئين آپشن قبول ڪرڻ سان اهو ثابت ٿي ٿيو ته هڪ سگهارو ادارو دهشتگرديءَ کي اسپانسر ڪري ٿو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي ۾ اربين ڊالر وصول ڪرڻ باوجود افغانستان ۾ آمريڪي / نيٽو فوجن جي جاني ۽ مالي نقصان لاءِ ذميوار آهي. ٻين لفظن ۾ مذڪوره اداري جي موجودگيءَ ۾ نه ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اچي سگهي ٿو ۽ نه آمريڪا پنهنجو اقتصادي خسارو گهٽائي سگهي ٿو.

ٻئي آپشن قبول ڪرڻ سان مذڪوره سگهاري اداري جي نااهلي ثابت پئي ٿي جيڪا گهٽ نقصان رسائيندڙ ذلت هئي، ان ڪري جنرل پاشا قومي اسيمبليءَ ۾ نااهليءَ تي معافي گهري ۽ استعيفيٰ جي پيشڪش ڪئي.

22 مئي تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما BBC کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي اهم دهشتگرد (ملا عمر، زواهري وغيره) جي موجودگيءَ جي پڪ ٿي ته اسين وري ايبٽ آباد جهڙي سڌي ڪارروائي ڪنداسون.

27 مئي تي آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ايڊمرل مائيڪ مولن پاڪستان پهچي ويا ۽ انهن آمريڪا کي انتهائي مطلوب دهشتگردن جي هڪ فهرست پاڪستاني اختيارين حوالي ڪندي انهن جي باري ۾ انٽيليجنس معلومات ونڊڻ جي گهر ڪئي آهي.

ممڪن آهي ته آمريڪين وٽ گهربل دهشتگردن جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ بابت ثبوت اڳيئي موجود هجن، پر اُهي پاڪستان جي سگهاري اداري وٽ اهو آخري موقعو آهي ته اهو آمريڪين جي اميدن تي پورو لهي. جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته آمريڪي گهُربل دهشتگردن خلاف سڌي ڪارروائي ڪندا. ان کانپوءِ پاڪستان خلاف اهو سڀ ڪجهه ثابت ڪيو ويندو جيڪو اڄ تائين آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ وِڪي ليڪس ذريعي ٻڌايو ويندو آهي.

مئي 1998ع کانپوءِ هڪ تلسسل سان اڳڀرايون ظاهر ٿينديون رهيون آهن ۽ اڄ جتي اسين بيٺا آهيون، اهو هڪ ٻه واٽو رستو آهي ۽ ستم ظريفي اِها آهي ته ڪنهن به رستي جي چونڊ ڪرڻ جو اختيار وري به انهن وٽ آهي جن ڪروڙين شهرين کي بکيو، اڃيو، ننگو، محروم ۽ غلام رکي پاڻ فائيو اسٽار زندگي گذاري آهي.

ايندڙ ڪجهه هفتن / مهينن ۾ اڃا وڌيڪ اڳڀرايون ظاهر ٿينديون. پاڪستان، سوويت يونين ۽ يوگوسلاويا وانگر هڪ وڌيڪ مثال بڻجندو يا مقتدر قوتون پنهنجي ماضيءَ جي روش کي پُٺي ڏيندي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دور انديشي ۽ وقت شناسيءَ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ساخت تبديل ڪري ان کي برابر حيثيت رکندڙ قومن جي فيڊريشن بڻائي ان کي بچائي وٺنديون. اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو، پر موجوده صورتحال اهڙين تاريخي ۽ بنيادي تبديلين جي گهُرجائو آهي، جيڪي صرف انقلابن ذريعي اينديون آهن.

سنڌ ڪنهن به اوچتي صورتحال لاءِ ڪيترو تيار آهي، اِهو هڪ ملين ڊالر جو سوال آهي جيڪو هر سڄاڻ ڌرتيءَ ڌڻيءَ کي پنهنجو پاڻ کان پُڇڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي انهن کي جيڪي چانهه جي ڪوپ تي ڊرائنگ رومز، ٽي وي اسٽوڊيوز ۾ ۽ “شام جي ڪچهرين” ۾ انقلاب آڻين ٿا. ڇا اِها ڳالهه ورجائڻ جي ضرورت آهي ته موقعو هميشه تيار ذهنن کي فائدو رسائيندو آهي؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو