Home / افيئر / !بلوچستان، جتي خوف ۽ دهشت جو راڄ آهي
above article banner

!بلوچستان، جتي خوف ۽ دهشت جو راڄ آهي

پاڪستان جي 62 ساله تاريخ ۾ ننڍين قومن سان جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو ويو تنهن اڄ قومن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. معاشي ۽ سياسي ڦرلٽ سماج اندر اڻ برابري، سماجي ڀڃ ڊاهه، معاشي ڪنگالپڻي، سياسي عدم استحڪام، بداعتمادي، رشوتخوري، نا اهلي جهڙيون بيماريون پيدا ڪيون آهن. جيڪڏهن ملڪ جي 62 ساله تاريخ ۾ ننڍين قومن خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ سان هڪ منصوبي تحت ڪيل ظلم، زيادتين، ڏاڍ ۽ ڏمر جا قصا لکجن ته هوند ڪيترائي ڪتاب ڀرجي وڃن پر ڪربلا جهڙو هي قصو پڄاڻيءَ تائين نه پهچي سگهي. سياسي ۽ جمهوري جماعت پيپلز پارٽي جڏهن اقتدار ۾آئي ته هن ماضي ۾ بلوچستان سان ٿيندڙ هر زيادتي تي معافي گهرندي بلوچستان جي مسلي کي سياسي انداز ۾ حل ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ٽي سال گذرڻ باوجود ڪجه ڪو نه ٿيوڳجهن ادارن پاران گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ عملي اپاءِ ڪو نه ورتا ويا جڏهن بلوچ اڳواڻن سياسي جمهوري ۽ پارليماني سياست کي وقت جو زيان ڪو ٺڻ شروع ڪيو ۽ مزاحمتي جدوجھد کي پنھنجي روشن مستقبل لا۽ آخري دڳ سمجهڻ شروع ڪيو، مزاحمت ۾ شدت اچڻ لڳي ته سرڪار معاملي کي ٺارڻ بدران باُھ تي تيل ھارڻ جو ڪم ڪيو ڳجهن ادارن پاران گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جاڏنڀ ڏنل ۽ چچريل لاش ملڻ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ به هلندڙ آهي ان سان ٿيو ڇا مسئلي کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ جو سياسي ۽ مفاھمتي دڳ پڻ بند ٿي ويو پر سياسي ۽ جمهوري سرڪار اڄ به معاملن کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ جي آس لڳايو ويٺي آهي.

گذريل مهيني جڏهن بلوچستان جي وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ رٺل بلوچ اڳواڻن ڏانهن ميڙ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو۽ چيو ويو ته سرڪار بلوچ پٺاڻ سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن کي ساڻ کڻي بلوچ قوم ۽ سياسي اڳواڻن کي راضي ڪرڻ لاءِ هر جتن ڪندي پر بلوچ سياسي اڳواڻن صوبائي سرڪار پاران بلوچن کي راضي ڪرڻ لاءِ ميڙھ وٺي اچڻ واري فيصلي کي رد ڪيو آهي بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته بلوچستان جو مسئلو ڪو قبائلي جهيڙو ڪونهي جنهن کي جرڳي يا ميڙھ سان نبيريو وڃي، هي سياسي ۽ قومي جنگ آهي اسٽيبلشمنٽ بلوچستان جو مامرو نبيرڻ لاءِ سنجيده ڪونهي ڳجهن ادارن ۽ اسٽيبلشمنٽ بلوچ قوم جي سياسي آواز کي بندوق ۽ گولي سان چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو آ هي ۽ انهي تي عمل ڪري پئي بلوچن کي چچريل لاشن جا تحفا پيا ملن. سندس چوڻ هو ته هڪ ڳالهج ته مڃڻي پوندي ته جيڪا سرڪار بلوچستان جي قبائلي نظام کي سدائين بلوچستان جي ترقي ۾ رنڊڪ ڪوٺيندي رهي اڄ کيس انهي نظام جو سهارو ٿو وٺڻو پوي پر اڄ ڳالهه جرڳن ۽ ڪميٽين جي جوڙڻ کان تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي ۽ اسين اهو به ڄاڻيون ٿا ته هي سرڪار بيوس،لاچار ۽ بي اختيار آهي، اسٽيبلشمنٽ انهي سرڪار کي ايتري اجازت ڪو نه ڏيندي نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل اڪبر بگٽي پڻ چيو آهي ته سرڪار بيوس ۽ لاچار آهي مامرن کي نبيرڻ لاءِ جرڳو ڪوٺائڻ جو ڊرامو پئي ڪري. بلوچ قومي مسئلي کي ڳالهين وسيلي نبيرڻ جو هر دڳ اسٽيلشمنٽ پاڻ بند ڪيو آهي ڳجها ادار گم ڪيل سياسي ڪارڪنن ۽ عام بلوچن جي نسل ڪشي پيا ڪن انهن جا چچريل لاش جهڙي نموني موڪليا پيا وڃن مونکي ڪو نٿو لڳي ته هاڻ به ڪو بلوچ سرڪار سان ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿيندو. سندس چوڻ هو ته سرڪار پاران بلوچ قوم کي راضي ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين پيون ۽ اهو پڻ چيو ٿو وڃي ته بلوچ قوم کي قومي ڌارا جي سياست ۾ شامل ڪيو ويندو پر اها ظالم ۽ جابر سرڪار بلوچن کي رڳو جيئرو رهڻ ڏي ته به سندس ٿورا مڃينداسين پر هي ته اسان کي مارڻ لاءِ پيا اچن. بلوچ ري پبليڪن پارٽي جي ترجمان شير محمد بگٽي ته سرڪار عالمي برادري جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش پئي ڪري اها نام نهاد جمهوري سرڪار آهي اصل حڪمراني اسٽيبلشمنٽ جي آهي جنهن جي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪا به تبديلي ڪونهي آئي ۽ اها اڄ به بلوچ قوم کي چيڀاٽڻ لاءِ هٿ پير پئي هڻي جڏهن ته بلوچ قوم جو مسلو اهو ڪونهي بلوچ جدوجهد قومي آزادي لاءِ آهي ڪو به جرڳو يا ميڙ بلوچ قوم کي قومي آزادي ڪو نه ڏيندو جڏهن ته آزادي پسند تنظيم بلوچ نيشنل وائس پاران اها دعوي پئي ڪئي وڃي ته جولاءِ 2010 کان 14 مئي 2011 ع تائين ڳجهن ادارن پاران غائب ڪيل 147 بلوچن جا چچريل ۽ ڏنڀ ڏنل لاش اماڻيا ويا آهن 8 مئي کان 14 مئي تائين ڏهه بلوچن جا لاش مليا آهن جن ۾ بي ايس او اڳواڻ آغا عابد شاه ،ماسٽر سفير،عبدالستار،طارق ڪريم ،اختر لانگو ،عبدالغني لانگو ،محمد جان ،جما ل بلوچ ۽ گوريلي ليڊر ۽ ويڙهاڪ ڊاڪٽر الله نذر بلوچ جو ڀاڻيجو دلجان بلوچ پڻ شامل آهن 147 لاشن منجهان 114 لاشن جي سڃاڻپ ٿي سگهي انهن الزام لڳايو آهي ته سگهارن ادارن پاران ڊيٿ اسڪواڊ جوڙيو ويو آهي جنهن کي بلوچن کي موت جي ننڊ سمهارڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. بلوچ نيشنل وائس پاران اهو پڻ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڳجهن ادارن پاران غائب ڪيل هزارين بلوچن کي اذيت ڏئي قتل ڪري سندن لاش ويرانن ۾ ڦٽا ڪيا ويندا يا کين قتل ڪري ڇڏيو ويو آهي بس لاش ڦٽا ڪرڻ جي دير آهي. هوڏانهن انساني حقن واري ڪميشن پڻ بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي چچريل لاشن جي ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي آصف زرداري پاران جوڙيل ڪاميٽي پڻ تيزي ساڻ رڳو اجلاس پئي ڪري جنهن ۾ نادر مگسي ،اعجاز جکراڻي،صادق عمراڻي،آيت الله دراني شامل آهن سندن چوڻ آهي ته بلوچستان جو مامرو ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ لاءِ ناراض بلو چ اڳواڻن سان رابطو ڪندا سرڪار جي دعوا پنهنجي جاءِ تي پر بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪمرانن بلوچ عوام کان معافي فقط ان ئي مقصد تحت ورتي هئي ته پوءِ کين ڪا ميار ڏيڻ ٺهي ئي نه ٿي. ٻي صورت ۾ عوام کي اهو ضرور ٻڌائڻو پوندو ته اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي هڪ جيئري جاڳندي قوم جو وجود برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهي ڪهڙا هٿ آهن، جيڪي بلوچستان جي عوام کي ملڪ کان ڪوهين دور ڌڪڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. اهي ڪهڙيون طاقتون آهن جن کان هن ملڪ جي قومن ۾ پنهنجائپ، پيار، هڪ ٻئي جو احترام ۽ برابري وارا لاڳاپا قائم ٿيڻ جون ڪوششون برداشت نه ٿيون ٿين. بلوچن کان معافي به انهن قوتن نه ورتي آهي، جنهن جا هٿ بلوچ عوام جي خون ۾ رڱيل آهن، پر انهن ورتي آهي، جيڪي اڄ به ان معاملي ۾ بي وس بڻيل آهن.

بلوچ عوام جي ڌرتي تي آپريشن جا پاڇا پڇاڙڪي سج وانگر جيئن پوءِ تيئن ڇو ٿا ڊگها ٿيندا وڃن. اڪبر بگٽيءَ، بالاچ مريءَ بلوچ اڳواڻن جا لاش ڌرتيءَ واسين ڏانهن ڪهڙا نياپا کڻي وڃن ٿا. جنرل مشرف جي آمريتي دور جي خاتمي بعد عوام منجهه اها اميد پيدا ٿي هئي ته مظلوم ماڻهن کي وڌيڪ لاش نه ملندا، سندن حقن ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪيو ويندو. ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين جا پيرا کڄندا، چور پڪڙي عوامي عدالتن ۾ آندا ويندا. ڦرلٽ جو حساب وياج سميت واپس ڪرڻو پوندو. پر هتي ته قصو ئي الٽو ٿو نظر اچي.

ملڪ جي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ سياسي پارٽين کي اقتدار جي حصي پتيءَ واري ڄنڊا پٽ مان فرصت ئي نه ٿي ملي. ته پوءِ هو هڪ قوم جي ڌرتيءَ تي لڳل باه جو سيڪ ڪيئن محسوس ڪري سگهنديون. رت ۾ ٻڏل ڌرتيءَ جو نوحو ڪير ٻڌي سگهندو.. اڄ به بلوچ مسئلي پويان بلوچ عوام سان ٿيل ناانصافين جو داستان ڳولڻ يا انهن کي تسليم ڪرڻ بدران مسئلي کي منجهائي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. بلوچ عوام جي دلين ۾ موجود درد جا سبب ڳولڻ لاءِ سرحدون اورانگهڻ بدران جبلن ۽ ٽڪرن جي پاڇي ۾ حياتيءَ جا آخري پساه کڻندڙ بلوچياڻيءَ کان معاملي جو نبيرو پڇيو وڃي ته سڀ سٽ سلجهي پوندا. جبلن ۾ جان جي امان ملڻ واسطي ڀٽڪندڙ پيرين اگهاڙن بلوچن کان پڇيو وڃي ته ملڪ ڪيئن سلامت رهي سگهي ٿو. ڇا حڪمرانن ۾ اها جرئت آهي ته هو ڳڀي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ بلوچ ٻارن کي اهو ٻڌائي سگهن ته معدني دولت سان مالامال ڌرتيءَ جا فرزند بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ڇو ٿيا آهن. گئس جي ذخيرن جا مالڪ چلهه گرم ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لاءِ ڇو ڪشالا ڪڍڻ تي مجبور آهن.

آئين ۽ قانون جون شقون تبديل ڪرڻ لاءِ پريشان سياستدان آخر بلوچ ماءُ جي ڳلن تي ڳڙندڙ ڳوڙهن تي ڇو نه ٿا سوڇين؟ ٿين. اعلى عهديدارن جي اختيارن ۾ هيٺ مٿانهين لاءِ سر پڪڙي سوچ ۾ ويٺل اقتداري دانشور هڪ ديس جي سيني مان وهندڙ رت ۽ سندس وجود کي لڳل باه جو سيڪ ڇو نه ٿا محسوس ڪري سگهن………!؟

 

ارشاد مستوئي

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو