Home / افيئر / !…اڻ جوابيل سوال
above article banner

!…اڻ جوابيل سوال

هُنرمند ٻَوڪيءَ بند مُورتي جَوڙيَ

ٻارن کي پوڄا لاءِ چيو-

وَڏوهر اڳتي وڌي

هڪ هڪ ڪري سَڳو کوليو-

‘ديويءَ جي دُنَ هيٺان تِر آهي،

سو ٿي ڳولهيان.’

…..

هنرمند پٿر ٽُڪيو

پَٽڪو پهريل ديوتا!

مُربيءَ هڪ هڪ ڪري

پَڳَ جو وَرُ کوليو-

‘ڀڳوان جي چڳن منجهه

سَپُ ٿو ڳولهيان.’

…..

هنرمند ڇَيڻيءَ ڏانهن ڏٺو

مانڊاڻ چپ رهيو-

‘ڪلا ڪنهن جا عيب

ڪيئن لڪائيندي!؟’

ايئن نه ٿو ڀاسي ته پاڻ سوالن جي زماني ۾ جنم ورتو آهي؟ ڏيهاڙي باک ڦٽيءَ ننڊ مان اٿو ته سيرانديءَ کان ڪيتريون ئي پُڇائون اوهان جي اوسيئڙي ۾ هونديون. ننڍڙي سنڌ ۽ مختصر لوڪ. تنهن هوندي به انيڪ مونجهارن وڪوڙيل. حال ۽ آئيندي بابت ڳڻتين جو شڪار آزار ڀريل حياتيءَ مان آجپي جون راهون تڪيندڙ. ڇوٽڪارو تلاشيندڙ. ڪڏهن هڪڙي ڪنڊ ڏانهن ته ڪنهن وَيرَ ٻيءَ طرف ڀڄندڙ. مانجهاندي جو سهڪي مٿي کي هٿ ڏئي ويهندڙ. لهندڙ سج جو ويچاري ۽ ڪٿان ٽاڪو نه لڳندو ڏسي ٻيهر پتوڙيندڙ. گهٽ ۽ ٻوساٽ جا ڏينهن. اماوس جون راتيون.

سوال، بيشمار. سندي ذات متعلق. ڪُڙم، ڳوٺ ۽ سماج سان لاڳاپيل. پرڳڻي ۽ جڳ جهان بابت. جيتري گهڻي ڄاڻ اوڏيون وڏيون پڇائون. اونهي کوج جي ڳهڻ. ڏهاڪن جا ڏهاڪا هڪ هنڌ بيٺل زندگي. ائوسٽي ٿيل ماٺار مان جند ڇڏائڻ ڪاڻ رستي جي ڳولها. جانچ ان لاءِ ته پنهنجي حالت بدلائڻ خاطر آخر به ڪهڙو قدم کڻجي. چڱو اهو جو پاڻ هاڻي باقي دنيا جي سرگرميءَ جي پسمنظر ۾ خود کي پرکي سگهون ٿا. پرک ڪري سگهڻ جي اهليت پاڻ ئي رهيا آهيون. پرکڻ جا نت نوان ماپا ڄاڻڻ شروع ڪيا اٿئون. پوءِ به سوال آهن جي ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن. سڀ کان اول ته رياست سان واسطو رکندڙ انومان. تنهن بعد سنڌي سماج سان تعلق ۾ وسوسا. گلوبل انديشا. ڪيترن وٽ سنسار سان لاڳاپيل فڪر. تڏهن پڻ، اسين اهڙي ڪنهن معياري ڪيفيت ۾ ته نه پيا رهون. اڪثريت پيٽ پوڄا جي غلطان ۾ آهي. ڍِڍُ ڀيل وري جاري نظام جي پٽ پوڻ جي پريشانيءَ منجهه. وڏيرڪي طبقي وارا جاگيرداري قدر بچائڻ جي چنتا سانڍيندڙ، اڌ پڙهيل وچولو ڪلاس دلاليءَ جا موقعا حاصل ڪرڻ پويان. معاشري ۾ رتوڇاڻ جي بازار گرم. آدم بوءِ ڪندڙ ماروي هر طرف ڇڙواڳ ايترا جو سچ پچ به خوف جو راڄ. دوکي جي ديوار جي ڇانوَ ۾ رهندڙن سان ايئن ئي ٿيڻ کپي!

تبديليءَ لاءِ چاهنا پر ان جي راهه پاڻ روڪي بيٺا آهيون. انقلاب جو دلڪش هوڪو چوڏس سڻجي ٿو. ويجهڙ وارن ڏهاڙن ۾ وچ اوڀر کان متاثر ٿي رهيا آهيون. الاهي سنڌي، سڌاري جي ڪارڻ نائين زيرو تي سلامي، ڪيئن ۽ ڇو؟- سوال. سماجي تضادن جي ڍڳ ۾ ڪٿي وڃائجي ويل وجود کي کوٽيندڙ ڏاها دير سوير خريد ڪيا پيا وڃن، اڪيلا ڪيا وڃن يا وري ماريا وڃن! اهڙي نموني جو ڪا به واردات معمول کان هٽيل محسوس نه ٿئي. سسٽم انسان کي ڪانئر ڪرڻ لاءِ هن جي فطري هيڻائين تي حملو ڪندو. ماڻهو ته وري به ماڻهو آهي نه. ڍيري ٿي پيو ته ڇا ڪبس. پر جي سمورو معاشرو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي ته پوءِ؟ سوال. ڀَاڙي لوڪ جي ڪا ذات نه ٿيندي آهي. ايتري ڳالهه ته سڀ ڪو سمجهي ٿو. ۽ اهو به ته ڀاڙي ٿيڻ جي ڪا مُند به ڪا نه هوندي آهي. سوين ساڃاهه وند وري سنڌي ماڻهن جي مٿڀرائپ جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مثال کنيو پيا گهمندا. سورهيه بادشاهه، ايم آر ڊي ۽ اهڙا ڪي ٻيا. وچ واري عرصي جي ڪٽڻپي لاءِ ڇا چئجي؟ هائو سائين! اهو پڻ سوال آهي. سوال آهي ته اسين گهربل قومي شعور کان ايترو وانجهيل ڇا لاءِ آهيون؟ قوميت يا نيشن هُوڊ کانسواءِ آجپو ڪيئن ممڪن آهي؟ سماجي ترقي ڪيئن ماڻي سگهبي؟ اميد پرستن جو ڪال به ڪٿي آهي. ماضيءَ جا چار روشن سج مُٺ ۾ ڪيو سنڌ جي شاندار آئيندي جا سپنا پيا ورهائين. بداخلاقيءَ جي ڍُونڍَ وڪوڙيل ماروئڙن ڪاڻ فوئنڪس جهڙي مٿير پکيءَ جي ڪٿا پيا ڪتب آڻين. هاڻوڪي پستيءَ لاءِ هزار عُذر گهڙي رکيا اٿن. آبجيڪٽوٽي يا معروضيت جا فعل تيار ڪيو پيا ونڊين. گفتگوءَ ۾ پهريائين ته جمهوري هئن جا خطبا ڏيندا ۽ پوءِ جوش به سندن ئي ڏسڻ وٽان هوندو. ناراضگي معاف. ضرور ڪنهن وير منجهائن هئڻ تي لڄ ايندي يا نه؟- سوال.

پستيءَ لاءِ هيٺاهين لفظ ڪتب آڻيون- ڪيفيت ۾ مٽا سٽا ته نه ٿيندي! سنڌ جو سياسي شعور ڪيڏانهن ويو؟ قومي سورما ڪٿي خرچ ٿي ويا؟ ايندڙ نسلن لاءِ ڪهڙي قسم جو ورثو ڇڏي رهيا آهيون؟ مستقبل ۾ ساهه کڻندڙ ارواحن جو ڪو فڪر به اٿئون يا نه؟ امن ۽ سُڪون جي گهر سنڌ جي شهري توڻي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ جاري رت جي راند جو انت به ٿيندو يا نه؟ ماڻهو ڇا کي چئجي ۽ اسان جي وطن ۾ ماڻهپي جي محاوري کي ڪيئن ڪتب آڻجي؟ ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ شخص جي وات مان ڌپ اچي ته ڇا ڪجي؟ سندس هٿ پنهنجن جي خون سان رڱيل هجن ته پوءِ؟

مانوارا پڙهندڙ- ضرور بيزار ٿي ويو هوندين. مان به تو وانگر هن ڌرتيءَ ڄائو آهيان. ڄاڻان ٿو ته اسر ويل اک کولڻ سان سوال منهنجو پيڇو ٿا ڪن. اها به خبر اٿم ته اهڙي پڇا کان آجو تون به نه آهين. زمين مان اُسري نڪتل آشا نه پر هيانءَ جي سڄائيءَ سهاري اُڀري آيل چڱائيءَ جي اميد جي شبيهه ڪُلهي پائي جيئندان جو ڊگهو پنڌ ڪيئن ڪري سگهبو!؟ لازمي طرح مهل کان اڳ پوڙهو ٿي وڃبو. سو تون به ٿي ويو آهين. ته مان پڻ. مهل کان پهريائين پورو ٿي وڃبو. سو تون به ٿي ويندين ته مان به. هٺ سڄائي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻن جا ڪي معيار هوندا. منهنجي سمجهه موجب هڪ طريقو ضمير سامهون ٿيڻ آهي، پاڻ سان گفتگو ڪرڻ آهي. ذات جي اونداهن گهيڙن ۾ جهاتي پائڻ آهي. پروڙ رکڻ ته آءٌ اڪيلي فرد، سماج جي جُز ۽ وڏي ڪُل جي ننڍڙي ذرڙي جي حيثيت ۾ ڇا آهيان- سواليه نشاني نه هوندي به اسين کڻي ان کي سوال ڳڻيون. نه وسار ته ٻيا سوال تِڇ نه ٿا ٿي وڃن. انهن جا جواب به کپن. منهنجا پيارا، منهنجا جاني- اچ ته وقت آڏو بيهون. کانئس پڇئون ته اسان کي هن حال تي ڇاڪاڻ پهچايو اٿئي. ڌرتيءَ جي جنهن ٽُڪر تي پئدا ٿيا آهيون، اُتي ماڻهپي جو مطلب مختلف ڇو آهي؟ گهُٽ ۽ ٻوساٽ اسان جو نصيب ڇا لاءِ آهي؟ اماوس جي ڊگهي رات جو ڪو انجام ٿيندو يا نه؟

وري ٿو لکجي ته پاڻ سامهون ٿيڻ ۽ وقت سان مُهاڏي ۾ هجڻ جو هڪ فائدو ڊگهي ڄمار ماڻڻ آهي. سج لهڻ کان ٻئي اوڀر تائين هزارين راتيون پائڻ آهي. نه فڪر ڪر ته پيٽ بکيو آهين يا لڱ ڍڪيل نه اٿئي. تنهنجي تپسيا هڪ صبح جو سموري خلق کي آسيس ڏيندي. ٻيو نه ته سندن حيرانگين ۾ ڪمي آڻيندي. ڪيترن ئي سوالن جا جواب هوندي. کوڙ ساري ونڊ ۽ ڪَٽ جا پَاڇي. اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه. ماڻهپي کي سمجهڻ ۾ مدد.

همت ڪري اُٿ پيارا- حُقي جي پاڻيءَ ڀريل پيالو ويهاڻي ڀرسان اٿئي. چِپين ٻوٽيل اکين تي ڇنڊا هڻي نئين سج ڏانهن نهار. وقت تنهنجو سلامي ٿيندو. اُڀ تي ترندڙ سون ورنا بادل هنج ۾ هوندئي. رڳو رنج تنهنجو مقدر نه آهي. بيابان ۾ سر ڪندڙ سراپ کان گهڻو پَرتي ساوڪ ڀريل چشمو آهي. اوڏانهن هَلُ ته اُڃ اُجهائي اچون.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو