Home / افيئر / !آمريڪا ۾ به بيروزگاري
above article banner

!آمريڪا ۾ به بيروزگاري

آمريڪا ۾ معاشي بهتري جا آثار نين ملازمتن سان سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ليڪن ڪيترن ئي نوجوان ڪارڪنن لاءِ ملازمتن ۾ واڌ جي اها رفتار تسلي بخش ناهي. جيتوڻيڪ هن وقت بيروزگاري گذريل ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي، ليڪن ويجهڙ ۾ سامهون آيل هڪ مطالعاتي جائزي مان ظاهرٿئي ٿو ته 16 کان 24 سالن جي نوجوانن لاءِ اڃا به ملازمت جا موقعا سازگار ناهن. آمريڪي نوجوانن ۾ پنهنجي غيريقيني مستقبل بابت خدشا وڌي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ملازمتن جي صورتحال سست رفتاري سان بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي. اڪانامڪ پاليسي انسٽيٽيوٽ جي هڪ اقتصادي ماهر هائيڊي شيرهولز جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾ نوجوان ورڪرن کي گهٽ فائدا حاصل ٿيندا. هن چواڻي روزگار جا ڳولائو نوجوانن کي گذريل 70 سالن دوران اهڙي صورتحال کي منهن ناهي ڏسڻو پيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو