Home / افيئر / !ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ميڊيڪل آفيسر جي ڊگري جعلي نڪتي
above article banner

!ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ميڊيڪل آفيسر جي ڊگري جعلي نڪتي

 

ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي کانپوءِ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي صوبن ڏانهن منتقلي واري مامري بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي في الحال صوبن ڏانهن منتقلي رد ڪئي وڃي، پٺيان اهم ڪارڻ اهو به هو ته جيڪڏهن هيڪ صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويندي ته پوءِ پارليامينٽ جي ڊگرين جي ڇنڊڇاڻ وارو “اهم” ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويندو، جڏهن ته هيڪ جي جيئن جو تيئن بحاليءَ لاءِ منظم طور پروپيگنڊا ڪندڙن جو به اهو موقف سامهون ايندو رهيو ته حڪومت هيڪ کي ان ڪري به صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ ٿي چاهي ته جيئن پارليامينٽرين جون ڊگريون تصديق واري عمل مان گذري نه سگهن ۽ سندن سيٽون بچي وڃن. بهرحال لاهور کان اسلام آباد جي پٽي تي رهندڙن ملڪ جي اصلوڪن حڪمرانن بظاهر نظر ايندڙ حڪمرانن کي گوڏا کوڙائي ڇڏيا ۽ هيڪ ڪجهه سالن لاءِ Devolution کان بچي وئي. سو هاڻ ايڇ اي سي چڪاس واري ڪم جو دائو وڌائي ڇاڪاڻ ته سياست هڪ اهڙو ڪم آهي جيڪو ڊگري کان سواءِ به ڪري سگهجي ٿو، پر ميڊيڪل اهو شعبو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو جعلي ڊگري کڻي سرڪاري نوڪري وٺي ميڊيڪل آفيسر ٿي وڃي ته اهو روزاني سرڪاري او پي ڊي توڙي نجي ڪلينڪ تي سوين قيمتي جانين سان کيڏي ٿي ۽ اهڙو ئي کيڏ ڪراچي ۾ به هڪ ڊاڪٽر گذريل 30 سالن کان کيڏي رهيو آهي،

ان شخصيت جو نالو ڊاڪٽر امتياز علي خان آهي، توهان مان ڪو به جيڪڏهن ڪراچي جي “سون جي کاڻ” ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي آفيس ۾ وڃي ڊاڪٽر امتياز علي خان جو نالو به کڻندو ته اوهان کي اداري جي آفيس جو هر ماڻهو ڊاڪٽر امتياز علي خان جي آفيس تائين پهچائيندو. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر امتياز علي گذريل 30 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وٺي ان اداري جو انتهائي مضبوط حصو آهي ۽ روزانو سون جي تعداد ۾ واٽر بورڊ جي ملازمن جو علاج به ڪري ٿو، پر سندس ڊگري ٻه سئو سيڪڙو ڪوڙي آهي.

ڊاڪٽر امتياز علي خان جي انتهائي ويجهن ذريعن افيئر کي ٻڌايو ته امتياز علي خان کي تڏهوڪي سيڪريٽري لوڪل باڊيز سنڌ ۽ هاڻوڪي صدر آصف علي زرداري جي پرسنل سيڪريٽري سلمان صديقي، پنهنجي هڪ ويجهي دوست جيڪو امتياز علي خان جو رشتي ۾ لڳ ڀڳ مامو ٿئي، جي چوڻ تي ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي (KDA) جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر جنرل زيڊ اي نظامي کان ميڊيڪل آفيسري جوآرڊر وٺي ڏنو هو ۽ پوءِ جڏهن KDA کي ٽوڙي ان مان مختلف ٻيا ادارا جوڙيا ويا ته ڊاڪٽر امتياز علي خان کي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ رکيو ويو ۽ موصوف بنا ڪنهن خوف جي هيڏي وڏي عرصي کان KWSB جي هزارين ملازمن ۽ سندن خاندانن جي ڀاتين جي زندگين سان کيڏي رهيو آهي.

انتهائي بااعتماد ذريعن “افيئر” کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر امتياز علي خان جي ڊگري جعلي هئڻ جي خبر ان وقت ڦاٽ کاڌو جڏهن امتياز علي خان ۽ سندس ويجهن عزيزن وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار ٿي پيو ۽ معاملو وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي دروازي تائين پهتو، سندس مائٽن پنهنجي وڪيل بئريسٽر سيد اقبال احمد جي ذريعي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان امتياز علي خان جي تڏهوڪي ايڊريس جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته تڪرار ملڪيت جو هو ۽ سندس پراڻ ايڊريس جي ضرورت سندس ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پئي، بهرحال جڏهن بئريسٽر سيد اقبال احمد سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کي اهڙو ليٽر لکيو ته جوابي ليٽر نمبر F 6-5/2008/5T/389 ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته مسٽر امتياز علي خان ولد محمد علي خان پنهنجي MBBS جي فائينل پروفيشنل سالياني ۽ سپليمينٽري امتحان 9-1978ع ۾ رول نمبر 450 تحت ويٺو، پر امتحان پاس نه ڪري سگهيو.

ليٽر وڌيڪ ٻڌائي ٿوته ڪاليج جي موجوده رڪارڊ موجب امتياز علي خان ٻيهر امتحان ۾ نه ويٺو ۽ نه ئي فيل پيپر ڪليئر ڪيا اٿائين. ان ڪري اوهان کي عرض آهي ته براءِ مهرباني يونيورسٽي آف ڪراچي سان وڌيڪ ويريفڪيشن لاءِ رابطو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي يونيورسٽي ان وقت ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي رڪارڊ جي ڪسٽوڊين هئي. جنهن بعد بئريسٽر سيد اقبال احمد وري ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن ڪراچي يونيورسٽي کي اهڙو ليٽر لکيو، جنهن جي جواب ۾ ليٽر نمبر Exam/CE/ed/2008/661 آف ايگزامينيشن ڪراچي يونيورسٽي اهو لکيو ته مسٽر امتياز علي خان ايم بي بي ايس جي فائنل امتحان 1977ع ۾ اينرولمينٽ نمبر SMC-450 تحت ويٺو ۽ ٻن سبجيڪٽن ۾ فيل ٿيو ۽ هن جي رزلٽ فيل ظاهر ڪئي وئي.

ليٽر وڌيڪ چاڻائي ٿو ته امتياز علي خان سپليمينٽري امتحان 1977ع ۾ به فيل ڊڪليئر ڪيو ويو.

وڌيڪ لکيو ويو ته امتياز علي خان زندگي ۾ ڪنهن به وقت ايم بي بي ايس فائنل جو امتحان ڏئي سگهي ٿو پر اسان جي رڪارڊ ۾ اهڙي ڪا به معلومات ناهي، ان ڪري ان بابت اوهان سڌو سنئون امتياز علي خان کان پڇي سگهو ٿا.

ڪراچي يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر جوابي ليٽر سان گڏ امتياز علي خان جو سالياني ۽ سپليمينٽري ۽ امتحانن واريون مارڪ شيٽون به موڪلي ڏنيون، جن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته امتياز علي خان ايم بي بي ايس جي فائنل سالياني امتحان ۾ ميڊيسن، ڪلينيڪل اينڊ پريڪٽيڪل، آئي اوپٿالاجي ۽ ميڊ وائفري ۽ گائنلڪالاجي جي پيپرن ۾ فيل آهي، جڏهن ته ساڳي امتحان جي سپليمينٽري واري مارڪ شيٽ ۾ اهو ظاهر ٿيل آهي ته ميڊيسن ۽ آئي اوپٿالاجي يعني ٻن سبجيڪٽن ۾ فيل آهي. پر هن شعبي ۾ ناپاس هئڻ باوجود جعلي ڊگري ذريعي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل آف پاڪستان کان سرٽيفڪيٽ به وٺي ورتو، جنهن ۾ سندس رجسٽريشن نمبر 5-3142 آهي ۽ خانداني واسطن جي ڪري سرڪاري نوڪري به اتي ڇڏي ۽ گذريل 30 سالن کان وڌيڪ عرصي کان نوڪري ڪري به رهيو آهي. ان حوالي سان جڏهن افيئر طرفان بئريسٽر اقبال احمد سان رابطو ڪيو ويو ته هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ها، ڊاڪٽر امتياز علي خان جي ڊاڪٽر واري ڊگري ڪوڙي آهي، جنهن جي تصديق هن پاڻ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪرائي آهي، مٿي ڄاڻايل ليٽرن جون ڪاپيون ڏيکاريندي بئريسٽر اقبال احمد چيو ته مون کي ته حيرت آهي ته ڊاڪٽر جهڙي نوڪري، جنهن کي نڀائڻ لاءِ مڪمل پڙهائي جي ضرورت هوندي آهي، ان کي هي فيل شخص، جعلي ڊگري ذريعي هيترن سالن کان هلائي ڪيئن رهيو آهي. ان ئي حوالي سان جڏهن افيئر طرفان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊجي آفيس جو چڪر لڳايو ويو تڏهن خبر پئي ته ڊاڪٽر امتياز علي خان صرف نارمل روٽين جي بيمارين يعني بخار، زڪام، کنگهه، مٿي ۾ سور ۽ هلڪين ڦلڪين بيمارين جو علاج ڪندو آهي، جڏهن ته وڌيڪ بيمارين يا سيريئس مريضن کي هو هڪدم وڏي اسپتال لاءِ Refer ڪندو آهي.

ڊاڪٽر امتياز علي خان جي حوالي سان سندس جي انتهائي ويجهي رهندڙ ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته امتياز علي خان جو والد اي محمد علي خان انڊين آرمي جو ميجر هو. سندس ماءُ ۽ پيءُ وچ ۾ تمام گهڻو تڪرار ٿيندو هو جنهن جي نتيجي ۾ هن جي ماءُ مڙس کان طلاق وٺي پٽ سميت ڪراچي ۾ رهندڙ سندس ڀائرن وٽ هلي آئي. ان ڪري اهو ملڪي قانون آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص جو پيءُ انڊين آرمي ۾ هجي ته ان کي پاڪستان جي ڪنهن به کاتي ۾ ڪا به نوڪري نه ٿي ملي سگهي ۽ امتياز علي خان طرفان هميشه اها ڳالهه لڪائي وئي آهي ته ڪو سندس پيءُ انڊين آرمي ۾ ميجر به هو.

ان سڄي صورتحال تي ڊاڪٽر امتياز علي خان جو موقف وٺڻ لاءِ افيئر طرفان ڪراچي واٽر بورڊ جا ڪيترائي چڪر لڳايا ويا، پر هو روبرو ملي نه سگهيو.

جڏهن ته ٽيليفون ذريعي افيئر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر امتياز علي خان چيو ته مان Geniune ڊاڪٽر آهيان، ۽ منهنجي ڊگري به بلڪل سچي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه ماڻهو منهنجي خلاف سازش ڪري رهيا آهن، جن جي ئي ڪري سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي وارا به مون سان دشمني ڪري رهيا آهن، آخر ۾ فون ڪٽيندي هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيندو جو هڪ Geniune ڊاڪٽر کي ڪوڙو قرار ڏنو ويندو، جيڪو مون سان سراسر ظلم هوندو.

ان سلسلي ۾ جڏهن لوڪل گورنمينٽ ۽ رورل ڊيولپمينٽ جي صوبائي وزير آغا سراج دراني سان “افيئر” طرفان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته مون کي ڊاڪٽر امتياز علي خان واري مامري جي بلڪل به خبر ناهي، باقي اوهان چئو ٿا ته پوءِ مان ان جي جاچ ڪرائيندس ۽ جيڪڏهن سندس ڊگري واقعي به ڪوڙي ثابت ٿي ته ان خلاف سخت کان سخت ايڪشن کنيو ويندو.

ان سڄي صورتحال مان هڪ ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ ڌارين ڪوڙين ڊگرين ذريعي تمام گهڻيون سرڪاري نوڪريون ورتيون آهن ۽ سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن. جڏهن ته افيئر جا انتهائي باخبر ذريعا اهڙن ئي انتهائي اهم ادارن جي اهم پوسٽن تي تي ويٺل ماڻهن جي ڊگرين بابت به سرٻاٽ ڪري رهيا آهن.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته HEC کي نه رڳو پارليامينٽرين پر ڪراچي توڙي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ وڏين وڏين سرڪاري نوڪرين تي ويٺل 60 واري ڏهاڪي کانپوءِ لڏي آيل ڪامورن جي به ڊگرين جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ڌارين کي هڪ ايجنڊا تحت سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ ان دور ۾ ڊگري چڪاس وارو شرط به نه هو.

ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر امتياز علي خان جي حوالي سان به ذريعا اهو ٻڌائين ٿا ته کيس به صرف Short CV تي ميڊيڪل آفيسر جو آرڊر ڏنو ويو هو ۽ اڄ ائين KWSB جي رڪارڊ ۾ سندس تعليمي سَندُن جو فائيل موجود ناهي.

ليکڪ روزاني بزنيس رڪارڊر ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري ٿو.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو