Home / افيئر / !بِشني، جيڪي ماڻهن جا کيسا خالي ڪن ٿا
above article banner

!بِشني، جيڪي ماڻهن جا کيسا خالي ڪن ٿا

فور ايل بس واٽر پمپ جي اسٽاپ تي بيهي ٿي. ٽي ننڍي عمر جا خوبوصرت ڇوڪرا هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا، گوڙ ڪندا بلڪه ڳائيندا بس جي پٺئين گيٽ کان چڙهنٿا. بس معمول موجب ڀريل آهي، پر اهي ٽيئي رش جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ وچ ۾ زبردستي جاءِٺاهي نچڻ شروع ڪري ڏين ٿا. اهو سندن نچڻ جو انداز آهي، گڏوگڏ اهي پشتو ۾ گانا پڻ ڳائن ٿا.

”بي بي شيرين! زيڙي گلي راندي واچه واسور شال

جوڙا لاسونه…. بي بي شيرين!“

اهي گانو ڳائيندي هڪٻئي کي مسافرن ڏانهن ڌڪا ڏيڻ ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ ۾ مشغول رهن ٿا. اڪثر مسافر جيڪي پٺاڻ ئي هجن ٿا، اهي انجواءِ ڪن ٿا. انهن کي خبر ئي نٿي پوي ته ”موبائل ثقافتي ناچ“ جا باقي ٻه ميمبر جيڪي پوءِ چڙهيا هئا، اهي محفل موسيقي طرف متوجهه مسافرن جا کيسا خالي ڪرڻ جو ڪم وڏي مهارت سان ڪري رهيا آهن.

سهراب ڳوٺ جي ان گروهه ۾ ڪل پنج سهڻا ڇوڪرا شامل آهن، ۽ سندن مُک ”شيخا“ نالي سان مشهور آهي. اهو گروهه گهڻو ڪري شام جو سج لٿي کان سومهڻي تائين بسن ۾ چڙهندو آهي. ان گروهه جي ميمبرن جو انگ گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي. سندن مُک شيخا اهڙين وارداتن دوران کانئن پري رهندو آهي، پر جڏهن ڪو ڇوڪرو سڳ سوڌو جهلبو آهي ته هو ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ پڪڙيل بشني ڇوڪري کي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪندو آهي ۽ رڙيون به ڪندو رهندو آهي.

”بي غيرت کيسا ٿو ڪٽين، ڪميڻا حاجي صاحب جو کيسو ٿو ڪٽين، توکي نه ڇڏيندس، ٿاڻي تي هل“ ائين هو پنهنجي چيلي کي مسافرن يا پوليس جي مار موچڙي کان بچائي وٺندو آهي.

ڪراچي ۾ هن وقت لڳ ڀڳ ٽي سئو ماڻهو کيسا ڪٽڻ جي ڌنڌي سان واڳيل آهن. اهي انگ اکر هڪ پوليس آفيسر ٻڌايا، ان موجب رڳو خيرپور ضلعي جا ڏيڍ سئو ماڻهو اهو ڪم ڪن ٿا. جڏهن ته باقي ماڻهن جو تعلق ملڪ جي مختلف علائقن سان آهي. انهن بشنين جا واردات ڪرڻ جا طريقا به مختلف آهن. بليڊ سان کيسو ڪٽيندڙ ماڻهو اڌ بليڊ زبان جي هيٺان رکندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي بليڊ اُتان ڪڍي پهرين ٻن آڱرين جي وچ ۾ لڪائي واردات ڪري ويندا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته ملتان جي تعلقي شجاع آباد سان تعلق رکندڙ لال بيگي ماڻهو کيسا خالي ڪرڻ ۽ چوري چڪاري لاءِ جادو جو سهارو پڻ وٺن ٿا ۽ اهي اڪثر سيد بڻجي ماڻهن کي ڦري ويندا آهن. پنجاب جي علائقن ليه، ڀڪر ۽ سرگوڌا جي رهواسي عورتن جو ٽولو به ڪراچي ۾ اهڙين وارداتن ۾ ملوث آهي. جڏهن ته نوشهري فيروز سان تعلق رکندڙ ماڇين جي 40 ڄڻن جو ٽولو به ڪراچي ۾ درگاهن ۽ وڏين اسپتالن ۾ پنهنجي ٻار گم هجڻ جو بهانو ڪري وارداتون ڪندو رهي ٿو. کيسو ڪٽيندڙن جو هڪ مختصر گروهه پڙهيل لکيل ماڻهن تي به مشتمل آهي، جيڪو پنهنجي پوشاڪ ۽ ڏسڻ جي لحاظ کان معزز لڳندو آهي. انهن جي واردات جو طريقو اهو آهي ته اهي اخبار ۾ ڪنهن وڏي ماڻهو جي لاڏاڻي جي خبر پڙهي اتي پهچي ويندا آهن ۽ سوڳوارن سان رلي ملي وارداتون ڪندا آهن.

هڪ کيسو ڪٽيندڙ جو هٿيار يا صلاحيت اها هوندي آهي ته اهو پنهنجي شڪار يا ٻين ماڻهن جو ڌيان پاڻ تان هٽائي ڇڏيندو آهي، ۽ انهن جو ڌيان سندن کيسن ۾ موجود شين تان به هٽائڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ ان دوران پنهنجي واردات ڪري وٺندو آهي.

هڪ ماهر بشني فريد بوٽو ان حوالي سان پنهنجي فن جو باريڪ بينيون بيان ڪندي هڪ ئي نڪتي تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ اهو آهي ڌيان هٽائڻ. فريد بوٽو جو چوڻ آهي ته ”کيسو ڪٽيندڙ کي جيستائين اها صلاحيت نٿي اچي ته هو ماڻهن سان اهڙي طرح رلي ملي وڃي جو کين مٿس ڪو به شڪ نه ٿئي، تيستائين اهو ڪامياب نٿو ٿي سگهي. مثال طور هڪ ٻار گڏ رکي همدرد پيءُ ٿي سگهي ٿو. هو سياح طور پاڻ کي پيش ڪري سگهي ٿو يا ساٿي عورت جي آڙ ۾ پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿو. هڪ کيسو ڪٽيندڙ کي پنهنجي پوشاڪ ۽ رک رکاءُ جو به لحاظ رکڻ گهرجي. خوش پوشاڪ هجڻ معزز شهري جي علامت آهي. ان ڪري اهڙي ساٿي مسافر يا هجوم ۾ بيٺل اهڙي ئي معزز نظر ايندڙ شخص تي ڪنهن جو به شڪ نٿو وڃي سگهي ته اهو کيسو ڪٽيندڙ آهي.“

هٿ بلڪه آڱريون خاص طور تي آڱوٺو ۽ پهرين آڱر ڪنهن به کيسو ڪٽيندڙ لاءِ اثاثو هونديون آهن ۽ هو ان کي پنهنجي هٿيار طور استعمال ڪندو آهي. جيتري کيس آڱرين جي تيز رفتار پر غيرمحسوس چرپر تي قدرت هوندي آهي، ايترو ئي هو ان ڪم ۾ ماهر هوندو آهي. ان ڪم لاءِ کيسو ڪٽيندڙ فن جا استاد پنهنجي شاگردن کان سخت مشقت ڪرائيندا آهن. اهڙي ريت هو ان کي مارڪٽ ڪندو بس يا ڪوچ جي دروازي ڏانهن ڌڪيندو وڃي ٿو. آخرڪار موقعي جو فائدو کڻندي وارداتي ڇوڪرو گيٽ کان لهي ڀڄي ويندو آهي ۽ شيخا يا ته ان کي گاريون ڏيندي پنهنجي سيٽ تي واپس اچي ويندو آهي ۽ متاثر مسافر سان همردي ڪرڻ لڳندو آهي يا وري پاڻ به ڇوڪري جو پيڇو ڪرڻ جي اداڪاري ڪندي تبصرو ڪندو رهندو آهي ۽ اڳئين اسٽاپ تي لهي ويندو آهي.

آخر هجوم ۾ کيسي ڪٽجڻ جون وارداتون ڇو ٿيون ٿين؟

اهو سوال کڻي آءٌ هڪ ماهر بشني وٽ پهتس. ظاهر آهي ته هو پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ٿيڻ جو خطرو نٿو کڻي سگهي، ان ڪري اسان کيس شاهد خان چئون ٿا. شاهد خان مجاهد ڪالوني جو رهواسي آهي. هو پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي ٿو:

”دراصل رش ۾ ٿيندو ائين آهي ته ماڻهن کي ڌڪا به ايندا آهن، سندن جسم سان ٻين ماڻهن جا هٿ ۽ ٻانهون به ٽڪرائبيون آهن ۽ اهي مائينڊ ناهن ڪندا. ان ڪري اهڙين جاين تي اسان لاءِ آساني هوندي آهي ۽ اسان پنهجو ڪم ڪري وٺندا آهيون، ڪنهن کي خبر به ناهي پوندي. جنهن جي کيسي مان پئسا يا ڪجهه ٻيو ڪڍڻو هوندو آهي، اسان ان کي اڳ ۾ ئي تاڙي وٺندا آهيون. اسان جي تربيت دوران استاد اسان کي وڏي آسامي جي سڃاڻپ بابت خاص ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. اهڙا ماڻهو جن جا کيسا ڀريل هجن، انهن جي لوڏ ۽ چهري تي تسلي مان خبر پوندي آهي ته ان همراهه وٽ مال آهي. ان ڪري اسان ان کي اڳ ۾ ئي تاڙي هجوم ۾ سندس پويان يا ويجهو وڃي بيهي رهندا آهيون ۽ جڏهن موقعو ملندو آهي ته ڪارروائي ڪري وٺندا آهيون.“ کيسو ڪٽيندڙ بشنين جي هٿيارن يا پيشيور اوزان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم انهن جون باصلاحيت آڱريون ئي هونديون آهن. ان کانسواءِ اهي بليڊ به گڏ رکندا آهن. جنهن سان اهي کيسو ڪپي قميص کان الڳ ڪري کڻي ويندا آهن. ان کانسواءِ اهي ساڄي هٿ ۾ رومال به رکندا آهن ۽ ان ڪپڙي جي آڙ ۾ اهي هٿ اڳتي وڌائي ٽارگيٽ جي کيسي مان ڏوڪڙ، ٻٽون يا ڪا قيمتي شئي ڪڍي وٺندا آهن.

جيڪڏهن ٻه بشني ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪن ٿا ته پهرين هڪ اڳتي وڌندو آهي ۽ ٽارگيٽ ڪيل همراهه سان ٽڪرائجندي ان کي ٻئي بشني ڏانهن ڌڪو ڏيندو آهي، جيڪو موقعي جي تاڙ ۾ هوندو آهي ۽ صفائي سان ڪم ڪري وٺندو آهي. متاثر شخص جيئن ته ڌڪو ڏيندڙ همراهه ڏانهن ڌيان ڏيندو آهي، ان ڪري کيس معلوم ناهي هوندو ته ٻيو ڪير ساڻس ٻه هٿ ڪري ويو. ڪراچي جي انهن علائقن ۾ جتي تعليمي ادارا موجود آهن، اتي موجود بشني شاگردن جي روپ ۾ وارداتون ڪندا آهن. اهي بند سگنل يا رستي تي هلندي هلندي هٿ ۾ جهليل ڪتاب هيٺ ڪيرائي ڇڏيندا آهن، جيڪو شخص سندن شڪار هوندو آهي، اهو ڪم ٻيا ڇوڪرا ان جي ويجهو وڃي ڪري وٺندا آهن. اهو ماڻهو ڪتاب ڪرندي ڏسي اهي کڻڻ لاءِ بي اختيار جهڪندو آهي، ته اهي شاگرد جي روپ ۾ بشني سندس کيسي جو ڪم تمام ڪري ڇڏيندا آهن يا سندس ساٿي اهو ڪم ڪري وٺندو آهي ۽ ٻيو شاگرد ”مهرباني انڪل“ چئي اڳتي وڌي ويندو آهي. انڪل کي گهڻو پوءِ خبر پوندي آهي ته ساڻس ڇا ٿي گذريو؟

گجرانوالا جو پپو جيڪو سڀني کي تنگ ڪندو هو، گجرانوالا جي علائقي نوريا بازار رتيانوالا محلي ۽ فتو منڊ ۾ ڪڏهن ننڍا وڏا بشني رهندا هئا. ان کانسواءِ فتومنڊ جو ڪائونسلر طارق محمود ڊار به اتي رهندو هو، هو ڪائونسل هجڻ سبب اهو سمجهندو هو ته بشني سندس لحاظ ڪن ٿا، هڪ ڀيري موٽر سائيڪل تي سيالڪوٽي دروازي کان اچي رهيو هو ته طارق ڊار پنهنجي پويان ويٺل پپو کي چيو:

”اڙي پپو چون ٿا ته تنهنجو هٿ ماڻهو جو کيسو ڪپڻ کانسواءِ نٿو رهي. پر اڄ اها ڳالهه غلط ثابت ٿي وئي. تون ڪيتري نه شرافت سان منهنجي پويان موٽر سائيڪل تي ويٺو پيو اچين.“ پپو چوڻ لڳو:

”ڊار صاحب‘ توهان ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رهو. آءٌ ڳڻي چڪو آهيان ته توهان جي کيسي ۾ 15 هزار رپيا نقد آهن ۽ مان توهان کي هزار ۽ 500 وارن نوٽن جو انگ به ٻڌائي سگهان ٿو.“

طارق ڊار جڏهن اهو ٻڌو ته سندس هٿ ڏڪي ويا ۽ ٻئي فتو منڊ جي جناح روڊ تي موٽرسائيڪل تان ڪري پيا. پپو گهر ڀڄي ويو ۽ طارق ڊار پٽ تان اٿي پپو کي ڪافي دير تائين گاريون ڏيندو رهيو. ”ماضي ۾ پيلي ڀيت آئل ڊيپو ويجهو لياقت آباد ۾ کيسا وڌيڪ ڪٽبا هئا.“ منهنجو هڪ دوست افتخار ٻڌائي ٿو.

”هڪ ڀيري مون سان واردات ٿي ته آءٌ لکت ۾ شڪايت کڻي ٿاڻي تي هليو ويس. انچارج مون کي شام جو چڪر هڻڻ لاءِ چيو ۽ شام جو هڪ ٿلهي متاري شخص سان ملرايو ۽ ٻڌايائين ته هي هن علائقي جو پڙي پهلوان آهي. ان کي مون سڄو قصو ٻڌايو. ائين هن ٻئي ڏينهن گهرايو. جڏهن اڳئين ڏينهن شام جوآءٌ ٿاڻي ويس ته اهو ئي پهلوان ويٺو هو هن کيسي ۾ هٿ هنيو ۽ پئسا ڏيندي چوڻ لڳو: “اهي ئي هئا نه تنهنجا سوسو جا ٽي ڪڙڪ نوٽ؟ ميان اڇي ڪُڙتي جي کيسي ۾ اهي ڳاڙها نوٽ ته پري کان ئي نظر اچي ويندا آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪو غريب پنهنجي ڪاريگري ڏيکاري ته ان جو ڪهڙو ڏوهه؟ اڳتي هن علائقي مان هوشياري سان نڪرجانءِ.“

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو