Home / افيئر / !بدين ۾ ٻوڏ ستايلن جو اٽو وڪرو ٿيڻ لڳو
above article banner

!بدين ۾ ٻوڏ ستايلن جو اٽو وڪرو ٿيڻ لڳو

 

بدين ۾ يوايس ايڊ پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل ڪڻڪ جي اٽي جون ٽي سئو پنجاھ ٻوريون ،بدين جي ڊي ڊي او روينيو ڊاڪٽر آصف طفيل پوليس سان گڏ ڇاپو هڻي هٿ ڪري ورتيون، اهي ٻوريون شهر جي مُک واپاري مرڪز قائد اعظم روڊ تان ان وقت هٿ ڪيون ويون جڏهن اهي هڪ خانگي گودام ۾ رکرايون پئي ويون،ڇاپي جي ٻئي ڏينهن روينيو کاتي بدين جي هڪ ڪوٽار جي فرياد تي بدين ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اهو اٽو بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آرگنائيزيشن بدين رورل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن(برڊس) جو آهي، ڇاپي کانپوءِ ڊي ڊي او روينيو ڀر پاسي جي دڪاندارن جا بيان به قلمبند ڪيا، انهي سلسلي ۾ بدين ٿاڻي جي اهلڪارن پهرين ڏينهن ٻڌايو ته اٽي جي هڪ ٽرڪ ،ٽي ڪي آر 385، ڊي آئي بي انچارج، ٿاڻي تي کڻائي آيو هو، ذريعن موجب انهي ڏينهن ڪافي ڪوشش ڪئي وئي ته ايف آءِ آر داخل نه ٿئي پر بدين جو ڊي پي او نئون ۽ سخت هئڻ سبب اين جي او جي “مالڪ” جي هڪ به نه هلي ،۽ ٻئي ڏينهن ايف آءِ آر داخل ٿي وئي،جنهن کانپوءِ جمعي جي ڏينهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري، واپاري امتياز ميمڻ،امتياز قاضي ۽ ٻيا موڪل تي ويل گهرو معاملن جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي فارم هائوس تي پهتا،جتي هنن سندس پُٽ حسنين مرزا سان ملاقات ڪئي، جتان به هنن کي سٺي موٽ نه ملي.

انهي سلسلي ۾ ڊي ڊي او ڊاڪٽر آصف طفيل ٻڌايو ته صحافين ئي کيس فون ڪري اهڙو اطلاع ڏنو هو،جنهن تي هن ڪارروائي ڪئي، ۽ ڀر پاسي جي ماڻهن به اها ڳالھه مڃي آهي ته اٽي جا انهي قسم جون ٽرڪون ايندون رهن ٿيون، هن پهرين ڏينهن اها ڳالھ ڪئي ته کين مئجسٽريٽي اختيار ناهن ،انهي ڪري هن اها ٽرڪ تحويل ۾ وٺي پوليس حوالي ڪئي آهي ،هاڻي پوليس پاڻ پنهنجي ڪارروائي ڪندي.پر ٻئي ڏينهن روينيو ئي فريادي بڻجي ڪيس داخل ڪرايو. انهي سلسلي ۾ جڏهن پهرين ڏينهن اين جي او جي اڳواڻ ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته“ اهو اٽو سندن آرگنائيزيشن جو آهي ،روينيو کي اهو اختيار ئي ناهي ته هو اسان جو اٽو ضبط ڪري،اسان کي ڊي ڊي او خاطري ڪرائي آهي ته هو اٽو واپس ڪري ڇڏيندا، جڏهن ته خانگي گودام جي مالڪ جي ڀاءُ تاج محمد ملاح ٻڌايو ته انهي اٽي سان سندن ڪوبه تعلق ناهي اسان پنهنجو گودام ڊاڪٽر آڪاش کي ڪرائي تي ڏنو هو، اسان کي اها خبر نه هئي ته جنهن ڏينهن اٽو لهندو انهي ڏينهن پوليس به پويان اچي ڇاپو هڻندي، بدين پوليس برڊس ٺٽي آفيس جي نمائندي مشتاق سومري،ٽرڪ ڊرائيور شير محمد ۽ انور ملاح مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي،

انهي سلسلي ۾ ايس پي جاچ اسد سرفراز “افيئر” کي ٻڌايو آهي ته اسان ورلڊ فوڊ پروگرام کي لکيو آهي ته هو وضاحت ڪري ته اهو اٽو واقعي هنن جو آهي ۽ چوري ٿيو آهي،جيڪڏهن چوري ٿيو آهي ته اهو ڪٿان ٿيو آهي،جڏهن ته ضلع حڪومت کي به لکيو آهي ته مقامي اين جي او جيڪڏهن واقعي اٽو ورهائڻ چاهيو ٿي ته ان جي قانوني پوزيشن ڇا آهي،۽ اهي قانون تحت ڪيئن پابند آهن،هن ٻڌايو ته جئين اسان وٽ جواب آيو ته اسان انهي جو چالان پيش ڪري ڇڏينداسين.ٻئي طرف ٽرڪ ڊرائيور گرفتاري بعد اهو ٻڌايو ته يوايس ايڊ جو اهو اٽو هن کي رات جو ٻارهين وڳي بدين پهچائڻو هو،۽ انهي جي 16 هزار رپيا مزدوري به طئي ٿي هئي، هو مڪلي مان اهو اٽو کڻي نڪتو ته رستي ۾ ٽرڪ خراب ٿي پئي،۽ کيس سڄي رات لڳي وئي.جڏهن ته ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ انهي قسم جي اٽي جون پندرنهن ٽرڪون ٺٽي پوليس تحويل ۾ ورتيون هيون، پر بعد ۾ في ٽرڪ هڪ لک رپيا رشوت ڏئي معاملي کي ختم ڪيو ويو. واضح رهي ته ٻوڏ کانپوءِ به بدبودار چانور متاثرن ۾ ورهائڻ کانپوءِ بدين ۾ مذڪوره سماجي تنظيم خلاف احتجاج ٿيندا رهيا آهن،

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري راڄوڻي طور اهي ڪو ششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ته ڪنهن به صورت ۾ ڪيس چالان نه ٿئي،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪيس چالان ٿي ويو ته سندس غيرسرڪاري تنظيم بليڪ لسٽ ٿيڻ جا خدشا موجود آهن. ان ڪري انهي ڳالھ جا امڪان آهن ته روينيو جي رپورٽ تبديل ٿي ويندي.ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کان تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ايس پي انويسٽيگيشن اسد سرفراز کيس سڏايو هو،ذريعن موجب ذڪر ڪيل“جڳاڙي” اسٽامپ ويندرن جون خدمتون حاصل ڪري انهن کان پراڻين تاريخن وارا قسم ناما خريد ڪري پراڻين تاريخن ۾ هڪ معاهدو تيار ڪيو آهي،جنهن ۾ اها ڳالھ ثابت ڪئي وئي آهي ته اهو گودام وٽن ڳچ وقت کان ڪرائي تي ورتل آهي، ذريعن موجب جيڪڏهن روينيو کاتو اين جي او جي حق ۾ رپورٽ جاري ڪئي ته بعد ۾ روينيو پاران لڳايل ڇاپي کي پڻ چئلينج ڪيو ويندو، انهي سلسلي ۾ ڪجھ ضامن به وچ ۾ آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو