Home / شوبز / !انجنا سوکنا قسمت آزمائڻ واري
above article banner

!انجنا سوکنا قسمت آزمائڻ واري

فلم نگري به وڏي ظالم دنيا آهي، ڪنهن کي لڳي ته شهرت جي بلندين تائين پهچائي پئسي جي ڍير تي ويهاريو ڇڏيو، جي نه لڳي ته اڳيون نُور به چٽ. بالي ووڊ ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ ڪيترائي اداڪار ۽ اداڪارائون آيون، پر سئو مان هڪ داڻي کي بالي ووڊ جي چمڪ لڳي، نه ته ٻيا پهرين ئي ڀيري ناڪام ٿيڻ بعد اهڙا غائب جو اڄ تائين ڪنهن کي ياد به ناهن. بالي ووڊ ۾ هر سال ڪيتريون ئي فلمون ٺهن ٿيون ۽ انهن فلمن لاءِ پراڻن اداڪارن سان گڏ نون چهرن جي به ضرورت پوندي آهي ۽ اهي نوان چهرا هر لحاظ کان ڇنڊي ڇاڻي کنيا ويندا آهن، پوءِ جي سندن ڀاڳ کُليو ته وا نه ته ڪرائي ڀاڙي جا پئسا به ڳچيءَ ۾. بالي ووڊ جي چمڪ کان متاثر ٿي ماڊلز، ٽي وي اداڪارائون، ايستائين جو مس ورلڊ ۽ مس يونيورس پڻ ٻيا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي هن جهان ۾ ديرو ڄمايو، نئين اداڪاره انجنا سوکاني پڻ ان ئي دنيا کان بالي ووڊ ۾ آئي آهي. جنهن ۾ فلمي پنڊتن کي وڏيون اميدون آهن ته هيءَ ڇوڪري سڀني کي ٽڪيٽ وٺرائيندي. انجنا پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪبير ڪوشڪ جي فلم “ميگزيمم” کان ڪئي آهي. هوءَ ان فلم ۾ نئين هيرو سونو سود جي هيروئن بڻبي. فلم ۾ سندس ڪردار موجب هوءَ بالي ووڊ اداڪار بڻي آهي، جيڪا فلم جي هيرو سونو سود جيڪو هڪ پوليس آفيسر کي پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هن فلم ۾ اداڪاره نصيرالدين شاهه ۽ تبو پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. ڏسجي ته هي فلم انجنا کي ڀانئين پوي ٿي يا نه.


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو